شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 17 - اپريل - 2021ع

اسان کان عاصمه جهانگير ڇو نٿي وسري


صبح 04 لڳي 20 منٽ -آچر 27 مئي 2018  365 
image-1

 

اهو 1960ع وارو ڏھاڪو ھو، جڏھن هڪ نوجوان ڇوڪري عيسائين جي اسڪول ڪنوينٽ آف جيسس ائنڊ ميري جي انتظاميا خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪندي پنهنجي اسڪول جي شاگردياڻين کي گڏ ڪندي احتجاج ڪيو ۽ اسڪول انتظاميا کي ان مطالبي تي جهڪائي ڇڏي ته ”شاگردياڻين جي يونين جي سربراهه کي انتظاميا طرفان سليڪشن بدران شاگردياڻين طرفان اليڪشن ذريعي چونڊڻ ڏنو وڃي.“ اها سرڪش باغي ڇوڪري ڪا ٻي نه بلڪه عاصمه جيلاني هئي، جيڪا بعد ۾ عاصمه جهانگير جي نالي سان سرحد جي هُن پار ۽ هِن پار سڃاتي وڃي ٿي.

هن ان عمر ۾ بغاوت ڪئي ۽ انقلاب جا ريشمي خواب اڻيا جنهن عمر ۾ نوجوان ڇوڪريون شيڪسپيئر جو ”روميو ائنڊ جوليٽ“ پڙھن ٿا، نڪولس اسپارڪس جا ناول ”دي نوٽبوڪ“ ۽ ”اي واڪ ٽو ريميمبر“ پڙھن ٿا.

پر هوءَ ڪافڪا جو ”ميٽامورفوسس“ ۽ ميڪسم گورڪي جو ”ما“ ناول پڙھي رهي هئي.هن جي سهيلين جي ڊائرين ۾ ساحر جو مشھور نظم ”تاج محل“ لکيل هوندو هو جنهن جي هر سِٽ رنگين پينسل سان لکيل هوندي هئي، جنهن ۾ اها سِٽ ” ميري محبوب ڪهين اور ملا ڪر مجهه سي“ نمايان نظر اچي ٿي ۽ هن جي ڊائري جي هر سفيد پني تي بليڪ مارڪر جي بولڊ اکرن سان فيض جي اها سِٽ ”انتظار ٿا جس ڪا ڪهين وه يه سحر تي نهين“ لکيل هوندي هئي.

27  جنوري 1952ع ۾ لاهور جي هڪ خوشحال گھراڻي ۾ جنم وٺندڙ عاصمه جهانگير پهريون ڀيرو عوام ۾ تڏھن مشھور ٿي هئي، جڏھن هن جي ريٽائرڊ سول سرونٽ والد ملڪ غلام جيلاني کي بنگالين جي نسل ڪشي خلاف احتجاج ڪرڻ تي ان وقت جي ڊڪٽيٽر يحيٰ جي فوجي حڪومت گرفتار ڪيو هو. عاصمه جهانگير ان وقت ويهن ورهين جي هئي، جنهن وقت هن پنهنجي والد جي گرفتاري خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي. آمر يحيٰ جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ فيصلو عاصمه جي حق ۾ آيو هو ۽ ان وقت جي يحيٰ جي حڪومت کي عدالت غيرقانوني قرار ڏنو هو.

1978 ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪندڙ ۽ طاهر جهانگير نالي بزنس مين سان شادي ڪندڙ عاصمه جهانگير کي لا ڪاليج جي فسطائي سوچ رکندڙ پرنسپال ڪاليج اٽينڊ ڪرڻ کان صرف ان لاءِ روڪيو هو جو هو شادي شده هئي.

ڊڪٽيٽر ضيا جي ڪاري دؤر ۾ جڏھن حدود آرڊينيس لاڳو ڪرڻ خلاف لاهور جي مال روڊ تي وومين ايڪشن فورم طرفان عوامي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي هئي، ان گڏجاڻيءَ ۾ عاصمه جهانگير عورتن سان متڀيد واري سلوڪ ۽ پاليسي تي ضيا شاهي خلاف وڏي بيباڪيءَ سان تقرير ڪئي هئي. سچ ڳالهائڻ ۽ ڊڪٽيٽر کي آئينو ڏيکارڻ جي پاداش ۾ ان وقت جي ضيا حڪومت طرفان مجلس شوره جو اجلاس سڏائي عاصمه جهانگير تي توهين مذھب جو الزام هڻي ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي هئي. آمر ضيا جي حڪومت عاصمه جهانگير کي توهين مذھب جي ڪوڙي الزام ۾ ڦاسائي موت جي سزا ڏيارڻ جي پوري ڪوشش ڪئي هئي پر ان وقت پاڪستان پينل ڪوڊ 295 جو سيڪشن سي اڃان لاڳو نه ٿيو هو. عاصمه طرفان ان ڪميشن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو هو، خوش قسمتي سان انساني حقن جي ان وقت جي اڳواڻ طاهره عبدالله طرفان مال روڊ تي ٿيل احتجاجي گڏجاڻي جي ٽيپ ريڪارڊر منظرعام تي آندي وئي هئي جنهن ۾ عاصمه طرفان ڪابه اهڙي ڳالهھ تقرير ۾ نه ڪئي وئي هئي، جيڪا توهين مذھب جي زمري ۾ اچي.

بعد ۾ عاصمه کي مختلف ڪيسن ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي مهينن کانپوءِ کيس گرفتار ڪري ڪوٽ لکپت جيل ۾ موڪليو ويو هو.

1993 ع ۾ اقليتي مذھب سان تعلق رکندڙ نينگر سلامت مسيح ۽ سندس چاچي منظور مسيح جو ڪيس وڙھڻ تان عاصمه جهانگير جي گھر تي انتهاپسندن حملو ڪري سندس جي غيرموجودگيءَ ۾ هن جي گھر ڀاتين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي هراسان ڪيو ۽ کيس سخت نتيجا ڀوڳڻ جو پيغام پويان ڇڏي ويا. ڪجهه ڏينهن تائين لڳاتار هر رات جو عاصمه جي گھر تي هوائي فائرنگ ڪري دهشت ۽ ڏھڪا پکيڙيندا رهيا، ويندي عاصمه جي ٻارن جو اسڪول تائين پيڇو ڪندا هئا ۽ کين اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا. ان ساڳئي ڪيس ۾ الزام هيٺ آيل منظور مسيح کي عدالت ٻاهران ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو ۽ مقتول جي حق ۾ فيصلو ڏيندڙ عارف اقبال ڀٽي نالي جج کي به ڪجهھ عرصي کانپوءِ قتل ڪيو ويو هو.

عاصمه جهانگير کي عورتن جي بنيادي حقن، اقليتن ۽ خاص طور تي بلوچستان ۾ انساني حقن جي لتاڙ/پائمالي خلاف آواز بلند ڪرڻ تي کيس مختلف وقتن تي ”غدار وطن“ ۽ ”انڊيا جي ايجنٽ“ جهڙا لقب ۽ ليبل ملندا ۽ لڳندا رهيا. محب وطن ۽ غدار وطن جا سرٽيفڪيٽ ورهائيندڙ مفلوج ذھنن ۽ ننڍڙن ذھنن جي هن کي پرواه به ڪڏھن هئي. اسان جهڙن بانبڙا پائيندڙ ۽ پٺتي پيل سماجن ۾ جتي دليل ۽ منطق جو جواب گولي ۽ گار سان ڏنو ويندو آھي، اتي هن بي ڌڙڪ ٿي وڏي بيباڪيءَ سان انهن ادارن يا ”خلائي مخلوقن“سامهون سچ جو آواز بلند ڪري هڪ اڻ ڏٺي خوف جي ديوار کي ڊاھڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ اهڙن ممنوع بڻيل موضوعن تي ڳالهائڻ لڳي جنهن جي قيمت صرف موت ئي هوندو آھي.

هوءَ چوندي هئي ”مونکي ڪشميرين، فلسطينين ۽ برما جي مسلمانن تي ظلم جو ٻڌي ڏک ٿيندو آھي پر مونکي ان کان به وڌيڪ غم ۽ ڏک بلوچستان جي بلوچ مزدور، لاهور جي تيزاب هاريل عورت تي ٿيندو آھي ڇو جو هو منهنجا پنهنجا آھن منهنجي پنهنجي ملڪ جا آھن. مونکي ويجھا آھن پنهنجي ملڪ جي ماڻھن جو غم ان ڪري گھڻو ٿيندو آھي جو آئون انهن سان گڏ رهان ٿي“.

جڏھن هن 2010ع ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئشن جي صدارت لاءِ چونڊ وڙھڻ جو اعلان ڪيو هو ته پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا هن خلاف ٿي بيٺي هئي پر باوجود ان جي هن چونڊ کٽي ڏيکاري هئي. تنقيد ته هن تي ان وقت به ڪئي وئي هئي، جڏھن هوءَ زرداري حڪومت ۾ مشھور ميمو گيٽ اسڪينڊل ۾ حسين حقاني طرفان سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس وڙھي هئي. ان کان ڪجھه سال اڳ ڊڪٽيٽر مشرف جي 2007ع واري ايمرجنسي ۾ به هوءَ گرفتار ٿي هئي.

توڙي جو عاصمه جهانگير جي خيالن ۽ نظرين سان گھڻن کي اختلاف به هوندو پر اهو مڃڻو پوندو ته هو پنهنجي مقصد ۽ مشن سان مخلص ۽ ڪميٽڊ هئي. هن ظلم ۽ جبر خلاف پنهنجو ڳاٽ سدائين اوچو رکيو.

''Blasphemy"  ۽ ''My Feudal Lord" جهڙن جڳ مشھور ڪتابن جي ليکڪا ۽ پنجاب جي جاگيردار مصطفيٰ کر جي اڳوڻي وني تهمينه دراني کي جڏھن مصطفيٰ کر هڪ کيس مارڻ وارو هوندو آهي ته ان رات ڪيئن نه عاصمه جهانگير پنهنجي ليگل ٽيم ۽ پوليس سان گڏ مصطفيٰ کر جي گھر پهچي ۽ تهمينا کي در جا لاڪ ٽوڙائي آزاد ڪرائي ڪرايو. اهو واقعو تهمينا جي زباني سندس آتم ڪٿا ''مائي فيوڊل لارڊ'' ۾ پڙھي سگھجي ٿو.

عاصمه جهانگير کي ڏيهي توڙي پرڏيهي ايوارڊس لاتعداد ۾ مليا هئا پر هوءَ ايوارڊن کان وڏي هئي.

40 سالن کان مٿي فوجي آمرن، مذھبي ڌرين ۽ اسٽيبلشمينٽ سان جھيڙيندڙ هماليه جيڏا حوصلا رکندڙ اها سرڪش باغي عورت (عاصمه) بينظير ڀٽو کانپوءِ عالمي طور سڃاتي ويندي هئي. 

اهو آواز جيڪو مسنگ پرسنس لاءِ مارگلا جي پهاڙن ۾ گونجندي اقتداري ايوانن کي لوڏي ڇڏيندو هو. اهو آواز هاڻ خاموش ٿي ويو آهي.

اهو آواز جيڪو تيزاب هاري ساڙيل عورتن لاءِ انصاف جي عدالتن ۾ ٻڌبو هو اهو آواز خاموش ٿي ويو آهي. 

اهو آواز جيڪو توهين مذھب جي الزام هيٺ آيل گلزار جي نظم جهڙين حياتين لاءِ گونجار ڪندو هو، اهو آواز هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهي.

 

 

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment