شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

جبري گمشدگين خلاف سنڌ سراپا احتجاج


صبح 07 لڳي 09 منٽ -جمعو 25 مئي 2018  163 
image-1

سنڌ مان جبري طور تي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن، اديبن، دانشورن، قلمڪارن ۽ صحافين جي بازيابيءَ لاءِ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڪئمپ قائم ڪري 72 ڪلاڪن جي بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي، بک هڙتالي ڪئمپ تي ڪيترائي سياسي سماجي اڳواڻ جهڙوڪر جي يو آءِ جي اڳواڻ راشد محمود سومرو، جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو، سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جو اڳواڻ حيدر ملاح، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو اڳواڻ ڊاڪٽر دودو مهيري، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي، ناليوارو محقق ۽ تاريخدان عطا محمد ڀنڀرو، ناليوارو دانشور جامي چانڊيو، اڳوڻو ترقي پسند شاگرد اڳواڻ امداد چانڊيو، ناليوارو اديب تاج جويو، سنڌ هاري پورهيت ڪائونسل جو اڳواڻ پنهل ساريو، ايڇ آر سي پي جو اڳواڻ ڊاڪٽر اشو ٿاما، جبري طور کنڀي گم ڪيل خادم آريجو جي نياڻي نيلم آريجو، رميش گپتا، قاضي منظر حيات حميد سنڌي، علي پلهه، آڪاش ملاح، امجد پليجو، سنڌو نواز، فاروق سومرو، مهيش ڪمار، سهيل ڀٽو ۽ پنهل جمالي سميت قومي ڪارڪنن، اديبن، دانشورن، شاعرن، انساني حقن جي اڳواڻن، مذهبي اڳواڻن، صحافين، جبري طور کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي سنڌ جي ترقي پسند، قومپرست اڳواڻن، اديبن، دانشورن، انساني حقن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ سميت انساني حقن جي عالمي ۽ علائقائي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته جبري طور کنڀي گم ڪيل قومپرست ڪارڪنن، اديبن، ليکڪن ۽ ٻين جون گرفتاريون فوري ظاهر ڪرائي حياتيون بچايون وڃن، جيڪڏهن ڪنهن تي ڪو به ڪيس آهي ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ جبري طور کنڀي گم ڪرڻ جي سلسلي کي روڪيو وڃي، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ قائم ڪيل بک هڙتالي ڪئمپن تي پوليس پاران ڪاهه ڪري احتجاج تي ويٺل ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

حيبرآباد ۾ بک هڙتال ڪئمپ جو ڏيک

نامياري دانشور جامي چانڊيو سپريم ڪورٽ کان کنڀي گم ڪيل ماڻهن سان انصاف جي گهر ڪندي چيو ته توهان ايترا طاقتور آهيو جو ملڪ جي وزير اعظم ۽ ملڪ جي وزير دفاع کي لاهي سگهو ٿا ته پوءِ سنڌ جا شهري گم آهن انهن کي بازياب ڪرايو وڃي. هن چيو ته عدالتون رڳو سياسي حڪومتن جي خلاف ڇو آهن، جتي خود آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ٿئي ته اتي عدالتن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان هن تحريڪ جي ذريعي سڄي سنڌ سميت ملڪ جي انساني حقن جي تنظيمن ۽ سياسي پارٽين کي اپيل ڪيون ٿا ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي واري جنگ رڳو هڪ صوبي جي ناهي، پر هي جنگ پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني جي جنگ به آهي، هي جنگ پاڪستان جي حقيقي عوامي جمهوري جنگ آهي. 

هن چيو ته دنيا ۾ 21 هين صديءَ ۾ جتي جانورن، وڻن ۽ پکين جا به حق آهن، ان 21 هين صديءَ ۾ توهان سنڌ ۽ پاڪستان جي ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ٿا يا وري انهن جا لاش اڇلايا وڃن ٿا، اها روش پاڪستان توڙي سنڌ جو ماڻهو قبول نه ڪندو. هن چيو ته سنڌ جي کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي يا انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، هي تحريڪ هاڻ ماٺي نه ٿيڻ گهرجي، هن صديءَ ۾ شڪست اهي ئي کائيندا جيڪي آئين ۽ قانون کي ٽوڙيندا، جيڪڏهن توهان کي آئين، قانون ۽ جمهوريت قبول ناهي ته پوءِ سنڌ جا 46 ماڻهو ڇو پر 46 هزار ماڻهو به کڻي وٺو، پر سنڌ جا ماڻهو اها ناانصافي ۽ جبر ڪڏهن به قبول نه ڪندا. 

جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته سنڌ مان جبري گم ڪيل ماڻهن جي گمشدگي خلاف ڪراچي ۾ سندن وارثن احتجاج ڪيو ته انهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، نياڻين جي تذليل ڪئي وئي، جنهن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي. هن چيو ته ملڪ جي شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ ملڪي آئين ۽ عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، سنڌ مان ڪافي عرصي کان ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي. سنڌ نيشنل پارٽي پارٽي جي چيئرمين امير ڀنڀري چيو ته جن ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن انهن خلاف ڪيس داخل ٿيل آهن ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ به شاگردن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، جيڪو عمل سخت مذمت جوڳو آهي. ان موقعي تي جي يو آءِ سنڌ جي صدر راشد محمود سومرو ڪئمپ تي پهچي بک هڙتالين جي حمايت ڪئي.

ڪراچي ۾ احتجاج دوران سنڌي نياڻين تي ٿيل پوليس جي لٺبازي

ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته ڪئمپ تي نه اچڻ لاءِ مون مٿان وڏو دٻاءُ وڌو ويو، پر آئون دٻاءُ واريون سڀ زنجيرون ٽوڙي پهتو آهيان. هن چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، جيڪڏهن سنڌ کي وسيلن طور پنهنجا حق ڏنا وڃن ته عرب سنڌ ۾ ڪمائڻ لاءِ ايندا. هن چيو هن چيو ته سنڌ ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، ڪنهن کي مسجد ۾ شهيد ڪيو ٿو وڃي ته ڪنهن جي گاڏي کي روڪي ان تي تيزاب هاري گوليون هڻي انهن جا لاش ساڙيا ٿا وڃن، ڪنهن کي زهر ڏنو پيو وڃي ته وري ڪنهن جي سالن تائين ٽارچرسيلن ۾ رکڻ بعد سندن جسم کي گولين سان پروڻ ڪري سندن لاش اڇلايا ٿا وڃن. هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين وس وارن انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جبري گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي. پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته جبري طور کنڀي گم ڪرڻ وارو معاملو صرف پارٽين سان نه پر سمورن ماڻهن سان آهي ۽ هي معاملو انساني حقن جي پاسداري جو پڻ آهي. هن چيو ته سنڌ کي جيئرن ماڻهن جو قبرستان بڻائڻ چاهيو ٿا، جيڪو برداشت نه ڪنداسين، ڇو ته هي جنگ سنڌ جي وجود ۽ شعور جي جنگ آهي. سماجي اڳواڻ پنهل ساريو چيو ته اڄ جبري طور ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ واري معاملي تي سنڌ توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ٻڌي جو ثبوت ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته 2004ع کان رياست غيرقانوني طور ماڻهن کي کنڀي لاش ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ هن وقت هزارين ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا آهن، ڪو به اهڙو علائقو ناهي جتان ماڻهو کنڀي گم نه ڪيو ويو هجي. هن چيو ته 22 مئي تي سنڌ جي مسنگ پرسن جي بازيابي لاءِ چڻنگ ٻري، جنهن دوران ڪراچي پريس ڪلب تي ويٺل نياڻين ۽ ماڻهن تي ڏنڊا وسايا ويا، جنهن عمل جي آئون مذمت ڪيان ٿو. سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي سيڪريٽري ۽ وائيس آف مسنگ پرسنز سنڌ جي اڳواڻ تاج جويو چيو ته سنڌ مان قومي ڪارڪنن، اديبن ۽ ليکڪن کي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي جيڪا ناانصافي آهي. 

هن چيو ته وائيس فارمسنگ پرسنز سنڌ پاران ٻه لانگ مارچ ڪيا ويا آهن، ڪراچي ۾ 72 ڪلاڪن جي بک هڙتال ڪئي وئي اسلام آباد سميت حيدرآباد ۾ پڻ بک هڙتال ڪئي پئي وڃي، جيستائين هڪ به ماڻهو گم هوندو اسانجي جدوجهد جاري رهندي. يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن سنڌو نواز، سهيل ڀٽو، پنهل جمالي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مان جبري گم ڪيل ماڻهن جي گمشدگي خلاف ڪراچي ۾ وارثن احتجاج ڪيو ته انهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، نياڻين جي تذليل ڪئي وئي، جنهن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي، هنن چيو ته ملڪ جي شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ ملڪي آئين ۽ عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، سنڌ مان عرصي کان ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته جن ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن انهن خلاف ڪيس داخل ٿيل آهن ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، هنن چيو ته اسلام آباد ۾ به شاگردن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، جيڪوعمل جي سخت مذمت جوڳوآهي، هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين وس وارين انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جبري گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي. ان موقعي تي جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ امير آزاد پنهور پنهنجي قوم ۽ وطن جي ڳالهه ڪندڙن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، جيڪو عالمي انساني حقن توڙي عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجن پيارن جي بازيابيءَ لاءِ مسلسل روڊن رستن تي آهن، پر سندن پيارن کي ظاهر نٿو ڪيو وڃي ۽ ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن جا سنڌ کي لاش ملي چڪا آهن. ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ ڊاڪٽر اشوٿاما چيو ته سنڌ مان تازو جبري گمشدگيون ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻ، صحافي، اديب ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ شامل آهن، اهڙو عمل آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي آهي، جيڪڏهن ماڻهن جو ڪو ڏوهه آهي ته انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان انساني حقن جي حوالي سان عالمي طور تي جيڪو واعدو ڪيو آهي ان تي عمل ڪري.

ان موقعي تي قومي راڳي ٻيجل سنڌي، آڪاش ملاح، مهيش ڪمار، فاروق سومرو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي ۽ قومي ڪارڪنن جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو. سنڌ جي لاءِ پنهنجي نوجوان پٽ راجا ڏاهر ڀنڀري جي قرباني ڏيندڙ سنڌ جو قومي دانشور ۽ محقق عطا محمد ڀنڀرو پڻ حيدرآباد پريس ڪلب تي قائم 72 ڪلاڪن واري بک هڙتالي ڪيمپ تي پهتو. ان موقعي تي عطا محمد ڀنڀري خطاب ڪندي چيو ته رياستي ادارن پاران کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابيءَ واري جنگ ۾ سنڌ جون نياڻيون اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، جن کي آئون سلام پيش ڪيان ٿو، جيڪي سنڌ جي حقن ۽ سنڌ جي وجود جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن. هن چيو ته سنڌ هن وقت تمام ڏکي صورتحال ۾ ڦاٿل آهي، سنڌ جي نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ نوجوانن جا لاش ملن ٿا. هن چيو ته ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ ڪٿان جو قانون آهي، سنڌ جي نوجوانن مٿان ڪيس آهن ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.

هن چيو ته بک هڙتالي ڪيمپ تي موجود ماڻهن کي سلام پيش ڪيان ٿو جيڪي سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ هتي گڏ ٿيا آهن. جبري طور کنڀي گم ڪيل خادم آريجو جي نياڻي نيلم آريجو چيو ته منهنجي والد کي سنڌ ۽ سنڌين سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، منهنجو والد ڪنهن به غيرقانوني ڏوهه ۾ ملوث نه رهيو آهي سنڌ ۽ پاڪستان جي ڪنهن به ٿاڻي تي بابا خلاف ڪابه ايف آءِ آر داخل ناهي ان جي باوجود 14 مهينا ٿي ويا آهن بابا کي ظاهر نٿو ڪيو وڃي، جيڪا اسان سان ناانصافي ۽ ظلم آهي. اسان ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ته پوليس اسان تي تشدد ڪيو نياڻين جا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ 4 نوجوانن کي کنڀي سڄي رات انهن تي تشدد ڪيو ويو، اسان جي مسلسل احتجاج ۽ عوامي دٻاءُ تي انهن کي آزاد ڪيو ويو. هن چيو ته گهر جو ڪمائڻ وارو اڪيلو بابا هيو، جنهن کي به کنڀيو ويو آهي ان جي گرفتاري به ظاهر نٿي ڪئي وڃي. هن چيو ته بابا سميت ٻين سمورن کنڀي گم ڪيلن جي آزادي تائين هي جدوجهد جاري رهندي.

سنڌ جي سول سوسائٽي جي نمائندن، انساني حقن جي اڳواڻن ۽ سياسي ڌرين پاران سڀاڻ ڇنڇر جي ڏهاڙي تي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ ۽ ڪراچي ۾ بک هڙتالي ڪيمپ تي نياڻين مٿان اهلڪارن پاران تشدد ڪرڻ واري عمل خلاف ٿيندڙ احتجاجي مارچ جي سلسلي ۾ جامي چانڊيو، پنهل ساريو، امداد چانڊيو، مهيش ڪمار، فاروق سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻن ۾ هڪ وفد حيدرآباد پريس ڪلب، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ۽ حيدرآباد بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن وٽ پهچي کين مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي، ان کانسواءِ اڳواڻن پاران حيدرآباد جي مختلف سياسي، سماجي ڌرين کي مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ دعوتون ڏنيون پيون وڃن.

ائين ٿو لڳي ڄڻ وڏي عرصي کان سنڌ ۾ هڪ لائو پچي رهيو هو ۽ اهو اُٻري ٻاهر نڪتو آهي، پر ٻئي طرف قانون نافذ ڪندڙ ادارا ڪئمپ تي وٺيلن کي دٻائي ۽ ڌمڪائي رهيا آهن، انهن کي هاڻي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڏاڍ ۽ جبر سان ڪنهنجو به آواز دٻائي نٿو سگهجي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment