شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

مٺو پاڻي: قدرتي نعمت يا وڪري جو وکر؟


صبح 06 لڳي 18 منٽ -آچر 03 جون 2018  188 
image-1

 

پاڻي هڪ لحاظ کان دنيا جي سمورين حاصل ٿيندڙ شين مان قيمتي ترين شيءِ آهي. انڪري نه ته ڪو زمين تي پاڻيءَ جي حاصلات لاءِ ملڪن، ماڻهن ۽ طبقن ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ان جي ماحول دوست استعمال لاءِ نت نوان قانون به جڙي رهيا آهن، پر اهو انڪري به ته پاڻي سان زندگي آهي ۽ انسان ذات جو مستقبل به ان سان لاڳاپيل آهي ۽ ان جي تلاش ستارن تي به جاري آهي.

ڌرتيءَ جي گولي تي ساهه کڻندڙ جيوت جي بقا جو اولين سهارو پڻ پاڻي آهي. انڪري انساني تهذيبن جي برپا ٿيڻ کان اڄ تائين ان کي قدرتي نعمت طور ڏٺو ويو آهي. اهو فصلن جيان ڪڏهن به انسان کي پوکڻو نه پيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته دنيا ۾ جتي پاڻيءَ جي سخت اُڻاٺ آهي، اتي ان لاءِ نوان اصلاح به جُڙي رهيا آهن. جيئن پاڻيءَ جي taming ۽ harvesting، پر اسان وٽ پاڻيءَ جي ڍنڍن ڍورن، درياهن ۽ تلائن جي هوندي به شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ پيئڻ لائق مٺي پاڻيءَ جي هٿراڌو اڻاٺ پيدا ڪئي وئي آهي. جنهن جو هڪ سبب ڪيميائي زهرن، ڪارخانن جي فضلي ۽ شهري فضلي جي درياهن ۽ مٺي پاڻيءَ جي ذخيرن ۾ ملي وڃڻ ٻڌايو وڃي ٿو ۽ ٻيو سبب شايد خراب انتظامڪاري آهي. جنهن سبب پاڪستان ۾ صاف ۽ صحت بخش پاڻيءَ جي نالي تي ڪاروبار چوٽان چوٽ چڙهي چُڪو آهي.

هڪ اندازي موجب پاڪستان ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي مارڪيٽ وڏن ڪاروبارن ۾ شامل ٿي چڪي آهي. اهو ڄاڻندي به ته پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ پيئڻ لائق پاڻي وڪرو ٿي نه رهيو آهي، ان هوندي به پلاسٽڪ جي انهن بوتلن جو وڪرو روزمره واري زندگيءَ جي هر ڏاڪي تي ڄڻ ته لازمي آئٽم جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. هڪ سروي موجب 180 ملين پاڪستانين مان (هاڻ ته آدم شماري وڌي چڪي آهي)  60 ملين ماڻهن کي پيئڻ لائق پاڻيءَ تائين پهچ حاصل ناهي. ڪي ادارا 44 سيڪڙو ڄاڻائين ٿا. وقت بوقت گدلي پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ بيمارين بابت بيداري ۽ ڄاڻ سبب ان پاڻيءَ جو وڪرو اڃا به وڌي رهيو آهي.

پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ آن واٽر ريسورسز جو چوڻ آهي ته سال ڏيڍ اڳ جڏهن ملڪ جي 64 تعلقن مان جيڪي مٺي پاڻيءَ جا نمونا چڪاس ڪيا ويا ته انهن مان 48 تعلقن جو پاڻي پيئڻ لائق نه هو. ٻئي طرف، سندن ڄاڻ موجب،”سيف ڊرنڪنگ واٽر سپلاءِ“ پروجيڪٽ تحت 2010ع تائين تعمير ٿيندڙ 12000 واٽر سپلاءِ اسڪيمن مان جن 3200 اسڪيمن جو سروي ڪيو ويو تن مان 35 سيڪڙو غير فعال نڪتيون. باقي 20 سيڪڙو فعال اسڪيمن جو پاڻي منڍ وٽان 72 سيڪڙو ۽ تلائن ۾ پهچڻ کانپوءِ  80 سيڪڙو جراثيميل نڪتو. اهڙي معلومات سندن آفيشل ويب پيج تي ڏني ويئي. هنن جي هڪ سروي موجب هن وقت پاڪستان جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪيترائي پاڻيءَ جا برانڊ وڪري هيٺ آهن، جن تي ڪابه روڪ ٽوڪ ناهي. انهن برانڊن مان (هنن جي مارچ 2016 واري رپورٽ موجب) جڏهن 111 سيمپلز يا نمونن جي ليباريٽري چڪاس ڪئي ويئي ته 100 صحت لاءِ هاڃيڪار نڪتا.

پيئڻ جي پاڻيءَ جي ان واپار تي نيسلي ڪمپني پنهنجو ڌاڪو ڄمائي رکيو آهي. هن ڪمپنيءَ جو مارڪيٽ ۾ لڳ ڀڳ 58 سيڪڙو شيئر يا حصو آهي، پيپسي وارن جي ايڪوافينا جو فقط 12 سيڪڙو يا ان کان ٿورو مٿي. باقي ننڍا ننڍا گروپ سرگرم آهن. پاڻي هينئر ساڻ لڳ ڀڳ کير جي اڌ کان وڌيڪ ملهه کي وڃي رسيو آهي. خطرو اهو آهي ته مستقبل ۾ اهو کير جي قيمت برابر وڪامندو ۽ ان واپار جي بهاني نه فقط مٺي پاڻيءَ کي عام ماڻهوءَ جي پهچ کان تمام پري ڪيو ويندو، بلڪه سرڪاري سطح تي عوام کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪري ڏيڻ واريون بنيادي حقن واريون ذميواريون پڻ خطري ۾ پئجي وينديون. ڇو ته ڪيترن ئي شهرن ۾ ميونسپالٽيءَ جي ٽينڪرن پاڻيءَ وڪڻڻ شروع ڪري ڏنو آهي. پرائيويٽ ٽينڪرن جو سڀ کان وڏو ڪاروبار ڪراچي توڙي ٻين شهرن ۾ هلندڙ آهي. پاڻيءَ کي مارڪيٽ جي وڪري جو مال ٺاهي، ان کي پئسي سان توريو پيو وڃي. ان جي شروعات گھڻي عرصي کان ٿي چڪي آهي.

اسان وٽ ان وڪري پٺيان گھڻي حد تائين حڪومتي پاليسين ۽ انتظامي نا اهليءَ جو به وڏو هٿ آهي جو اها صنعتي فضلي، زرعي زهرن ۽ شهري گٽرن کي درياهن، واهن ۽ مٺي پاڻيءَ جي ذريعن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي آهي. ملڪ جي پارليامينٽ به ان جي روڪٿام لاءِ ڪو عمل لائق قانون ٺاهڻ کان قاصر آهي. نتيجي ۾ ڪمپنين کي مٺي پاڻي جي وڪري لاءِ هڪ مضبوط جواز ٺاهي ڏنو ويو آهي. هاڻ ان مان هڪ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پيئڻ جي پاڻيءَ جو واپار يا وڪرو مٺي پاڻيءَ جي ذريعن، ڍنڍن ۽ دريائن لاءِ ڪو خطرو آهي؟ مان اهو چوندس ته بلڪل هڪ لحاظ کان آهي، ڇو ته پاڻيءَ جو گدلو ٿيڻ خود پاڻيءَ جو نقصان آهي.

 هن وقت شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ملهه جي پاڻيءَ جي ترسيل شروع ٿي چڪي آهي. پاڻيءَ جي لاتعداد برانڊن جا فرينچائز هر ننڍي وڏي شهر ۾ کُلي چڪا آهن، جن جي اشتهاري مشهوري لوڪل ڪيبل نيٽ ورڪس کان ويندي اخبارن تائين جاري آهي. انڪري ڪمپنيون پنهنجي ان ڪاروبار کي پاڻيءَ جي ترسيل جي سرڪاري ذميواريءَ جو متبادل ڪري پيش ڪري رهيون آهن. نتيجي ۾ سرڪار تي سول سوسائٽي کان ويندي ماحولياتي ادارن توڙي سڄاڻ ماڻهن جي ان تنقيد جو دٻاءُ ايترو وزنائتو نه رهندو ته اها مٺي پاڻيءَ جي وهڪرن، ذخيرن، ڍنڍن ڍورن کي گدلي ٿيڻ کان بچائي.

اصل ۾ دنيا ۾ هن وقت جيڪي نوان شهر ٺهي رهيا آهن يا جن جي نئين سر ميپنگ (بحالي) ٿي رهي آهي، تن جي پلاننگ اقوام متحده جي ماحولياتي پروگرام (UNEP)  سان جوڙي ڪئي پئي وڃي. جنهن موجب شهرن جي اڏاوت جي رٿابنديءَ ۾ وڻڪاري، ڇٻرڪاري، پارڪن جي تعمير ۽ مٺي پاڻيءَ جي ترسيل ۽ شهري فضلي جي سائنسي طريقي سان ريسائڪلنگ ۽ ڊمپنگ کي اول درجي جي اهميت ڏني پئي وڃي. پر جيئن ته اسان وٽ سرڪاري سطح تي نه ته اهڙو ڪو ادارو آهي ( EPA جهڙي غير فعال اداري کي ڇڏي)، نه ئي ڪو ويزن، انڪري شهرن جي سمورن گٽرن جو، ڪارخانن جي سمورن فضلن جو ۽ زراعت ۾ استعمال ٿيندڙ زهريلي ٿيل پاڻيءَ جو منهن درياهن، شاخن، ڍنڍن ۽ ٻين پاڻيءَ جي ذخيرن ڏانهن ڪرايو ويو آهي. سنڌ ۾ ڪيترين ئي جاين تي ته سم نالن جي زهر آلود گدلي پاڻيءَ تي ڀاڄيون ۽ ٻيا فصل پڻ ڪاهيا پيا وڃن، ۽ جانور ۽ ماڻهو پڻ پيئڻ طور واپرائڻ تي مجبور آهن. هن وقت پاڻيءَ جي سخت کوٽ سبب سم نالن جو اهو پاڻي مشينن ذريعي ڇڪي ريج يا فصلن لاءِ ڪتب آندو پيو وڃي. جنهنڪري سم نالن جي ترن ۾ هن وقت ٻار  رانديون ڪندا پيا نظر اچن.

پاڻيءَ کي صاف رکڻ ۽ غلاظتن کان بچائڻ لاءِ سڀ کان اثرائتو ڪردار عوام ۽ ان جا ادارا ادا ڪري سگھن ٿا. قانوني ويڙهه ڪنهن حد تائين ته ان جو ازالو ڪري سگھي ٿي پر اصل ڪم پارليامينٽ ۽ پاليسي ٺاهيندڙن جو آهي، جتان اهڙن پروگرامن ۽ پروجيڪٽن کي ٻنجو اچي سگھي ٿو. صاف پاڻيءَ جي بنيادي حق تان عوام کي دستبردار ٿيڻو ناهي. جيڪڏهن شهري ماڻهن پنهنجي ڪمائيءَ ۾ ملهه جي پاڻيءَ جي بجيٽ رکڻ شروع ڪري ڏني ته ٻهراڙين کي به ان ڏانهن ڌڪيو ويندو. ڇو ته ٻهراڙيون شهرن کان به بدتر حالت ۾ آهن. نتيجو اهو نڪرندو ته اسان پنهنجن واهن، درياهن، ڍنڍن ڍورن جي پاڻيءَ کي ڪنو سمجھي ٻنين ٻارن تائين محدود ڪري ڇڏينداسين، ۽ اهو ڀلجي وينداسين ته ان ۾ به انسان کي صحتمند رکڻ جي ڪا صلاحيت موجود آهي. ان لاءِ اسان کي پنهنجين سياسي پارٽين کان پڇاڻو ڪرڻو پوندو ته انهن جي منشور ۾ ڍنڍن ڍورن، درياهن ۽ ٻين پاڻيءَ جي ذخيرن کي گدلي ٿيڻ کان بچائڻ ۽ انهن جي بحاليءَ جو ڪو پروگرام آهي، ۽ هنن ان تي ڪيترو عمل ڪري ڏيکاريو آهي؟ ٻيو اهو ته پاڻيءَ کي وڪري جو وکر بنائڻ ۾ هنن جي پارٽي يا حڪومت جو ڪو هٿ ته ناهي؟ ڇو ته پاڻيءَ بنيادي انساني ضرورتن ۾ اچي ٿو، جيڪو ڪنهن به حالت ۾ وقت جي حڪومت کي عوام کي ميسر ڪري ڏيڻو آهي.

amarlaghari@gmail.com

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment