شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

گوئٽي 1749ع کان 1832 تائين


صبح 11 لڳي 46 منٽ -اڱارو 05 جون 2018  260 
image-1

 

حقيقت اِها به آهي ته گوئٽي جهڙيءَ علمي ادبي شخصيت جي اهميت جو ڪاٿو لڳائڻ ڏکيو آهي. هن وڏي انگ ۾ شاعري ڪئي، گهڻي تعداد ۾ مضمون لکيا، جن ۾ موضوعاتي گوناگونيت هئي. سندس ڪم جو اثر ۽ پکيڙ بنهه وڏي ۽ گهِري آهي. هن پنهنجي ڪم وسيلي اديبن، شاعرن، عالمن، فلسفين، شاگردن، فنڪارن ۽ اداڪارن کي سڌيءَ ريت متاثر ڪيو ۽ سندس ڪم مان عام ماڻهو اڻسڌيءَ طرح متاثر ٿيا ۽ ٿي رهيا آهن، انهيءَ جو ڪاٿو لڳائڻ بنهه گهڻو ڏکيو آهي. اوهين پاڻ اندازو لڳايو ته لاڏاڻي کان پوءِ سندس ڪُل ڪم 142 جلدن ڇپيو. اهو ڪو معمولي ڪم ته ناهي. رڳو مقدار جي ڳالهه ناهي، پر سندس لکڻين جو معيار کي به مڃيو ويو هجي ته اهڙي ماڻهوءَ کي حقيقي معنائن ۾ غيرمعمولي ذهن چئي سگهجي ٿو.

هن پنهنجيءَ محنت، بي پناهه تخليقي صلاحيت دردمند دل، بيدار ذهن وسيلي انيڪ ڪم ڪيا. هو واقعي به هڪ بي بها جيئنس عالم هو. هن فن ۽ علم جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو، انهن ۾: شاعري، ناول، ڊرامو، تنقيد، الميو، فلسفو، سياست، سائنس، طب، نباتات، مصوري، روحانيت، ٿيٽر ڊائريڪشن ۽ تعليم وغيره. چوڻ لاءِ اهو به چئي سگهجي ٿو ته هُن اندر هڪ ڪائنات اچي سمائي هئي، جنهن جو ڪنهن قدر اظهار هو ڪري سگهيو ۽ ڪنهن قدر رهجي به ويو هوندو. عام طرح ليونارڊو ڊاونچيءَ کي آرٽ جي دنيا ۾ يونيورسل مئن يعني آفاقي ماڻهو چيو ويندو آهي، جو ان منجهه ڪيئي فني ۽ تخليقي خوبيون هيون. ساڳئي نموني گوئٽي به هو ۽ منهنجي خيال ۾ هو به علمي ادبي خيال کان هڪ يونيورسل ماڻهو هو.

جرمنيءَ جي ملڪ جا علم، ادب، سائنس، ايجادن، ٽيڪنالاجيءَ، آرٽ، طب توڻي ٻين انيڪ شعبن ۾ اهڙا اڪيچار ڪارناما آهن، جن هن ڌرتيءَ تي موجود انسانن لاءِ ڪئين سهنجايون پيدا ڪيون آهن. جرمنيءَ ئي اُهو ملڪ هو، جتي اتهاس ۾ پهريون ڀيرو پرننٽنگ پريس وجود ۾ آندي ويئي. ڪنهن به شڪ کانسواءِ، انهيءَ ايجاد علم جي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. تنهن کانسواءِ، جرمنيءَ ئي ملڪ هو، جتان دنيا جي وڏين مذهبي تحريڪن منجهان هڪ ”ريفرميشن“ جي تحريڪ اڀري. اتي شلر، هائني، ٿامس مئن، برٽالٽ بريخت، هرمن هيس، هرٽا مُلر جهڙا ليکڪ پيدا ٿيا. جڏهن ته فلسفي جي ميدان ۾ اُتي ڪارل مارڪس، ڪانٽ، هيگل، نٽشي، شوپنهائر ۽ آئن اسٽائن وغيره پيدا ٿيا. انهن مڙني حقيقتن کان پوءِ جرمنيءَ جو ذڪر گوئٽي کانسواءِ پورو نه چئبو، جنهن جي جرمن اديبن توڻي عالمن ۾ ڪليدي حيثيت آهي. هن پنهنجن ڪم ۽ خيالن وسيلي رڳو ادب ۽ ٿيٽر جي ميدانن سان لاڳاپيل ماڻهن کي متاثر نه ڪيو، پر فيڊرڪ هيگل، لُڊوِگ وٽجينسٽِين، ڪارل جنگ جهڙن فلسفين کي به متاثر ڪيو. ايتري تائين جو جڳ مشهور حياتياتي ماهر چارلس ڊارون به پنهنجي مشهور ڪم ”نسلن جو بڻ بڻياد“ يا ”اوريجن آف اسپيسيز“ جي ٽئين ڇاپي جي تعارف ۾ گوئٽي جي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. ارتقا جي شعبي ۾ گوئٽي پڻ هڪ بنيادي ڪم ڪيو هو. 

گوئٽي، فرينڪفرٽ ۾ جوهان ڪيسپر گوئٽي ۽ ڪئٿرينا اليسبيٿ گوئٽي جي گهر ۾ ڄائو. تعليمي لحاظ کان گوئٽي کي شروعاتي سبقَ پنهنجي پيءُ ۽ خانگي استادن ڏنا. کيس تنهن زماني جي موضوعن جي ڄاڻ ڏنائون. کيس لاطيني، انگريزي، يوناني، فرينچ، اطالوي ۽ هيبريو ٻوليون سيکاريائون. سندس تعليمي سکيا ۾ رقص، گهوڙي سواري وغيره پڻ شامل هئا. ننڍي ڄمار کان ئي گوئٽي جو لاڙو چترڪاريءَ ۽ ادب ڏانهن هو. کيس پُتلي تماشو وڻندو هو، جتان منجهس ٿيٽر جي دلچسپي پيدا ٿي ۽ فرينڪفرٽ جي ڪيترن ئي اداڪارن سان سندس واقفيت ٿي.

گوئٽي هڪ وچولي طبقي ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ هڪ ڪامياب ۽ مشهور وڪيل هو، جنهن ڳچ دولت ڪَٺي ڪئي هئي ۽ مالي طرح خوشحال ماڻهو هو. هُو سئر ڪرڻ جو به شوقين هو. اٽليءَ گهڻو ايندو ويندو هو، جتان هن ڪئين ناياب تصويرون گڏ ڪيون هيون. تنهن کانسواءِ گهر ۾ هُن هڪ بهترين لائبريري پڻ قائم ڪئي هئي، جنهن ۾ علم، ادب ۽ فلسفي تي ڪتاب موجود هئا. تنهن هوندي به هو هڪ مزاج ۾ سخت، قاعدن جو پڪو، پنهنجن عادتن ۽ فيصلن کي مڃائڻ وارو ماڻهو هو. اٺٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ هن هڪ اعليٰ گهراڻي مان ڪيٿرائن السبٿ سان شادي ڪئي، جيڪا هڪ مقامي ميئر جي ڌيءَ هئي. انهيءَ شاديءَ جي ڪري کيس شاهي ڪائونسلر جو عهدو پڻ مليو. انهيءَ عهدي ۾ ڪجهه به ڪرڻو نه هوندو هو، پر تن ڏينهن ۾ اهو هڪ وڏو سماجي رتبو سمجهيو ويندو هو. گوئٽي جي ماءُ پنهنجي مڙس کان ڄمار ۾ گهڻي ننڍي هئي ۽ هڪ وڏ گهراڻي عورت هئي. سندس ورتاءُ گهڻو دوستاڻو هو ۽ هوءَ کلمُک ۽ باغ بهار شخصيت جي مالڪياڻي هئي ۽ مزاج ۾ پنهنجي مڙس جي بنهه ابتڙ هئي. اهو ئي ڪارڻ هو جو ننڍو گوئٽي پنهنجي پيءُ بدران ماءُ کي گهڻو ويجهو هو. ساڻس پنهنجيءَ ماءُ جو ورتاءُ دوستاڻو هو. هوءَ ساڻس رانديون رهندي هئي، سندس ڳالهيون ۽ ويچارَ وڏي ڌيان سان ٻڌندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مڙس بدران سندس طرفداري ڪندي هئي. سندس ماءُ جا جرمنيءَ سان مٿئين طبقي سان واسطا هئا. هن پنهنجي پٽ کي اُنهيءَ طبقي ۾ متعارف ڪرايو، جنهن جي ڪري، سندس تڪڙي ذهني ۽ اخلاقي اوسر ٿي.

گوئٽي هڪ ڏاهو ۽ حساس ٻار هو. منجهس ڄاڻ کي جذب ڪرڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود هئي. سندس تخيل پڻ سگهارو هو. هو ننڍي ڄمار ۾ ئي پنهنجي پاران ڪيتريون ڪهاڻيون ٺاهي پنهنجن دوستن کي ٻڌائيندو هو. جن منجهان سندس ٻه ڪهاڻيون ”دي نيو پئرس“ ۽ ”دي نيو  ميليوسائن“ ان ئي زماني سان لاڳاپيل آهن، جن کي سڌاري هن پنهنجيءَ آتم ڪٿا ۾ پڻ شامل ڪيو هو.

1765ع ڌاري هو ليپزگ يونيورسٽيءَ ۾ قانون جي تعليم ماڻڻ لاءِ داخل ٿيو. توڻي جو هن اُتي ٽي ورهيه گذاريا، پر هو وقت چَوڙي ويل قانون کي پسند نه ڪندو هو. تنهنڪري هو 1768ع ۾ فرينڪفرٽ موٽي آيو. هو سخت بيمار ٿي پيو. قانون جي تعليم ڇڏي اچڻ جي ڪري سندس پيءُ مٿس ڪاوڙيو. سندس ماءُ ۽ ڀيڻ بيماريءَ دوران سندس سار سنڀار لڌي. بيماريءَ مان اٿڻ کان پوءِ هو اسٽراسبرگ مان پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ جي ارادي سان روانو ٿيو. اُتي قانون جي تعليم سان گڏ هن تاريخ، سياسيات، انوٽومي، سرجري ۽ ڪيمسٽريءَ بابت اڀياس ڪيو. اُتي سندس ڏيٺ ويٺ جان گوٽفرائيڊ هرڊر سان ٿي ۽ ٻئي ملي مخلتف موضوعن تي بحث مباحثو ڪندا هئا. 

1770ع ۾ گوئٽي پنهنجو پهريون شاعريءَ جو مجموعو ”انيٽ“ (Annette) ڇپايو، پر هن ان ۾ پنهنجو نالو نه ڏنو. 1771ع ۾ هن پنهنجي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پنهنجي نجي وڪالت شروع ڪئي. تنهن زماني سندس ذهن ۾ اهو مقصد هو ته قانوني سرشتي کي وڌيڪ انسان دوست بڻائجي. هن کي جيئن ته وڪالت جو گهڻو تجربو نه هو، تنهنڪري مقدما کٽي نه سگهيو. اهڙيءَ ريت، هڪ وڪيل طور پنهنجو ڪيريئر ٿورڙن ئي مهينن اندر ختم ڪري ڇڏيائين. تنهن کان پوءِ گوئٽي ادب ڏانهن ڌيان ڏنو.

سندس ناول ”ڳڀرو ورٿر جا سور“ (The Sorrows of Young Werther) ڇپيو. اها محبت جي هڪ ڪهاڻي هئي. اهو ناول نه رڳو جرمنيءَ ۾ سندس شهرت جو ڪارڻ بڻيو، پر سندس شهرت سڄيءَ دنيا ۾ ٿي. تنهن وقت سندس ڄمار رڳو 25 ورهيه هئي. سندس شهرت ۽ ڪاميابيءَ مان متاثر ٿيندي، وائيمر رياست جي نواب ڪارل آگسٽ کيس درٻار ۾ نوڪريءَ جي آڇ ڪئي. هن هائوڪار ڪئي. کيس وائيمر جي شهريت پڻ ڏني ويئي. گوئٽي ڏهن ورهين تائين وائيمر جي نواب کي سندس درٻار جي مسئلن ۾ مدد ڪندو رهيو ۽ ٻئي گهاٽا دوست بڻجي ويا. وائيمر ۾ گوئٽي پنهنجي پوري ڄمار گذاري ۽ اُتي ئي لاڏاڻو ڪيائين. ان وچ ۾ هن اٽليءَ جو دورو پڻ ڪيو.

وائيمر ۾ نواب ڪارل آگسٽ کيس زمين ڏني هئي، جنهن تي هن 1794ع ۾ پنهنجيءَ مرضيءَ سان ڪلاسيڪل آرٽ جي طرز تي سهڻو گهر اڏايو، جنهن ۾ هو پنهنجي ڪٽنب توڻي ڪيترن ئي نوڪرن چاڪرن سان گڏ رهيو. انهيءَ گهر ۾ سندس گهرو دوست ۽ آرٽسٽ جوهان هينرخ ميئر به اچي رهندو هو. 18هن ڪمرن تي ٻڌل اهو گهر هاڻي هڪ يادگار طور محفوظ ڪيل آهي، جنهن ۾ گوئٽي جو اصلي سامان سڙهو ۽ گوئٽي جي واهپي ۾ آيل شيون پيل آهي ۽ ان کي هاڻي ”گوئٽي نيشنل ميوزيم جو نالو ڏنو ويو آهي.

1786ع ۾ هو ٻن ورهين لاءِ اٽليءَ ڏانهن سئر تي ويو. انهيءَ سئر دوران هن فلسفي ۾ پنهنجيءَ اڳڀرائيءَ ڏانهن گهڻو ڌيان ڏنو. اُتي هو اينجليڪا ڪافمئن ۽ جان هينرخ جهڙن آرٽسٽن جو دوست ٿيو. هن انهيءَ دوران پنهنجو سفرنامو ”اٽليءَ جو سفر“ به لکيو. سندس اهو ڪم پڻ ٻين نوجوان لاءِ مثال بڻيو.  1872ع ۾ والمي (Valmy) جي ويڙهه برپا ٿي، جنهن ۾ هن ناڪام فرينچ ڪاهه خلاف نواب جي مدد ڪئي. 1873ع کان پوءِ هن پوري ڄمار ادب کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. سندس جڳ مشهور ڊرامي ”فائوسٽ“ جا ٻه حصا ترتيبوار 1808ع ۽ 1832ع ۾ ڇپيا، جنهن کي جرمن ادب ۾ مهانتا مليل آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي پڻ سندس اهڙي ڪم جي وڏي هاڪ آهي.

فائوسٽ ظاهري طرح خدا، بندي ۽ شيطان جي روايتي ٽياڪڙ کان شروع ٿئي ٿو، پر ان ۾ سياست، الوهيت، روحانيت، ثقافت توڻي فلسفي جا رنگ آهن، جيڪي انهيءَ المياتي ڊرامي کي هڪ عالمي شاهڪار بڻائين ٿا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو جڏهن به گوئٽي جو نالو اچي ٿو ته ان سان گڏ فائوسٽ جو به ذڪر ٿئي ٿو، جيڪو هڪ المياتي ڊرامو آهي ۽ ٻه ڀاڱن تي ٻڌل آهي. ان ۾ فائوسٽ نالي ڪردار علم جي علامت آهي، جيڪو شيطان سان ٽڪراءَ ۾ آيل آهي. فائوسٽ دنياوي علم، سرخوشي ۽ طاقت ماڻڻ گهري ٿو.  فائوسٽ جو پهريون ڀاڱو 1808ع ۾ ڇپيو. ڊرامي جا مک ڪردار آهن، خدا، ڊاڪٽر فائوسٽ: جيڪو عالم آهي، مارگريٽ يا گريچن: ڊرامي جي نائڪا، جنهن سان فائوسٽ محبت ڪري ٿو، ميفسٽو فيليز: شيطان ۽ ڊرامي جو وِلن، ويگنر: فائوسٽ جو مددگار ۽ رافيل يا مخائيل، جبرائيل، جيڪي فرشتا آهن.

ڊرامي جو پهريون ڀاڱو شيطان جي خدا کان انڪار ۽ انسان کي بگاڙڻ جي وچن سان ٿئي ٿو. ڊرامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊاڪٽر فائوسٽ هڪ عالم ماڻهو آهي، جنهن سان پري پري کان شاگرد ۾ ملڻ اچن ٿا ۽ شهر جا ماڻهو پڻ سندس بنهه گهڻو احترام ڪن ٿا، پر جيئن جيئن هو گهڻو اڀياس ڪري ٿو، کيس انسان جي فنا ۾ ويساهه پڪو ٿئي ٿو. ميفسٽو فيليز کي فائوسٽ جي عدم اطمينان جي ڄاڻ هوندي آهي، تنهنڪري هو خدا سان شرط رکي ٿو ته هو فائوسٽ تي فتح ماڻيندو. اهڙيءَ ريت ميفسٽو فيليز يعني شيطان ڊاڪٽر فائوسٽ کي دنياوي مزن جي ور چاڙهي ٿو ۽ کيس مارگريٽ جي محبت ۾ ڦاسرائي ٿو، جيڪا شهر جي سڀ کان سهڻي عورت هوندي آهي. فائوسٽ جي عشق جي مارگريٽ جي فوجي ڀاءُ ويلنٽائين کي خبر پوي ٿي، جيڪو فائوسٽ کي مارڻ جو قسم کڻي ٿو. شيطان جي رهنمائيءَ ۾ فائوسٽ مارگريٽ جي گهر وڃي ٿو، جتي ويلنٽائين سان سندس جهيڙو ٿي پوي ٿو، فائوسٽ سندس سيني ۾ ڇُرو لاهي کيس ماري ڇڏي ٿو ۽ جبلن ڏانهن فرار ٿي وڃي ٿو. مارگريٽ يا گريچن ڳورهاري هوندي آهي ۽ سماج کيس طعنا ڏئي ٿو. هوءَ ٻار ڄڻي ٿو ۽ انهيءَ کي لوڙهي ڇڏي ٿي. انهيءَ ڏوهه ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿي. فائوسٽ، گريچن کي ڇڏائڻ لاءِ شيطان کان مدد گهرندو آهي، پر گريچن هوش وڃائي ويهي ٿي، کيس سڃاڻي نٿي سگهي ۽ جيل ڇڏڻ کان انڪار ڪندي آهي.

فائوسٽ جو ٻيو ڀاڱو 1832ع ۾ ڇپيو، جيڪو حقيقي زندگيءَ سان گهٽ ۽ مافوق الفطرت ڪردارن سان وڌيڪ ڀريل آهي، جنهن ۾ هو هيلن آف ٽراءِ سان محبت ڪري ٿو. شهنشاهي درٻار جي مهمن کان پوءِ فائوسٽ ڪراڙو ٿي مري وڃي ٿو ۽ شيطان سندس روح تي قبضو ڪرڻ وارو هوندو آهي ته ان گهڙيءَ فرشتا مداخلت ڪندا آهن ۽ فائوسٽ جي روح کي مارگريٽ سان سچي محبت ۽ انسانيت جي مدد ڪرڻ جي جذبي جي چڱاين عيوض بچائيندا آهن ۽ کيس جنت ۾ پهچائيندا آهن.

فائوسٽ سان گوئٽي جي آتم ڪٿا ”شاعري ۽ سچ، منهنجيءَ پنهنجيءَ زندگيءَ منجهان“ جي به وڏي اهميت رهي آهي ۽ ان کي دنيا جي بنهه دلچسپ آتم ڪٿائن مان هڪ ڄاتو وڃي ٿو. اها آتم ڪٿا ٽن حصن ۽ ويهن ڪتابن تائين پکڙيل آهي. اُها 1809ع کان 1831ع وچ ۾ لکي ويئي. گوئٽي پهرئين حصي ۾ ٻڌائي ٿو ته سندس ننڍپڻ ڪيئن هو ۽ هن ڪيئن فرينڪرٽ ۾ پنهنجن گهر ڀاتين سان گذاريو. هو ٻڌائي ٿو ته پنهنجيءَ جوانيءَ وارن ڏهاڙن ۾ هو پنهنجن مائٽن کان متاثر رهيو. سندس ڏاڏيءَ هڪ ڪرسمس تي ٻارن کان پتلي تماشو ڪرايو. اُتان کان هن منجهه ڊرامي ۾ شوق جاڳيو. تنهن کانسواءِ ناناڻن هن لاءِ رياستي عمارتن جي سئر جو بندوبست ڪيو هو. اُتان هن منجهه سياست لاءِ دلچسپي پيدا ٿي. پيءُ وٽان قانون ۾ تعليم پرائڻ جو اُڪساءُ ۽ زندهه دل ۽ محبت ڪندڙ ماءُ وٽان کيس زندگيءَ، ماڻهن، شاعريءَ ۽ سچ سان پيار ڪرڻ حصي ۾ آيو. گوئٽي ٻاراڻي وهيءَ ۾ گريچن نالي هڪ عورت سان پنهنجي پيار کي به ياد ڪري ٿو. هوءَ ڄمار ۾ کانئس گهڻي وڏي هئي ۽ هو انهيءَ چميءَ کي ياد ڪري ٿو، جيڪا گريچن سندس نراڙ تان ورتي هئي. 

گوئٽي شاعريءَ جا اڪيچار ڪتاب پڙهندڙن کي ڏنا، تنهن کانسواءِ هن جرمن شاعريءَ جا رسمي ۽ روايتي اصول جوڙيا. هن رومانويت ۽ جرمن ڪلاسيڪيت کي ڇهيو. سندس شاعريءَ کي موسيقيءَ سان موزارٽ ۽ ماهلر (Mahler) جهڙن وڏن موسيقارن ملايو ۽ ان کي مشهور ڪيو. هاڻي، جرمنيءَ ۾ گوئٽي هڪ ثقافتي سگهه ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. هُن پنهنجي نثر توڻي نظم ۾ جرمنيءَ جي لوڪ رسمن رواجن کي جوڙي، انهن کي دائميت ڏني.

اِها ڳالهه گهڻيءَ پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته گوئٽي جهڙا ذهن ۽ تخليقڪار پنهنجي پويان اهڙا مثال ڇڏي ويندا آهن، جيڪي انساني دل ۽ دماغ تي دائمي ۽ لڳاتار اثر ڇڏيندا رهندا آهن. اُهي اهڙا ڏيئا ٻاري ويندا آهن، جيڪي ڪڏهن به نه اجهامندا آهن. سندس زندگيءَ جا پڇاڙڪا لفظ هئا: More light يعني ”وڌيڪ روشني“. کيس وڌيڪ روشني گهربل هئي، يعني هن گهڻي ڪجهه ڪرڻ کان پوءِ به اڃا وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ پئي گهريو.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment