شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

عورتن جي ووٽ جي اهميت


شام 02 لڳي 52 منٽ -اڱارو 12 جون 2018  400 
image-1

عورتن ۾ سياسي شعور ڪيترو آهي ۽ عورتن جي ووٽ ڏيڻ ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن ۽ ڪهڙي طبقي جي عورت ڪيئن سوچي ٿي؟ ووٽ جي اهميت ڪهڙي ۽ ووٽ ڪنهن کي ڏيڻ گهرجي يا ووٽ سان ڪهڙي تبديلي ممڪن آهي؟ اهي سڀ اهي سوال آهي، جن جا جواب هر ووٽر نٿو ڄاڻي.

جيئن ئي چونڊن جي مند آئي آهي ته ڪارنر گڏجاڻين کان وٺي تعزيتن جو سلسلو شروع ويو آهي. اهڙو ئي هڪ منظر ڪارنر گڏجاڻي جو نظر آيو، جنهن ۾ هڪ سماجي ڪارڪن عورتن کي ووٽ جي اهميت جي باري ۾ آگاهي ڏئي رهي هئي.

”ادي اسان اليڪشن ڪميشن جي هڪ پروگرام تحت توهان وٽ هي گڏجاڻي رکي آهي ته جيئن اوهان کي ووٽ جي اهميت جي باري ۾ ٻڌائي سگهجي، خاص طور تي عورت جي ووٽ جي اهميت جي باري ۾، سو منهنجيون اديون، پاڪستان ۾ عورتن جو انگ مردن جي تقريبن برابر آهي. مطلب جيڪڏهن مرد جي ووٽ جي ڪري ڪوئي اميدوار کٽي سگهي ٿو ته عورت جي ووٽ نه ڏيڻ جي ڪري اهو هارائي به سگهي ٿو، سو بهتر اهو آهي ته توهان پنهنجو ووٽ سوچي سمجهي ڏيو ۽ انهن اميدوارن کي ڏيو جيڪي عورتن لاءِ نه صرف هڪ بهترين سوچ رکندا هجن پر انهن عملي طور به عورتن جي صحت، تعليم ۽ روزگار جي ڀلي لاءِ ڪجهه ڪيو هجي“. سماجي ڪارڪن عورتن کي ووٽ جي اهميت بابت آگاهي ڏيندي چيو.

”اي ادي اسان کي ڪهڙي خبر ڪير ڀلو ڪير ٺلهو، اسان کي ته ايترو عقل ئي ڪونهي، سو اسان جا مرد جيئن چوندا اسان ته ائين ئي ڪنداسين.“ اهو جملو ويٺل عورتن مان ٻار کي ٿڃ پياريندڙ عورت جو هو.

”امان ميڏا ووٽ ته بينظير لاءِ هي آخري دم تائين، مين ته تير تي ئي ٺپا هڻيسان“.

هڪ وڏي ڄمار جي عورت به ڀڻڪي

”اسان کي ته اها خبر ئي ناهي ته اسان جي تڪ تي ڪير بيٺو آهي ۽ مان ته هر سال ووٽ ئي نه ڏيندي آهيان، اليڪشن جو سڄو ڏينهن مزي جي ننڊ ڪندي آهيان“. ڪارنر گڏجاڻي ۾ ويٺل هڪ ايم اي پاس ڇوڪري وڏي فخر سان چيو

”ادي اسان ووٽ ڪنهن کي به ڏيون فرق ڪهڙو ٿو پئي سڀ جا سڀ ڪرپٽ آهن، ووٽ وٺي، غائب ٿا ٿي وڃن“. هڪ ٻي پڙهيل لکيل ڇوڪري به ڳالهائڻ لڳي.

”امان اسان جي ڳوٺ ته رئيس وڏو گاڏي ڪرائي ڏيندو آهي، پوءِ اسان سڀ ڳوٺ جون مايون گڏجي وڃي، ان کي ووٽ ڏينديون آهيون، مڙئي گهمي به اينديون آهيون ۽ هڪ ٻئي سان سالن کانپوءِ ميل ملاقات به ٿي ويندي آهي“. هڪ غريب هارياڻي به چپ چوريا.

”ها ادي جيڪڏهن رئيس وڏو گاڏي نه موڪلي ته اسان جا مرد اهڙا آهن جو اسان کي ووٽ ڏيارڻ لاءِ وٺي ئي نه وڃن.“ هارياڻي سان گڏ آيل ٻي عورت به ڳالهائڻ لڳي

”ڀيڻ منهنجو مڙس ته ملو آهي، اهو ته چوندو آهي ته عورت جو ووٽ اسان جي مذهب ۾ جائز ئي نه آهي، اهي انگريزن جا ڪم آهن، سو اسان کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت ئي نه هوندي آهي“. هڪ پردي واري عورت پنهنجي بيوسي جو اظهار ڪيو

”ادي اسان کي ته بينظير ڪارڊ جا پئسا ملندا آهن سو اسان ته انهن کي ئي ووٽ ڏينداسين“. گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمه چيو

”ادي اسان ته هر اليڪشن ۾ سوچي سمجهي ووٽ ڏيندا آهيون، پر جيڪڏهن سڀ عورتون ائين سوچي سمجهي ووٽ ڏين ته وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي.“ هڪ عورت استاد ڪجهه الڳ ٿلڳ ڳالهه ڪئي

”اديون، مان توهان سڀني جون ڳالهيون ٻڌيون، هاڻي آئون اوهان کي هڪڙو سچو واقعو ٻڌايان ٿي. اهو هيئن ته آمريڪا ۾ به هڪ صدي اڳ، عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق نه هيو. انهن عورتن ڏٺو ته جيئن ته عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ناهي, ان ڪري سڀ پارٽيون صرف مردن جي بهتري لاءِ ڪم پيون ڪن. نه عورتن وٽ صحت جون سهولتون, نه ايتري تعليم ۽ نه ئي روزگار. سو انهن ووٽ جي حق لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ جڏهن انهن جا گهڻا ئي مرد پهرين عالمي جنگ ۾ مارجي ويا ته عورتن لاءِ گهر هلائڻ تمام ڏکيو ٿي پيو. نه ئي حڪومت طرفان انهن جي ڪا مدد ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته حڪومتن کي انهن جي ووٽ نه ڏيڻ جو ڊپ ئي نه هيو. سو انهن تمام گهڻا احتجاجي مظاهرا ڪيا، ان لاءِ نه ته ڪو اسان جي امداد ڪيو، پر ان لاءِ ته اسان کي ووٽ جو حق ڏيو، ڇاڪاڻ ته اهي سمجهن پيون ته ووٽ جي حق ملڻ سان سڀ حڪومتون پاڻهي ئي عورتن جي بهتري لاءِ قدم کڻنديون.

انهن بک هڙتالون ڪيون، جيلن ۾ ويون، تشدد برداشت ڪين پر نيٺ انهن کي ووٽ جو حق مليو ۽ اسان پاڪستان جون عورتون ته خوشنصيب آهيون جو پاڪستان ٺهڻ جي ڪجهه سالن کان پوءِ 1956ع ۾ اهو حق پاڻهي ئي اسان کي ملي ويو، پر جيئن ته اسان کي اهو حق پليٽ ۾ رکي پيش ڪيو ويو آهي، انڪري اسان کي ان جو قدر نه آهي، اسان وٽ عورتن لاءِ ۽ ننڍڙن ٻارن لاءِ صحت جون ڪي به تسلي بخش سهولتون نه آهن، نه ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪي معياري اسڪول، اسان کي ملي ٿي ته صرف امداد، اسان کي اسان جو حق نه ٿو ملي ڇو، ڇو ته عورتن کي ئي پنهنجي ووٽ جي طاقت جي خبر ناهي، ته پارٽيون وري عورتن لاءِ ڪٿان سوچينديون“. سماجي ڪارڪن ڪجهه وضاحت ڪندي چيو.

 گيلپ سروي موجب پاڪستان عورتن جي اليڪشن ۾ شموليت جي لحاظ کان سڀ کان پوئتي پيل ملڪ آهي. اليڪشن ڪميشن جي اليڪٽورل رول 2017ع موجب پاڪستان ۾ ووٽ جي اهل عورتن جو انگ ۽ عورتن جي داخل ٿيل ووٽن جي انگ ۾ تقريبن چاليهه کان پنجاهه لکن جو فر ق آهي. يعني تقريبن اڌ ڪروڙ عورتون نادرا جي رڪارڊ ۾ گم آهن.

ان کان پوءِ داخل ووٽن ۽ ووٽ ڏيندڙ عورتن جي تعداد ۾ اڌ کان مٿي فرق آهي، يعني جسٽرڊ ووٽرن مان 2013ع جي اليڪشن ۾ صرف 44 سيڪڙو عورتن ووٽ جو حق استعمال ڪيو ۽ هاڻي ڏسون ته ڪيتريون عورتون آهن جيڪي ووٽ پنهنجي مرضي تي ڏين ٿيون يعني بنا ڪنهن گهر جي مرد جي دٻاءُ يا انهن جي مرضي جي پنهنجي سياسي شعور تحت ووٽ ڏين ٿيون ته اهو انگ توهان کي اٽي ۾ لوڻ برابر ملندو يعني 100 مان هڪ سيڪڙو.

سو اصل تبديلي تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن وڌ کان وڌ عورتون سياسي شعور حاصل ڪن ۽ پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪن.

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment