شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

ضرورت آهي، ملڪ رياض کي


صبح 10 لڳي 44 منٽ -جمعو 15 جون 2018  196 
image-1

 

پاڪستان جا ٻه سڀ کان وڏا مسئلا اهڙا آهن، جن تي اسان صحافي به گهڻي ڳالهه ٻولهه نه ڪندا آهيون. شايد ان ڪري جو انهن مسئلن تي رڙندڙ رنڀندڙ هيڊلائينون ٺاهڻ ڏکيو ڪم آهي ۽ اهي مسئلا ايترا ڳنڀير ۽ گهڻ رنگا آهن جو ڪنهن ٽِڪر ۾ به فٽ نٿا ٿي سگهن.

پر مون جڏهن ڪنهن پورهيت، پگهاردار، ننڍو واپار ڪندڙ، پيٽ ڪاٽي ٻارن کي تعليم ڏيندڙ ڪنهن شهري سان ڪچهري ڪئي آهي ته مون سدائين اهو ئي ٻڌو آهي ته بس ٻه ئي مسئلا آهن، ڇوڪرين کي سٺا سڱ نٿا ملن ۽ ڇوڪرن کي نوڪري نٿي ملي.

ڀلو ٿئي تحريڪ انصاف جو، جنهن پنهنجي منشور ۾ لکين نوڪريون پيدا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. رشتن جي معاملي ۾ اهو منشور ماٺ آهي، ڇاڪاڻ ته پارٽي قيادت جي تجربن مان ثابت ٿي چڪو آهي ته جوڙا ٺهندا ته آسمانن تي آهن پر ٽٽندا زمين تي آهن. ان ڪري معاملو خدا تي ڇڏيو وڃي.

جيڪڏهن توهان انهن ماڻهن مان آهيو، جيڪي اڃا به ڪاغذ واري اخبار پڙهن ٿا ۽ ڪُل جهان جون خبرون فيس تي پڙهي گذارو ڪن ٿا ته توهان کي ڄاڻ هوندي ته اخبار ۾ خبرن کانسواءِ اڃا به گهڻو ڪجهه هوندو آهي. ستارن جو حال، طبي مشورا، روحاني مسئلن جو حل، لفظي ڳجهارتون، جن کي حل ڪري توهين لکين رپين جو انعام کٽي سگهو ٿا پر منهنجي سڀ کان وڻندڙ اخباري وندر ڪلاسيفائيڊ اشتهار هوندا آهن، جن ۾ ويلڊنگ جو ڪم، پلمبر جون خدمتون، نسلي ڪتا، ناياب پکي، وڪري لاءِ پلاٽ ۽ رشتي جي ضرورت وغيره. ٽن چئن سٽن جا اشتهار هوندا آهن.

ان سيڪشن ۾ به منهنجو سڀ کان وڻندڙ ’ضرورت آهي‘ جا اشتهار هوندا آهن. اهو نوڪرين وارو حصو آهي. جڏهن ته زندگي ۾ پاڻ اڍائي نوڪريون ڪيون آهن، پر اهو سيڪشن پڙهي سدائين هڪ خوشگوار حيرت ٿيندي آهي ته هن وطن عزيز ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڌنڌا پيا آهن ۽ ڪهڙو ڪهڙو اجر آهي، جيڪو پنهنجي ڪم لاءِ مزدور ڳولي رهيو آهي.

فائيل فوٽو

ڪنهن زماني ۾ بابوئن جي ضرورت هوندي هئي ته قابليت جو شرط بي اي جي ڊگري ۽ 30 لفظ في منٽ ٽائپنگ اسپيڊ هوندي هئي. اڄڪلهه ڪمپيوٽر، فوٽو شاپ ۽ پروگرامنگ واري نوجوانن جي گهڻي ضرورت آهي. ڪيٽرنگ وارا ڪم گهربل آهن. گهڻو ڪري نوڪرين ۾ انهن نوجوانن کي ترجيح ڏني ويندي آهي، جن وٽ پنهنجي موٽرسائيڪل هجي. سيڪيورٽي گارڊز جي گهڻي گهرج آهي ۽ انهي انتهائي محنت واري ۽ انتهائي بورنگ ڪم لاءِ ريٽائرڊ فوجين کي ترجيح ڏني ويندي آهي ۽ جيڪڏهن انهن وٽ لائسنس واري بندوق هجي ته نوڪري پڪي.

انهي تناظر ۾ هڪ اشتهار ڏٺم، جنهن کي ڏسي حيرت ته نه ٿيڻ گهرجي ها پر ٿي. اشتهار موجب ملڪ جي سڀ کان وڏي تعميراتي اداري بحريه ٽائون کي جيڪو سموري ملڪ ۾ گهر، پلاٽ، فائل ۽ دبئي جهڙي رهائش جا خواب وڪڻي ٿو، انهي کي ضرورت آهي، ريٽائرڊ جرنيلن ۽ ججن جي.

فقط ميجر جنرل ۽ ليفٽيننٽ جنرل نوڪري لاءِ اهل آهن يا هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا جج. گڏوگڏ ننڍڙو شرط اهو به هو ته همراهه تازو تازو ريٽائرڊ ٿيل هجي.

ان سان اهو به ياد اچي ويم ته هڪ ڀيري ملڪ رياض کي هڪ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾پيش ٿيڻو هو ته هن سان گڏ عملي ۾ ايترا تازه تازه ريٽائرڊ جنرل هئا جو ڪنهن اٻوجهه چيو ته ملڪ صاحب چاهي ته پنهنجو ڪور ڪمانڊرن جو اجلاس به گهرائي سگهي ٿو.

ملڪ صاحب سان پاڪستان جا ماڻهو ۽ خاص طور اسان جي ميڊيا وارا ڀائر انتهائي عقيدت رکن ٿا ۽ ڪي ته سمجهن ٿا ته جنهن پاڪستان جو خواب علامه اقبال ڏٺو هو اهو بحريه ٽائون جي شڪل ۾ ملڪ صاحب ٺاهي ڇڏيو آهي، باقي سمورو ملڪ ته ڪچرو آهي.

بحريه ٽائون جي هڪ مسجد جو افتتاح ته امام ڪعبه اچي ڪيو هو، اسان جي ججن ۽ جرنيلن جا ڀاڳ ڀلا آهن جو انهن لاءِ ’ضرورت آهي‘ جا اشتهار ڏنا پيا وڃن.  

ايترن تازن تازن ريٽائرڊ ۽ سينيئر جرنيلن مان ظاهر آهي ته سيڪيورٽي وارو ڪم ته نه ورتو ويندو. اسان جي تازن ريٽائرڊ جرنيلن کي پراپرٽي جي ڪم جو گهڻُو تجربو به ڪونهي. انهن کي چار ڇهه پلاٽ وٺڻا هوندا آهن ته اهي ضابظي ڪار تحت پاڻ ئي ملي ويندا آهن پر پوءِ سمجهه ۾ آيو ته اڄڪلهه بحريه ٽائون ڏکڻ ايشيا جون سڀ کان وڏيون مسجدون، 24 ڪلاڪ کليل رهندڙ راڻي باغ سان گڏ گالف ڪورس ٺاهي رهيو آهي ته تازه ريٽائرڊ جنرل شايد ان گالف ڪورسز جي رونق وڌائڻ لاءِ آهن، ڇاڪاڻ ته اهو ته توهان جي ڄاڻ ۾ هوندو ته اسان جي سينيئر عسڪري قيادت گالف سان گهڻي دلچسپي رکي ٿي.

پر ملڪ رياض کي تازو ريٽائرڊ ٿيندڙ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي ضرورت ڇو پئي آهي. ملڪ رياض تي زمينن تي قبضي کان وٺي پاڻي چوري جي درجنين ڪيس حاسدن ڪيا آهن، پر اسان جي عدليه جو ڪهڙو سينيئر جج اهڙو هوندو، جيڪو ريٽائرڊ ٿيڻ کان ترت پوءِ ملڪ رياض جي ڪيس جي فائل کڻي پاڻ کان جونيئر ججن اڳيان شنوايون ڪندو رهي.

پوءِ خيال آيو ته اسان جا ڪئين سينيئر جج بنهه خوش مزاج آهن. توهان نوٽ ڪيو هوندو جنهن ڏينهن به صبح جو ڪا وڏي عدالت لڳندي آهي، ٽي وي تي هڪ طنز ۽ مزاح شروع ٿي ويندو آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن لاهور واري امان الله ۽ ڪراچي واري يوسفي صاحب جو سهڻو ميلاپ لڳندو آهي. يقينن ملڪ رياض کي تازن تازن ريٽائرڊ ججن جي ان لاءِ ضرورت آهي ته جيئن سمورو ڏينهن پلاٽ ڪٽڻ ۽ خواب وڪڻڻ کانپوءِ ٿڪ لاهڻ لاءِ سندس ڪمپني مان مزو ماڻي سگهي.

هونئن ته اخبارن ۾ اشتهارن سان گڏوگڏ ٻارن جو به هڪ سيڪشن هوندو آهي، جن ۾ سبق ڀرين ڪهاڻين سان گڏوگڏ ٻارڙن جا لطيفا به هوندا آهن. ’ضرورت آهي‘ جو هڪ اشتهار پڙهي هڪ اميدوار انٽرويو ڏيڻ لاءِ پهتو ۽ اشتهار واري کان پڇيائين ته مون کي ڪهڙو ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪو خاص نه بس روز داتا درٻار وڃڻو پوندو، پاڻ اتي ماني کائي وٺجان ۽ مون لاءِ کڻي اچجان.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment