شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

2007 کان 2017 تائين نوبل انعام ماڻيندڙ اديب


صبح 07 لڳي 15 منٽ -سومر 11 جون 2018  218 
image-1

حصو پهريون

نوبل انعام کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو اعزاز سمجهيو ويندو آهي ۽ هي انعام هر سال مختلف شعبن ۾ غيرمعاملي خدمتون سرانجام ڏيندڙ ماڻهن کي ڏنو ويندو آهي. هي فهرست سال 2007 کان 2017 تائين جي ڏهن سالن ۾ ادب جي ميدان ۾ نوبل انعام ماڻيندڙ ليکڪن جي آهي.

فائيل فوٽو

2007: ڊورس ليسنگ برطانوي ناولنگار، شاعره ۽ ڊراما نگار هئي، هن پنهنجي لکڻين ۾ دنيا ۾ عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين جي عڪاسي ڪئي. سندس مشهور ناولن ۾ دي گڊ ٽيررسٽ، دي گولڊن نوٽ بوڪ، دي فيفٿ چائلڊ ۽ ٻيا ناول شامل آهن. سندس جنم 1919 ۾ ايران ۾ ٿيو ۽ سال 2013 ۾ 94 سالن جي ڄمار ۾ لنڊن ۾ سندس وفات ٿي.

فائيل فوٽو

2008: جين ماريه گستاوي هي فارنسيسي ليکڪ آهي ۽ هن وقت تائين هُن 40 کان مٿي ڪتاب لکيا آهن. سندس مشهور ناولن  ۾نيو ڊيپارچر، عالما، دي جائنٽس ۽ ٻيا شامل آهن. جين جو جنم 1940 ۾ فارنس جي شهر نيس ۾ ٿيو ۽ هن وقت هو 78 سالن جي ڄمار جو آهي.

فائيل فوٽو

2009: هيرتا ميولر اصل نسل رومانيا جي آهي، پر هوءَ جرمن ٻوليءَ جي ناولنگار طور دنيا ۾ مشهور آهي. سندس ناول ۽ ڪهاڻيون دنيا جي 20 کان مٿي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهين. هيرتا جي مشهور ناولن ۾ نادرس، دي پاسپورٽ، دي هنگر اينجل ۽ ٻيا شامل آهن. سندس جنم 1953 ۾ ٿيو ۽ هوءَ هن وقت 65 سالن جي آهي.

فائيل فوٽو

2010: ماريو وارگس للوسا اسپين جو تمام وڏو ناونگار آهي، سندس ڪجهه نقادن جو خيال آهي ته هو هن وقت دنيا جو سڀ کان وڌيڪ اثرائتو ليکڪ آهي. سندس مشهور ناولن ۾ دي ٽائيم آف دي هيرو، دي گرين هائوس، دي وار آف دي اينڊ آف ورلڊ ۽ ٻيا شامل آهن. سندس جنم 1936 ۾ اسپين جي ڪالوني پيرو ۾ ٿيو ۽ هن وقت هو 82 سالن جو آهي.

فائيل فوٽو

2011: ٿامس گوستا سوئڊش شاعر ۽ ترجما نگار هو، ٻيئن جنگ عظيم کانپوءِ هو سوئڊن جو سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ليکڪ ٿي ويو، سندس 15 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سندس ڪتاب هاف فنشڊ هيوينز، بيلس اينڊ ٽريڪس، سيئنگ ان دي ڊارڪ تمام گهڻا مشهور ويا. هن جو جنم 1931 ۾ اسٽاڪ هوم ۾ ٿيو ۽ هو 2015 ۾ 83 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو.

فائيل فوٽو

2012: مو يان چيني ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار آهي، دي ٽائيمز جي ڪيل هڪ تحقيق موجب مو يان چيني ٻولي جو سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽ ترجمو ٿيندر ليکڪ آهي. هن کي ريئلزم جو بي تاج بادشاهه سمجهيو وڃي ٿو. هن وقت تائين هن ڪيترائي ناول لکيا آهن. جن ۾ ريڊ شورگن ڪلين، لائيف اينڊ ڊيٿ آر ويئرنگ مي، ريپبلڪ آف وائين وغيره شامل آهن. سندس جنم 1955 ۾ ٿيو ۽ هو هن وقت 63 سالن جو آهي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment