شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

وائيس فار مسنگ پرسنس واري اتساهيندڙ تحريڪ


صبح 11 لڳي 02 منٽ -جمعو 25 مئي 2018  200 
image-1

 

سدائين نجي ڪچهرين يا ميڙاڪن ۾ پنهنجي آسپاس جي ماڻهن جي واتان اهو ٻڌندا پيا اچون ته "سنڌ اڃان سنڍ ناهي ٿي" يا وري "سنڌ گدڙن ناهي کاڌي". هاڻوڪين حالتن کي آڏو رکي پاڻ سنڌ جي متحرڪ ٿيل نوجوانن مان اُتساهه وٺون پيا ۽ ايئن پيو لڳي ته ڄڻ انهن ٻن چوڻين يا محاورن جو مفهوم اسان کي هاڻي سمجهه ۾ اچي ويو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ مان جبري گمشدگين جو مامرو ڪو نئون ناهي ۽ نه ئي رياست جي اهڙي جبر خلاف ڪو پهريون ڀيرو سنڌ ۾ آواز اٿيو آهي. سنڌ مان پرامن ۽ سنجيده سياسي ڪارڪنن، صحافين، اديبن، دانشورن ۽ شاگردن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو توڙي جو تمام پراڻو آهي پر ان ۾ نئون اُڀار پرويز مشرف جي دور کان شروع ٿيو، جنهن ۾ لاڳيتو تيزي ايندي پئي وڃي. لڳ ڀڳ ڏيڍ ڏهاڪي جي ان عرصي ۾ سنڌ مان ڪيترن ئي کنڀي گم ڪيل نوجوانن جا چچريل لاش مليا، ڪي خوشقسمتي سان ڪيترن ئي مهينن بعد زندهه واپس وارثن وٽ پهتا، جڏهن ته ڏيڍ سئو کان وڌيڪ اڃا تائين گم آهن، جن جو ڪو پتو ناهي ته آخر اهي ڪٿي آهن ۽ انهن مٿان ڪهڙي گناهه جو الزام آهي. 

جبري گمشدگين جي ان غيرجمهوري عمل خلاف سنڌ ۾ ڪيترن ئي ورهين کان احتجاج جو سلسلو لاڳيتو جاري آهي، ان کان اڳ به جبري گمشدگين خلاف جسقم آريسر، وائس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ پاران ڀٽ شاهه کان ڪراچي تائين لانگ مارچ، ڪراچي ۽ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون بک هڙتالي ڪئمپون لڳائڻ سان گڏ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ٿيندا رهيا آهن. سنڌ جي کاهوڙي ڪردار پنهل ساريو جي ڪنوينرشپ ۾ جبري گمشدگين خلاف وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ نالي فورم جوڙيو ويو، جنهن جي پليٽ فارم تان منظم تحريڪ شروع ٿي ته پنهل ساريو کي ئي لڳ ڀڳ 3 مهينن تائين کنڀي گم ڪيو ويو. ظاهري يا روايتي طور جبري گمشدگين واري مسئلي تي سنڌ جون سموريون سياسي پارٽيون احتجاج ڪندي نظر آيون آهن پر انساني حقن جي سنگين لتاڙ واري ان حساس نوعيت جي مسئلي تي جسقم (آريسر)، اي جي پي ۽ عوامي ورڪرز پارٽي کانسواءِ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين يا سياسي پارٽين ۾ ڪڏهن به سنجيدگي نظر نه آئي آهي. اهو ئي سبب هو جو 4 ڪروڙ ماڻهن تي ٻڌل قوم جي نمائندگي جي دعويدار ٻه درجن قومپرست پارٽين جي هوندي گم ڪيل خادم آريجو ۽ هدايت لوهار جون نياڻيون ننڌڻڪيون ۽ لاوارث بڻجي پنهنجن پيارن جون تصويرون کڻي اڪيلي سِر احتجاج ڪندي نظر آيون. 

هدايت لوهار ۽ خادم آريجو جي بهادر نياڻين سسئي لوهار، سورٺ لوهار ۽ تنوير آريجو پاران هر قسم جي ڌمڪين ۽ دٻاءُ کي رد ڪندي خاموشي ۽ مايوسي کي ڪفر سمجهي پنهنجي پيارن لاءِ اڪيلي سِر احتجاج ڪرڻ، صوفي ڪانفرنس ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ احتجاجي پرچا ورهائڻ تي جڏهن سوشل ميڊيا تي سنڌ جي نمائندا پارٽين ۽ ليڊرشپ تي تنقيد ٿيڻ لڳي، تڏهن مختلف سياسي پارٽين پاران ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ڪيو ويو.

20 مئي تي وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ جي سڏ تي هدايت لوهار، خادم آريجو، ديدار امرت سميت جبري طور گم ڪيل سياسي ڪارڪنن، صحافين ۽ شاگردن جي ڌيئرن، ڀينرن، ونين ۽ ٻين مائٽن ۽ قومپرست ڪارڪنن پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري بک هڙتال ڪئي پئي وئي ته رينجرس ۽ پوليس سميت خانگي لباس پهريل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڪئمپ تي هلان ڪئي. ڪراچي پريس ڪلب جي صحافين ۽ ڪئمپ تي موجود سياسي ڪارڪنن توڙي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيوز موجب نه صرف احتجاجي ڪئمپ تي ويٺل گم ڪيل ماڻهن جي نياڻين کي ڌمڪايو ويو پر خادم آريجو ۽ هدايت لوهار جي نياڻين سورٺ ۽ سسئي کي گهلي سندن ڪپڙا ڦاڙي تذليل جو نشانو بڻايو ويو. 

سنڌ جي دل جي حيثيت رکندڙ راڄڌاني واري شهر ڪراچي جي پريس ڪلب آڏو سنڌي نياڻين جي ايتري وڏي تذليل تي جنهن قسم جو ردعمل يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن ۽ تنظيمن سان غيرلاڳاپيل عام نوجوانن طرفان سامهون آيو آهي، ان قسم جو ردعمل سنڌ جي ڪنهن به قومپرست ڌر يا سياسي اڳواڻ طرفان نه آيو آهي. احتجاجي ڪئمپ تي فورسز جي ڪاهه ۽ نياڻين جي تذليل کانپوءِ سنڌ سرڪار جي ٻن وزير سهيل انور سيال ۽ ناصر حسين شاهه جيتوڻيڪ ڪئمپ تي پهچي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن کان تفصيل وٺڻ سان گڏ سندن پيارن جي آزادي لاءِ تحرڪ وٺڻ جي خاطري پڻ ڪرائي پر هن وقت تائين سنڌ سرڪار پاران ان حساس مامري تي ڪا اهم گڏجاڻي ئي نه گهرائي وئي آهي جنهن مان اهو يقين ڪري سگهجي ته سنڌ سرڪار ان مامري تي ڪيتري سنجيده آهي. سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ ڌر جي جبري گمشدگين واري مامري تي مجرماڻي خاموشي پنهنجي جاءِ تي پر سڀ کان وڏو سوال سنڌ جي انهن قومپرست سياسي پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن کان ٿي رهيو آهي جيڪي هر وقت سنڌ سنڌ ڪندي واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙيندي نظر ايندا آهن جو ڪراچي ۾ سنڌي نياڻين جا ڪپڙا ڦاڙي تذليل ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه منٽن لاءِ احتجاجي ڪئمپ تي پهچي مذمتي تقرير ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جا قومپرست اڳواڻ منظرعام تان ئي غائب ٿي ويا آهن. اهڙي وقت ۾ منظور پشتين جهڙن نوجوانن جي جدوجهد کان متاثر سنڌ جو نوجوان نسل 4 مارچ واري جدوجهد جو نئون ورجاءُ ڪري ميدان تي نڪري پيو آهي. 

سنڌ جي شهر شهر ۾ نوجوانن پاران پنهنجي ڀينرن جي تذليل ۽ ديس واسين جي جبري گمشدگين خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن ۽ سوشل ميڊيا تي سنڌ جو اهو ڪو ماڻهو ناهي جيڪو پنهنجي ڀينرن جي تذليل تي دانهون ڪندي نظر نه ايندو هجي، اهڙي صورتحال ۾ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي سنڌي شاگردن جي تنظيم مهراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جا نوجوان جنهن انداز ۾ پاڻ ملهائي رهيا آهن، انهن سڄي قوم ۾ نئون قومي جذبو ۽ اُتساهه پيدا ڪيو آهي. مهراڻ اسٽوڊنس ڪائونسل جي بهادر اڳواڻ ثناءُ الله امان جنهن جي بهادري مان اُتساهه وٺندي سنڌ جي نوجوانن پاران پنهنجي فيس بوڪ پروفائيل تي سندس تصوير لڳائي کيس سنڌ جو منظور پشتين قرار ڏنو پيو وڃي.

ثناءُ الله امان ۽ سندس ساٿين سلمان تنيو، اعجاز چانڊيو، ڪامران رند، شمس چانڊيو ۽ ٻين جنهن انداز ۾ سنڌ جي نياڻين سسئي ۽ سورٺ سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي بي واجبي ۽ گم ڪيلن جي آزادي لاءِ اسلام آباد ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو، ان سڄي سنڌ جي نوجوانن ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو آهي. ڪراچي جيان اسلام آباد ۾ به سنڌي شاگردن جي ڪئمپ تي پوليس ڪاهه ڪئي ۽ سندن احتجاجي ڪئمپ تي لڳل تنبو پٽي اڇلائي ڇڏيا پر سنڌ جي بهادر نوجوانن اُس ۾ ويهي به پنهنجو احتجاج جاري رکيو، جنهن کانپوءِ پشتونن جي جبري گمشدگين خلاف تحريڪ هلائيندي مقبول ٿي ويل نوجوان پشتون اڳواڻ منظور پشتين ۽ هزارا قوم جي نسل ڪشي خلاف جدوجهد ڪندڙ وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اڳواڻ ڪامريڊ جليلا حيدر ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن پاران سنڌي شاگردن جي جدوجهد جي حمايت ڪئي وئي.

سسئي، سورٺ لوهار ۽ تنوير آريجو ۽ مهراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي نوجوانن جي شاندار جدوجهد نه صرف رياست جي رکوالن کي جبري گمشدگين واري مامري تي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي پر گڏوگڏ سنڌ جي سُتل شعور ۽ ضمير کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي سنڌ جا اهي ماڻهو به پنهنجي وطن جي نياڻين جي تذليل خلاف سراپا احتجاج نظر اچي رهيا آهن جن کي عام طور قومپرستي لفظ توڙي نعري کان ئي چِڙ هوندي آهي. پر خادم آريجو ۽ هدايت لوهار جي بهادر ڌيئرن قرباني ۽ جدوجهد جو نئون مثال قائم ڪندي سنڌ جي ماڻهن کي وطن سان ٿيندڙ رياستي جبر تي سوچڻ ۽ جاڳڻ تي مجبور ڪيو آهي. اهڙي وقت ۾ جڏهن سنڌ جو عام شعور سنڌ جو عام لوڪ سُجاڳ ٿي پيو آهي، تڏهن به سنڌ جي ليڊرشپ خوف جي چادر ويڙهي سمهي پئي آهي، ديس واسين جي جبري گمشدگي ۽ قوم جي نياڻين جي تذليل خلاف جڏهن سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي ۽ ڪئنيڊا سميت دنيا جي ايوانن ۾ سنڌ جي دانهن جا پڙاڏا گونجي رهيا آهن، تڏهن به سنڌ جي ليڊرشپ پنهنجي قوم کان لاتعلق بيٺل آهي. جسقم سميت سنڌ جون کوڙ ساريون سياسي پارٽيون مذمتي بيانن تائين ايئن محدود آهن ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه آهي. حقيقت ۾ ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها جو سسئي ۽ سورٺ جي بهادري ۽ جرئت جڏهن سڄي قوم جي شعور ۽ ضمير کي جنجهوڙي قوم کي جاڳايو آهي، تڏهن سنڌ جي قومپرست ليڊرشپ ۽ دانشورن کي اڳتي اچي قوم جي باضابطه اڳواڻي ڪرڻ گهرجي. اهڙي اڳواڻي جهڙي اڳواڻي مائوزي تنگ ڪئي هئي، جهڙي مصطفيٰ ڪمال اتارڪ ڪئي هئي. 

سنڌ جي سمورن سياسي اڳواڻن جلال محمود شاهه، صنعان قريشي، رياض چانڊيو، قادر مگسي، رسول بخش پليجو، عبدالخالق جوڻيجو، اياز لطيف پليجو، علي قاضي، سيد خليل شاهه کي پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻا هڻڻ گهرجن. زبردست قسم جي احتجاجي تحريڪ شروع ڪري مطالبو ڪرڻ گهرجي ها ته جبري گم ڪيل سمورن سنڌي سياسي ڪارڪنن (بشمول اردو ڳالهائيندڙن جي) کي آزاد ڪيو وڃي ۽ سنڌي نياڻين جي تذليل ڪندڙ اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي. پر بدقسمتي سان ڪيترن ئي ڏهاڪن جي اڀاڳي ننڊ کانپوءِ اڄ جڏهن قوم جاڳي پئي آهي، تڏهن به سياسي قيادت کانسواءِ اسان جو نوجوان نسل پنهنجن مظلوم ڀائرن جو ڪيس وڙهي رهيو آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment