شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

جديد سائنسي بنيادن تي تعليم جي ضرورت


صبح 03 لڳي 09 منٽ -جمعو 08 جون 2018  135 
image-1

پاڪستان ۾تعليم  (Education in Pakistan) جي نگراني وفاقي حڪومت جي وزارت تعليم ۽ صوبائي حڪومتون ڪنديون آهن.وفاقي حڪومت گهڻو ڪري تحقيق ۽ ترقي نصاب، تصديق ۽ سرمائيڪاري ۾ مدد ڪندي آهي. آئين جي شق  A-25مطابق رياست 5 کان 16 سالن جي عمر جي ٻارن کي مفت ۽ لازمي معياري تعليم فراهم ڪرڻ جي پابند آهي.

تعليم جي باري ۾ ڊاڪٽر اي آر شاه، جيڪو سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو، ان 1995ع ۾ ٻن واليوم تي مشتمل ڪتاب لکيو “ايڊيوڪيشن اينڊ ٽيچر ايڊيوڪيشن.”  ان ۾ هن لکيو ته “تعليم ڇا کي ٿو چئجي؟” جڏهن تعليم جي باري ۾ خبروار ٿبو ته يقينن ان ۾ سنجيده ٿيندئو. هو لکي ٿو ته: اهڙي ڄاڻ ، جنهن ۾ چار شيون لازمي آهن. 1. ٻار ٻولي سکي 2. ڪلچر سکي،3. اخلاقيات سکي، 4. سائنس ۽ جاگرافي جي ڄاڻ حاصل ڪري ۽ جيستائين تعليم مادري زبان ۾ نه ڏني ويندي تيستائين افاديت واري تعليم نه ٿيندي.

 پرائمري، مڊل   ۽ هائر سيڪنڊري  تعليم بنياد آهي. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن بنياد صحيح هجي ته تعليم ۾ اسين ڪافي اڳتي وڌي سگهون ٿا.

تعليم ۾ واقعي  پهريون ڏاڪو‘ پرائمري‘ ٻيو ڏاڪو ’مڊل‘ ٽيون ’هائر سيڪنڊري‘ ۽ چوٿون ‘ يونيورسٽي جي پروفيشنل ڊگري آهي.

 

اسان جي دوست ڊاڪٽر سنتوش ڪمار ڪامراڻي  جنهن جو واسطو ايڊيوڪيشن سان آهي . ان ڳالهه تي زور ڏيندو آهي ته بنيادي طور تي تعليمي سرشتي ۾ تبديليون آڻڻ سان نتيجا اخذ ڪري سگهجن ٿا. مدي خارج طريقن سان پڙهائڻ واري طريقي ۾ اصلاح آڻڻي پوندي. ان لاءِ پرائمري کان انٽرميڊيئٽ تائين پڙهائڻ جو اهو طريقو اختيار ڪرڻو پوندو جيڪو ترقي يافته ملڪن ۾ رائج آهي. ان سلسلي ۾ استادن جي نئين سر سکيا ڪري اهي مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا.

 اسان جو معاشرو ۽ اسڪول رڳو ٻولي ۽  منتقي (جوڙجڪ، حساب ڪتاب )، نصاب کي پڙهائڻ تي ڌيان ڌئي ٿو. جنهن ۾ ڪيترا ئي شاگرد  خاطر خواه پرفارمنس نٿا ڏيکارين. جن کي “ڪمزور شاگرد” يا اهڙو شاگرد جيڪو توجهه سان نٿو پڙهي سگهي. چيو وڃي ٿو.

هر ٻار ،(جوان توڙي با لغ) پوءِ ڀلي جسماني ۽ ذهني طور پورو هجي يا اڻ  پورو، منجهن الڳ قسم جو ذهن هوندو آهي. ان ڪري هو مختلف طريقن سان شين کي سمجهندو، پڙهندو ۽ ياد ڪندو آهي.يعني  هر قسم جو شاگرد، مختلف طريقن سان شين کي سکندو آهي.

اسان جي تعليمي نظام جو اهو نقطه نظر آهي ته “  هوشيار ٻار” “سٺو ٻار”  ۽ جيڪو ٻار هوشيار ناهي سو ، “خراب” ٻار آهي. پر حقيقت اها ناهي. اسين مختلف طريقن سان هوشيار آهيون.

تحقيق اهو ثابت ڪيو آهي ته انسان ۾ مختلف صلاحيتون، مختلف طريقن ۽ ليول  ۾ هونديون آهن.

جيڪڏهن اسان پنهنجي سماج تي نظر وجهنداسين ته خبر پوندي  ته هن زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڪامياب ماڻهو، سندن اسڪولي زماني ۾ ناڪام شاگرد ليکيا ويندا هئا. بهترين سائنسدانن، اڳواڻن، ليکڪن، اداڪارن، رانديگرن، سپاهين، ڊاڪٽرن،انساني حقن جا علمبردارن، مذهبي ۽ سياسي اڳواڻن، جن زندگيءَ ۾ ڪاميابي ماڻي، تن کي ڏاهپ جي هڪ مخصوص وصف سبب، جڏو سمجهيو ويو.

تحقيق اهو به ثابت ڪيو ته اهو ضروري ناهي ته ڪيتريون ئي صلاحيتون هڪ ٻئي تي دارو مدار رکنديون آهن.

هر فرد  ( پورو يا اڻ پورو)  ۾ مختلف صلاحيتون، مختلف مقدار ۾ هونديون آهن ۽ انهن کي پرکڻ جا طريقا به ايئن ئي مختلف آهن. جيئن ڪنهن فرد جي شخصيت ۽ چهرو. انهيءَ ڪري محققن جو خيال آهي ته ٻار کي سندس صلاحيتن جي کوجنا ۾ همتائجي، ته جيئن هن جون مڪمل صلاحيتون ظاهر ٿي سگهن. سکڻ جا مختلف طريقا، ٻار کي سڄي زندگي سيکاريندا رهندا آهن ۽  کين پرکڻ  ۾ مدد ڪنديون آهن. ته ٻين ۾ ڪهڙيون صلاحيتون آهن.

ڊاڪٽر هارڊ گارڊنر جي “ فريمز آف مائينڊ” موجب ٻار توڙي بالغ کي سندن صلاحيتن موجب هيٺئين ڪيٽگرين ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

  1. ورڊ سمارٽ: هي ٻار ٻوليءَ ۾ ذهين هوندا آهن ۽ کين لفظن سان راند ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي.
  2. سمارٽ: هي ٻار  هر ڳالهه ۾ منطق ڳولهيندا آهن ۽ انگن  جي جوڙ جڪ ۾ دلچسپي ڏيکاريندا آهن.
  3. پڪچر سمارٽ: هن قسم جا ٻار تصويرن ٺاهڻ يا آرٽ ۾ دلچسپي وٺندا آهن.
  4. باڊي سمارٽ: هن قسم جا ٻار جسماني ڪمن ۾ دلچسپي وٺندا آهن ۽ کين راندين جو شوق هوندو آهي.
  5. موزڪ سمارٽ: هن قسم جي ٻارن جي موسيقيءَ سان دلچسپي هوندي آهي ۽ شين کي ڳائڻ واري انداز ۾ سڃاڻڻ لڳندا آهن.
  6. پيوپل سمارٽ: هنن ٻارن جي دلچسپي ٻين ماڻهن سان ملي ڪري، انهن جي تجربن مان سکڻ جي هوندي آهي.
  7. سيلف سمارٽ: هي ٻار پنهنجي ذات تائين محدود هوندا آهن. هر ڪم اڪيلائي ۾ ڪرڻ چاهيندا آهن.
  8. نيچر سمارٽ: هي ٻار قدرتي نظارن مان سکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

اهي اٺ ئي خاصيتون هر انسان ۾ هونديون آهن. جڏهن ته ٻه خاصيتون بعد ۾ اچي وينديون آهن.  جيڪي هن ريت آهن:

اسپريچوئلي سمارٽ: هي ٻار روحانيت پسند هوندا آهن ۽ مذهبي انداز ۾ وڌيڪ سٺي نموني شين کي سمجهندا آهن.

مور لسٽڪلي سمارٽ: هنن جو گهڻو زور اخلاقي قدرن تي هوندو آهي.

استاد کي، عام رواجي طريقي سان شاگرد جي صلاحيت جو پتو نٿو پوي ته کيس ٻيا طريقا استعمال ڪرڻ گهرجن.

اوهان کي انهن سڀني طريقن کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت ناهي، رڳو اهو ڏسو ته ٻار ۾ ڪهڙو طريقو وڌيڪ نمايان آهي.

اوهان  هالن ۾ نشانيون، والدين سان شام، شاگردن جا پروفائيل، نمائشيون ۽ استادن جي گڏجاڻين سان  اهي شيون اجاگر ڪري سگهو ٿا.

پرکڻ جو معيار: شاگردن کي سندن پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ لکڻ، خيال جي وضاحت ۽ علم جي صلاحيت جي  ماپن کي مختلف طريقن سان پرکجي. ان سان گڏ شاگردن جي سوچ  ۽ فيصلي ڪرڻ جي قوت تي به پرکڻ گهرجي.

پرکڻ جا مختلف طريقا: ايم. سي. ڪيو، صحيح غلط، ها يا نه، لفظن جو ميلاپ، ننڍا ننڍا مضمون لکرائڻ، تخليقي شيون لکرائڻ، تصويرن ذريعي ڪهاڻيون لکرائڻ ۽ ٻيا به ڪيترائي طريقا آهن. ڇا اسان جي تعليمي نظام ۾ انهن سڀني ڳالهين کي ڌيان ۾ رکيو وڃي ٿو. وڏي افسوس سان چئڻو ٿو پئي ته نه اسان جي تعليمي نظام ۾اهڙا ڪي به اصول نه آهن. اسان رڳو لڪير جي فقير جيان پنهنجي ٻارن کي اسڪولن ۾ ڇڏي ٿا ڏيون، پوءِ ٽيچر ڄاڻي ۽ ٻار ۽ وري خيرن سان اسان جي ٽيچرن جا حال ته سڀني جي آڏو آهن، نتيجو اهو آهي ته سموري دنيا ڏينهنو ڏينهن ترقي ڪري اڳيان وڌي رهي آهي ۽ اسان پٺيان ئي رهجي ويا آهيون.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment