شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

جڏهن چرنوبال جو خوبصورت شهر مٽي جو ڍير بڻجي ويو


صبح 06 لڳي 57 منٽ -خميس 14 جون 2018  145 
image-1

چرنوبال، يوڪرين  جو هڪ ننڍڙو خوبصورت شهر آهي جنهن جو هاڻ جڏهن نالو وٺجي ٿو ته ان سان 31 سال اڳ اپريل 1986 ۾ ٿيل لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو ذهن تي تري اچي ٿو، جنهن جي هڪ ريئڪٽر جي ڌماڪي سان ڦاٽڻ کانپوءِ باهه لڳي جيڪا ڏهن تائين مسلسل ٻرندي رهي،   تابڪار مادي جو تمام وڏو مقدار وائيمنڊل ۾ خارج ٿيو ۽ تابڪار ڪڪر سڄي يورپ تي ڇانئجي ويا. تابڪار مادي جي وڌ ۾ وڌ غلاظت ريئڪٽر واري علائقي مٿان ڇانيل رهي جيڪي هن وقت بيلارس، رشيا ۽ يوڪرين جا حصا آهن.

 حادثي جي پهرين ڏينهن ۾ هنگامي حالتن ۾ ڪم ڪندڙ 1000 فرد متاثرٿيا. هنگامي بنيادن تي زبردست ڪوششن رستي هڪدم آسپاس جي انساني آبادين کي خالي ڪرائي ويجهي شهرپريپيت جي 45000 آبادي کي محفوظ هنڌن تي پهچايو ويو. جيسيتائين پريپيٽ جي شهرين کان شهر خالي ڪرايو ويو تيسيتائين ڪيترا تابڪاريءَ سبب بيمار ٿي پيا جنهن سبب کين  الٽيون، مٿي جو سور ۽ بيماريءَ جي خطرناڪ قسمن ۾ مبتلا ٿيا. ڪيترا انسان موت جو شڪار ٿيا ته اڻڳڻيا تابڪاريءَ جي هاڃيڪار اثرن سبب دائمي بيمارين ۾ مبتلا ٿي چوڙڻ لڳا.    

   ڌماڪي سبب اهڙي ته بدتر تباهي پيدا ٿي جنهن جو هن وقت تائين دنيا ۾ مثال موجود ڪونهي.  ڌماڪي جي ڪيترن سالن گذري وڃڻ کانپوءِ جيتوڻيڪ سائنسدان تحقيق ڪندا ۽ سرڪار جاچ ڪندي رهي آهي پر تنهن هوندي به ڪيترن سوالن جا جواب نه ڏنا ويا آهن جهڙوڪ: ڌماڪي سبب خارج ٿيندڙ تابڪاريءَ جا انهن فردن جي صحت تي ڪهڙا ۽ ڪيترن نسلن تائين دور رس پيدا ٿيندا رهندا جيڪي ان ۾ وائکا ٿيا.  

فائيل فوٽو 

 چرنوبل حادثي ٿيڻ جي چئن مهينن اندر 28 پورهيت موت جي منهن ۾ هليا ويا جن ۾ ڪي اهڙ به هيا جن تابڪاريءَ کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ ڄاڻي واڻي پنهنجي زندگي داءَ تي لڳائي ته جيئن وڌيڪ انسانن کي تباهه ٿيڻ کان بچائي سگهجي.

 جيئن ته ڌماڪي وقت هوا ڏکڻ ۽ اوڀر طرف لڳي رهي هئي ان سبب تابڪاريءَ جا گھڻا ڪڪر به اتر ڏانهن يعني بيلارس طرف پکڙبا رهيا. سوويت اختياريون بيلارس ڌماڪي سبب پيدا ٿيندڙ تابڪاريءَ جي خبرون ٻاهرين دنيا سان سستيءَ سان ونڊي رهيون هيون. جڏهن تابڪاريءَ سويڊن جي نيوڪليائي پلانٽ جي خطري جي گھنٽي وڄائڻ شروع ڪئي ته سويت اختيارين مجبور ٿي اصلي سنگين صورتحال جو اعلان ڪيو.

چرنوبل ڌماڪي کان ستت پوءِ ائٽمي پاور پلانٽ جي آسپاس موجود ٻيلن جا وڻ تابڪاري سبب تباه ٿي ويا ۽ سڄو علائقو “ڳاڙهي ٻيلي” ۾ تبديل ٿي ويو جنهن جو ڪارڻ سڀني سڙي ويل وڻن جو رنگ تيز ناسي ٿي وڃڻ هيو. تابڪاريءَ سبب جيڪي وڻ تباهه ٿي ويا تن سڀني کي پاڙان پٽي اونهين کاهين ۾ پوريو ويو ته جيئن منجهانئن تابڪاري خارج ٿي وڌيڪ تباهي ڦهلائي نه سگهي. ڌماڪي کانپوءِ 200 ٽن تابڪار مادي کي ڪنڪريٽ جي تابوت ۾ پوريو ويو.     

فائيل فوٽو  

اڄ سڄيءَ دنيا ۾ اهو علائقو جهنگلي جيوت جي هڪ منفرد “رک” (sanctuary) طور مشهور آهي جتي ڪيترن قسمن جا جهنگلي جانور جهڙوڪ: بگهڙ، هرڻ، جهنگ ٻلا، لڌڙا، باز، مرون، رڇ هن خاموش نيوڪليئر پاور هائوس جي چوگرد گھاٽي ٻيلي ۾ واڌ ويجهه ڪري رهيا آهن. ساڳي وقت هن علائقي ۾ اهڙا ڄامڙا وڻ ۽ جانور جن جي جسمن ۾ ‘سيسيم’ 137 تابڪار مادو آهي جِي رهيا آهن. 

 ڌماڪي جي چئن مهينن کانپوءِ تابڪاريءَ لڳڻ سبب چرنوبال جا 28 ملازم فوت ٿي ويا جن ۾ ڪيتراهڙا به هيا جيڪي تابڪاري روڪڻ جي ڪوششن ۾ هيا ته جيئن وڌيڪ انسانن کي ان جي خطرناڪ اثرن کان بچائي سگهجي.

ڌماڪي جي 36 ڪلاڪن کانپوءِ، چرنوبال ويجهو پريپيٽ شهر جنهن جي آبادي اٽڪل 45000 هئي شهرين کي اهو چئي مڪمل طور تي خالي ڪرايو ويو ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هو وري واپس پنهنجن وٿاڻن تي واپس موٽايا ويندا ته جيئن پنهنجو سازسامان کڻي سگهن پر کين وري ڪڏهن به واپس نه آندو ويو.

 چرنوبال سبب ڪيترا فرد بيمار ۽ موت جو شڪار ٿيندا ان جو اندازو لڳائي سگهڻ ناممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته تابڪاري پري پري هنڌن تائين جهڙوڪ اتر انگلئنڊ تائين پکڙجي چڪي هئي جتي رڍن کي ان سب ماريو ويو جو اهي تابڪاريءَ ۾ متاثر ٿي چڪيون هيون ۽ ائٽمي برسات آئرلئنڊ تائين پهچي چڪي هئي.

هڪ اندازي مطابق زمين جا 63000 همچورس ڪلو ميٽر چرنوبال ڌماڪي سبب خطرناڪ حد تائين متاثر ٿي چڪا هيا ۽ تقريبا 4.5 ملين انسان اڃان به زمين جي اهڙي ٽڪري تي رهندڙ هيا جيڪا تابڪاريءَ سبب غليظ ٿيل آهي.

350000 کان وڌيڪ ماڻهن کي تابڪاريءَ جي اثرن کان بچائڻ لاءِ سلامتي وارن هنڌن تي منتقل ڪيو ويو.    حادثي جي شروعاتي مهينن ۾ فصل، گوشت ۽ کير تابڪار آيوڊين جنهن جي جيتوڻيڪ ماحول ۾ ٿورڙي عمر ٿئي ٿي ان سبب غليظ ٿي ويا ۽ پريشانيءَ جو وڏو سبب بڻيا. ڇاڪاڻ ته تابڪار آيوڊين جو بيلارس جي ڪيترن حصن، رشيا ۽ يوڪرين سميت يورپ جي ڪن حصن جي  ڪيترن ٻوٽن، چرندڙن جانورن ۽ کير ۾ شامل ٿيڻ پريشانيءَ جو وڏو ڪارڻ رهيو.

جڏهن ته هاڻ ۽ ايندڙن ڪيترن ڏهاڪن تائين تابڪار سيسيم جنهن جي ماحول ۾ ڊگهي عمر ٿئي ٿي ان جي غلاظت کي ٻهراڙين جي ڪيترن علائقن ۾ پريشانيءَ جو وڏو ڪارڻ سمجهيو وڃي ٿو. ٻيلن مان حاصل ٿيندڙ غذائي شيون جهڙوڪ: مختلف قسمن جا پيرون، کنڀيون، شڪار ۾ ته خاص طور تي سيسيم تابڪار مادو وڏي مقدار ۾ موجود ٿئي ٿو ۽ ان جي غلاظت ڪيترن ڏهاڪن تائين باقي رهي ٿي. جنهن جي مثال ۾ اسڪينيڊيوا جي هرڻن جي گوشت ۾ ان تابڪار مادي جي غلاظت موجود هجڻ آهي. ساڳي طرح سان چرنوبل حادثي سبب پاڻيءَ جا ذريعا ۽ مڇي به تابڪار مادي سبب غليظ ٿي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ وقت گذرڻ سان اهڙي غلاظت ڇڊي ٿي آهستي آهستي ختم ٿي وڃي ٿي پر تنهن هوندي به ڪيتري غليظ ٿي ويل ندين ۽ ڍنڍن جي زمين ۾ اهڙي ڦاسي پوي ٿي جو ڪيتري ڊگهي عرصي تائين باقي رهي ٿي. اڄ جيتوڻيڪ مڇيءَ ۽ پاڻيءَ جي گھڻن ذريعن مان غلاظت جي سطح گھٽجي ويئي آهي پر تنهن هوندي به ڪيترين ڍنڍن ۾ گھڻي مقدار ۾ موجود آهي.

 چرنوبال حادثي کان هڪدم پوءِ 30 ڪلوميٽرن جي گهيري ۾ ٿيندڙ ڪيترائي ٻوٽا ۽ جانور متاثر ٿيا. جنهن سبب اهڙن ڪيترن جاندارن جي مرڻ جي انگ ۾ واڌارو ٿيو، پيدائش گھٽجي ويئي ۽ جانورن ۽ ٻوٽن ۾ موروثي عيب پيدا ٿيڻ شروع ٿيا جيڪا صورتحال اڄ به موجود آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي کان ڪيترن سالن گذرڻ کانپوءِ تابڪاري جي سطح ۾ گھٽتائي ڏٺي ويئي آهي، جاندار وري آهستي آهستي پاڻڀرا ٿي رهيا آهن ۽ اهو ماڳ گوناگون جيوت جي هڪ انوکي رک بڻجي ويو آهي. جنهن جو هڪ سبب ان علائقي ۾ انساني ۽ صنعتي سرگرمين جو نه هجڻ، ڪيترن قسمن جي جانورن ۽ ٻوٽن جو گھٽ متاثر ٿيندڙ هنڌن کان اوسيتائين پهچڻ آهي.                       

هن وقت چرنوبال جا ڪجهه حصا سياحن لاءِ کوليا ويا آهن ته جيئن اهي تابڪار مادي جي تباه ڪن اثرن جو مشاهدو ڪري سگهن.

چرنوبال نيوڪليئر پاور پلانٽ جي آسپاس وارا انساني آبادين وارا علائقا گھٽ ۾گھٽ ايندڙ 20،000  سالن تائين انساني رهائش جي قابل نه هوندا.

چرنوبال مان خارج ٿيندڙ تابڪاري هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي هنيل ائٽم بمن مان خارج ٿيندڙ تابڪاريءَ کان 100هوڻي وڌيڪ هئي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment