شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

2007 کان 2017 تائين نوبل انعام ماڻيندڙ اديب


صبح 05 لڳي 03 منٽ -سومر 18 جون 2018  100 
image-1

حصو ٻيو:

فائيل فوٽو

2013: سال 2013 ۾ ادب جو نوبل انعام ايلس منورو کي مليو. هوءَ ڪينيڊا جي ڪهاڻيڪاره آهي، سندس جنم 1931 ۾ ٿيو. هن وقت تائين سندس ڪهاڻين جا 14 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ايلس کي ڪهاڻي پڻي جي حوالي سان موجوده دور جو ماسٽر سمجهيو وڃي ٿو ۽ هوءَ 13 هين عورت آهي جنهن کي نوبل انعام مليو آهي. ايلس هن وقت 87 سالن جي آهي.

 

فائيل فوٽو

2014: پيٽرڪ موڊيانو فارنسيسي ناولنگار آهي، سندس جنم 1945 ۾ ٿيو. هن 1968 ۾ 22 سال جي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ هن وقت تائين 30 ناول لکي چڪو آهي، سندس گهڻو ڪم فرانس جي تاريخ ۽ سياست جي حوالي سان ٿيل آهي. هو هن وقت 72 سالن جو آهي.

 فائيل فوٽو

2015: ويٽلينا ايلڪسوچ روس جي صحافي ۽ نثر نويس آهي، سندس جنم 1948 ۾ ٿيو، هن وقت تائين سندس مختلف ٻولين ۾ 25 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، هن خاص طور جنگ دوران رپورٽنگ ۾ مهارت حاصل ڪئي ۽ جنگن دوران عورتن سان ٿيندڙ ظلمن کي پنهنجي قلم سان دنيا آڏو پيش ڪيو. سندس ڪتاب وار ڊس ناٽ هيو اي وومينز فيس  ڇپيو ته دنيا ۾ هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو. هوءَ هن وقت 70 سالن جي آهي.

 فائيل فوٽو

2016: باب ڊيلن آمريڪي شاعر ۽ ڳائڻو آهي، سندس جنم 1941 ۾ ٿيو، گذريل پنج ڏهاڪن تائين دنيا جي پاپ موسيقي تي باب جو تمام وڏو اثر رهيو آهي، باب پنهنجي شاعري ۾ سياسي مسئلن، فلسفي ۽ سماجي مسئلن جي نشاندهي ڪندو آهي. 1962 کان وٺي هن شاعري ۽ ڳائڻ شروع ڪيو. هو هن وقت 77 سالن جو آهي.

 فائيل فوٽو

2017: ڪازو ايشيگورا اصل نسل ته جاپاني آهي پر هُن زندگي جو وڏو حصو برطانيا ۾ گذاريو آهي، سندس جنم 1954 ۾ جاپان جي شهر ناگاساڪي م ٿيو، جنهن تي ٻين جنگ عظيم دوران ايٽمي حملو ٿيو هو، ڪازو جو خاندان برطانيا ۾ اچي رهيو. ڪازو پنج سالن جي عمر کان لکڻ شروع ڪيو. هن وقت تائين سندس 7 ناول ڇپجي چڪا آهن، ان کانسواءِ ڪازو ڪيترائي ڊراما پن لکيا آهن، جڏهن ته شاعري پڻ ڪئي آهي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment