شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي شعور جو احتجاج


صبح 01 لڳي 38 منٽ -اربع 30 مئي 2018  127 
image-1

پيپلزپارٽي پنهنجي اقتدار جا پنج سال مڪمل ڪري سنڌ جي ايوانن مان موڪلائي چڪي آهي ۽ هنن سٽن لکڻ تائين اقتدار جو واڳون نگرانن حوالي ڪرڻ بابت صلاح مشورا هلندڙ هئا. گذريل 10 سالن ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن کي جديد بنيادي سهولتون ته پري پر قديم بنيادي سهولتون به فراهم نه ڪري سگهي پر پنهنجي اقتدار جي آخري سالن ۾ پنهنجي وڃايل ساک کي بحال ڪرڻ لاءِ ثقافت ۽ سياحت واري ذريعي سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن لاءِ ميلا منعقد ڪرائي کين پنهنجي بي ٽيم ضرور بڻايو.

ثقافت ۽ سياحت کاتي ذريعي اڀري آيل اهولشڪر آئين، جمهوريت، مئنڊيٽ ۽ تقدس جي نالي ۾ سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جي مصبيتن، سورن ۽ صدمن تي اکيون ٻوٽي ڀوتارن جي بادشاهي برقرار رکڻ لاءِ گيت ڳائيندو، ميلن ۽ ملاکڙن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. پيپلزپارٽي جي اقتداري ايوانن مان موڪلاڻي ان وقت ٿي رهي آهي جنهن وقت ڪراچي ۾ قانون جي وردي پهريل اهلڪارن سنڌ جي شعور جي تذليل ڪئي ۽ پوءِ سموري سنڌ ان تذليل خلاف سراپا احتجاج بڻجي وئي ۽ هڪ اڻ کٽندڙ پرامن مزاحمت جو سلسلو شروع ٿي ويو، ان تيزي سان ۽ اوچتو اڀريل سنڌ جي نوجوان شعور جي تحريڪ ثقافت ۽ سياحت کاتي ان جي لشڪر ۽ پيپلزپارٽي کي ڇرڪائي وڌو ۽ پوءِ پيپلزپارٽي جي اقتداري ايوانن مان وزيرن کي ٻاهر اچي ڪراچي پريس ڪلب آڏو وضاحتون ۽ شڪايتون ٻڌڻيون پيون. اسلام آباد کان اسلام ڪوٽ تائين ثقافت ۽ سياحت کاتي جي خرچ پهچندڙن همراهن وزير صاحب کي چيو ته سنڌ ۾ سڀ ٺيڪ آهي، اوهان کي لهر نڪي لوڏو ۽ سيد سڳورو به اها ڳالهه پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت تائين پهچائي تعريفون وٺندو رهيو پر گذريل هفتي کان تبديل ٿيندڙ سنڌ جي اقتداري ايوانن ۾ ويٺل ڀوتارن ۽ سندن درٻارين کي رد ڪندي الڳ نموني سامهون آئي آهي.

جيتوڻيڪ اها باهه جبري گمشدگين واري ڪئمپ تي ٿيل وارتا کانپوءِ ٻري پر ان جي پويان سنڌ سان گذريل 10 سالن کان تسلسل سان ٿيندڙ ويساهه گهاتيون آهن، جيڪي مزاحمتي ماحول جي تخليق ۾ اهم محرڪ سمجهيون وڃن ٿيون. سنڌ جو شعور هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ نئون دور پرامن مزاحمت جو آهي.

  شايد سنڌ اهو وساري سگهي ته جڏهن ڊاڪٽر عاصم کي گرفتار ڪيو ويو ته رئيس وڏي آصف زرداري جذباتي تقرير ڪندي چيو هو ته “ هم اينٽ سي اينٽ بجا دينگي” ۽ جڏهن شرجيل ميمڻ  کي گرفتار ڪيو ويو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ڀوتارن ڪهرام برپا ڪندي جمهوريت جا راڳ الاپيا هئا پر سنڌ ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪيترائي خاندان پنهنجن پيارن جي گمشدگين بعد پيڙا ۾ آهن ۽ اهو پيڙا مهينن جا مهينا سفر ڪندي رهي ٿي پر سنڌ جي اقتداري ايوانن ۾ ويٺل پيپلزپارٽي کي نه اهي خاندان ٿا ڏسڻ اچڻ نه ئي کين اهي گمشدگيون جمهوريت ۽ آئيني مئنڊيٽ تي حملو ٿيون لڳن.

 يقينن سنڌ تبديل ٿي رهي آهي ۽ اٿندڙ مزاحمت نه صرف وڏيرڪي جمهوريت کي رد ڪري ٿي پر پنهنجي الڳ رستي جو هئڻ جو اعلان به ڪري ٿي. ڪراچي کانپو اسلام آباد، حيدرآباد، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان ۽ سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ٿيندڙ بک هڙتالون هڪ پرامن احتجاج طور پنهنجي آئيني ۽ جمهوري بنيادي حق تحت پنهنجن پيارن جي واپسي يا ڪورٽن ۾ پيش ڪرڻ واري مطالبي هيٺ ٿي رهيون آهن، سچ ته اهو آهي ته سنڌ جو اقتداري ايوان جيڪو پاڪستان جو خالق آهي، اهو سنڌ جي آئيني، قانوني ۽ جمهوري حقن جي نه صرف حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي پر انهن کي قبولڻ کان به نابري واري بيٺل آهي.

گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ اٿندڙ احتجاج رياست کي ٻڌائي رهيو آهي ته سنڌ صرف زرداري، ڊاڪٽر، شرجيل ۽ ٽپي ناهي. سنڌ شاگرد، وڪيل، استاد ۽ صحافي به آهن جيڪي پنهنجي ماروئڙن سان بيٺل آهن. سنڌ هميشه شدت پسندي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف رهي آهي. پشاور سانحو هجي يا اسماعلين جو قتل عام سنڌ انهن واقعن خلاف روئيندي سراپا احتجاج هئي ۽ هاڻ سنڌ مظلوم آهي ۽ پرامن احتجاج تي آهي، رياست هلائيندڙن کي سنڌ جي ماڻهن جي آواز کي ٻڌڻ گهرجي ۽ سنڌ مان جبري گم ڪيل ماڻهو ظاهر ڪيا وڃن يا ڪورٽن ۾ پيش ڪيا وڃن ۽ رياست کي يقين هئڻ گهرجي ته سنڌ ماضي جيان جيڪڏهن ڏوهاري ۽ تخريب ڪاري ۾ ملوث آهي ته کين رد ڪندي کانئن لاتعلقي ڪندي ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ جي شعور کي انهن ماڻهن کي پنهنجن صفن کان الڳ ڪرڻ گهرجي، جيڪي سندن احتجاج کي ڪيش ڪرائيندي لاش ڏسڻ جا خواهشمند آهن، سنڌ جي شعور کي پنهنجي صفن ۾ بيٺل دشمنن کي به سڃاڻڻ گهرجي.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment