شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

سنڌ ۾ ڌاري آباڪاري وارو مسئلو


صبح 02 لڳي 25 منٽ -خميس 24 مئي 2018  161 
image-1

10 جنوري 1993ع تي بهارين جي پهرين کيپ پاڪستان پهتي، جن کي پنجاب جي وڏي وزير غلام حيدر وائين، سندن ڳچين ۾ گلن جا هار پارايا. ان وقت سنڌ جا ماڻهو پنهنجي پيرن هيٺان پنهنجي اباڻي ڌرتي کسڪندي محسوس ڪري رهيا هئا. ان ڊپ  کان سنڌ جا ماڻهو مسلسل احتجاج ڪري رهيا هئا ته مٿن رحم ڪيو وڃي پر حڪومت سنڌي ماڻهن جي ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي رهي. اها ڳالهه چٽي ۽ پڌري هئي ته جڏهن به ڌاريا آيا آهن ۽ کين قومي شناختي ڪارڊ مليو آهي ته پوءِ هنن  سنڌ ڏانهن رخ ڪيو .  بهارين لاءِ چوڌري شجاعت  جو بيان رڪارڊ تي آهي ، جنهن ۾ هن چيو ته ”بهاري پاڪستاني آهن ۽ هنن کي حق آهي ته هو  پاڪستان جي ڪنهن به حصي ۾ رهي سگهن ٿا“

حقيقت ۾  رشتا ناتا اعتماد جي بنياد تي قائم ٿيندا آهن پر سنڌي ماڻهن جي اعتماد  کي هر ڀيري ڇيهو رسايو پئي ويو آهي. ملڪ ۾ اهو شروع کان وٺي الميو رهيو آهي ته اصلوڪن رهواسين کي ئي صحيح طرح سان آباد نه ڪيو  ويندو رهيو آهي، جيڪي نسل در نسل هن ڌرتيءَ جا ڄاوا  آهن. ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته جيڪي هن  ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڏينهن رات پتوڙي رهيا هئا،  پهرين انهن کي خوشحاليءَ جي منزل مقصود تي پهچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ها ۽ پوءِ ويچاريو وڃي ها ته بهاري  پاڪستاني آهن يا نه؟ ان وقت اهڙن حڪومتي فيصلن جي ڪري  سنڌي ماڻهو  نهايت آزمائش  جي مرحلي  مان گذري رهيا هئا.  تعجب جهڙي اها ڳالهه به هئي ته انهن ئي ڏينهن ۾ خود حڪومت اعلان ڪيو هو ته ”ٻاهرين ماڻهن  ڪيترائي مسئلا پيدا ڪيا آهن، جنهن جي ڪري ڪوششون وٺي انهن کي واپس پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو“ ان حقيقت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته ٻاهر کان ايندڙ ماڻهو  پاڻ سان گڏ هڪ عجيب نفسيات کڻي  ايندا آهن، جنهن سبب آسانيءَ سان هو مقامي  آبادي ۾ ضم نه ٿيندا آهن، نتيجي ۾ ملڪ هڪ نئين سماجي انتشار جو شڪار ٿيندو رهيو آهي. . ان وقت ملڪ ۾ جنونيت  ۽ انساني ڀڃڪڙين  جا واقعا ٿيڻ معمول بڻيل هئا ۽ خود مختياري وارو سوال  ۽ امن امان جو مسئلو ڏاڍي اهميت اختيار ڪري ويو هو  ۽  ملڪ جا ماڻهو سياسي استحڪام لاءِ سِڪي رهيا هئا.   سرحدن  تي  ٽينشن به موجود هو.  جيتوڻيڪ  ان وقت سمورين داخلي ۽ خارجي حالتن  جي پيش نظر  ملڪ کي پاڻ ڀرو ڪرڻ جي سخت ضرورت هئي پر حڪمران  سياسي ڌريون  ۽  ڪجهه سياسي جماعتون  پنهنجي  حامين جي تعداد کي وڌائڻ  لاءِ  ٻاهران  ماڻهن کي  امپورٽ ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهيون هنيون. ان ڪري وڏي صوبي ۾ بهارين کي گهرائڻ  لاءِ خوشيون ملهايون پئي ويون  ۽ سنڌ ۾ عوام ساڳي ئي مسئلي تي سراپا احتجاج بڻيل هو ۽ ملڪي آبادي ۾ اتفاق بدران نفاق جنم وٺي رهيو هو.  حالانڪه هن ملڪ کي اهڙي ماحول جي ضرورت هئي  ۽ آهي ته مختلف ٻوليون  ڳالهائيندڙ ۽  مختلف ثقافتن  ۽ مخلف تاريخي شناخت رکندڙ ماڻهو   پنهنجي حق تلفي محسوس نه ڪري  پر هتي هميشه ان جي ابتڙ ان قسم جون ڪاروايون ڪيون پئي ويون آهن جنهن جي ڪري  هن ملڪ ۾رهندڙ مختلف  تاريخي شناخت رکندڙ ماڻهن کي هڪ ٻئي جي  ويجهو اچڻ بدران هڪ ٻئي کان پري ڪيو پئي ويو آهي ۽ اهڙين اختيار ڪيل ڪارواين  ۾  ”بهارين کي گهرائڻ “ وارو مسئلو   سر فهرست هو. مطلب ته سنڌ  کي مختلف اندروني ۽ بيروني سازشن جو آماجگاه  بڻايو ويو  جنهن سبب هرڪا ڌر سنڌ جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي حالت کي وڌيڪ ڪمزور بنائڻ لاءِ سرگردان هئي. ان جو هڪ ڪارڻ سنڌ جي اصل ڌرتي ڌڻين جي اڪثريت  طرفان سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن کان لاتعلقي ۽ لاپرواهي به هئي.  بقول سائين جي ايم سيد جي ته ” جڏهن  به ڪا قوم پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي وسيلن کان لاتعقي ۽ بيپرواهي اختيار ڪندي آهي ته ان قوم جي سر زمين، ثقافت، ٻولي، اقتصادي وسيلا ۽ اقتدار اعليٰ سازشن جو شڪار ٿي ويندا آهن“

مٿي بيان ڪيل  صورتحال ۾ سنڌ جي سگهاري آواز سائين جي ايم سيد کي مسلسل قيد ۽ بند ۾ رکي سنڌ جي آواز کي دٻايو ويو هو . دستور موجب سائين جي ايم سيد جيڪا پنهنجي سالگرهه هر سال جنوري جي 17 تاريخ تي ملهائيندو هو  ان کي سندس سالگرهه ملهائڻ لاءِ ان شرط تي سنڌ سرڪار   16 کان 18 جنوري تائين  ٽن ڏينهن لاءِ پيرول تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته هو  چوديواري ۾ سالگرهه ملهائيندو. اهڙو حڪم نامو سائين جي ايم سيد جي فرزند  ۽  ان وقت  جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سيد امير حيدر شاهه پاران سنڌ سرڪار کي ڏنل  درخواست تي جاري ڪيو ويو هو. اها سالگرهه جيڪا سائين جي ايم سيد جي 90 هين سالگرهه هئي سن ۾ سيد جي درياهه واري بنگلي جي چوديواري ۾ ٿي پوءِ به ڏهه هزار  کان وڌيڪ ماڻهو سن ۾ سيد جي حضور ۾ پهچي ويا. اها تقريب مڪمل طرح غير سياسي هئي، جنهن ۾ صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل ٿي ان تقريب ۾ ڪنهن به قسم جو سياسي نعرو نه لڳو هو  راڳ رنگ جي محفل ۾ وحيد علي کان سواءِ صوفي راڳي  موٽڻ فقير، فقير رباني چانڊيو،  فقير وطن علي چانڊيو ۽ عوامي شاعر محمد بخش خاصخيلي  پنهنجي قومي شاعري پيش ڪئي.

 ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ اهڙي ٻوسٽ واري  فضا هوندي به سنڌ جا قومپرست پنهنجي حال آهر بهارين جي آمد خلاف جدوجهد ڪري رهيا هئا. اهو هڪ ٻرندڙ مسئلو هو  جنهن  جي خلاف سنڌ جي عام و خاص ماڻهن جي گڏيل شعور  جو اڀار ڏسي  هميشه وانگر پاڪستان پيپلز پارٽي  جو اهو فيصلو سامهون آيو ته هو اسيمبلين کان ٻاهر  بهارين جي خلاف جدوجهد ڪندا ۽ اهي  به بهارين جي آمد خلاف  بيان بازي ۾ شروع ٿي ويا. پر هنن ان سڄي وقت ۾ اسيمبلين ۾ هوندي ، اسيمبلين جي ايوان ۾ آواز نه اٿاريو.  ان وقت سنڌ جي قومپرستن جي  سگهاري آواز جي سخت ضرورت محسوس ڪندي قومپرست  سياستدانن ۽ ساڃاه وند  ماڻهن  هڪ الائنس جي ضرورت محسوس ڪئي. ان سلسلي ۾ ممتاز علي خان ڀٽي سن وڃي سائين جي ايم سيد سان ملاقات ڪئي بعد ۾ ”يونائيٽيد نيشنل الائنس“ جي نالي سان اتحاد جوڙڻ جو اعلان ڪيو . جنهن ۾سنڌ جي پنج پارٽيون  جيئي سنڌ تحريڪ، سنڌ نيشنل فرنٽ، جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي، ساگر پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام شامل هنيون ۽ 19 جنوري تي سنڌ نيشنل فرنٽ جي ميزباني هيٺ ”يونائيٽيڊ نيشنل الائنس “ (يو اين اي)  پاران ڄاڻايو ويو ته : اهو اتحاد پاڪستان اندر شامل پنجن قومن سنڌي بلوچ، سرائڪي، پختون ۽ پنجابي کي سندن قومي تشخص ۽ حيثيت سان تسليم ڪري ٿو ۽ مذڪوره قومن جي تاريخي حقن کي پڻ اصولي طرح سان تسليم ڪري ٿو.  ان اتحاد جي سرگرمي جو دائرو سنڌ هوندو ۽ ضرورت پوڻ تي اهو اتحاد نظرياتي سڃاڻپ موجب ٻين جدوجهدن لاءِ  اتحاد ڪرڻ جو مجاز هوندو.. ان کان سواءِ جن بنيادي نوعيت وارن سياسي مسئلن کي اتحاد جي جدوجهد جو بنياد بڻايو ويو آهي، انهن ۾ هيٺيان مسئلا شامل آهن:

  • پاڪستان کي گهڻ قومي رياستن واراو ملڪ مڃرائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ
  • هر قوم کي خود مختياري ۽ حاڪميت وارو حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
  • سنڌي، بلوچ، پشتون، سرائڪي ۽ پنجابي قومي رياستن تي مشتمل ملڪ جي انتظامي ڍانچي رڳو بچاءَ، ڪرنسي، خارجه پاليسي، ڪسٽم جا اختيار ڏيڻ، جنهن جي بنيادي جوڙ جڪ هڪ اهڙو ادارو ڪندو جيڪو مذڪوره قومن جي هڪ جيتري نمائيندگي ڪندڙ هجي، تنهن لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
  • مٿين مقصدن جي حاصلات لاءِ نئين آئين جي تشڪيل لاءِ هڪ آئين ساز اسيمبلي جي چونڊ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
  • صوبن کي رياستن جو درجو ڏيارڻ لاءِ  جدوجهد ڪرڻ.
  • متناسب نمائيندگي جي بنياد تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
  • آزادانه پرڏيهي پاليسي، جنهن ۾ پاڙيسري ملڪن سان بهتر تعلق هجڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.

اتحاد جا ضابطا ۽ اصول

  • اتحاد باهمي اعتماد ۽ باهمي احترام جي اصولن موجب هلندو.
  • اتحاد جا فيصلا باهمي رضامندي سان ڪيا ويندا.
  • اتحاد جي رهنمائي، اتحاد جي فيصلن جي پڌرائي يا اتحاد جي پاليسين يا روين جي تشريح، اتحاد ۾ شامل پارٽين مان ڪنهن به هڪ جي ذميواري هوندي. ڪنوينئر شپ هر ڇهين مهيني ڪنهن ٻي پارٽي کي منتقل ٿيندي، ساڳيو ڪنوينئر ٻيهر چونڊجي سگهجي ٿو.
  • اتحاد طرفان فيصلو ڪرڻ يا پاليسين يا روين جي تشڪيل ڏيڻ لاءِ سڀ کان اعليٰ ادارو آرگنائيزنگ  ڪميٽي هوندو. جنهن ۾ هڪ پارٽي هڪ ووٽ جي اصول موجب حصو وٺي سگهبو. آرگنائيزنگ ڪميٽي مختلف معاملن لاءِ سب ڪاميٽيون ٺاهيندي.
  • اتحاد ۾ شامل پارٽيون پنهنجي نظرياتي فيصلا يا سرگرميون ڪرڻ ۾ خود مختيار هونديون، پر انهن فيصلن يا سرگرمين کي اتحاد جي جدوجهد سان سڌي  ٽڪر ۾ نه آندو ويندو.
  • اتحاد ۾ شامل ٿيندڙ نئين پارٽي/ گروپ/ تنظيم کي اتحاد جي بنيادي ميمبر پارٽين جي اتفاق راءِ سان شامل ڪيو ويندو.

اتحاد جي روين بابت

اتحاد جا سياسي رويا قومپرست، جمهوريت پسند ۽ روشن خيالي وارا هوندا.

بنيادپرستي، بغض، ساڙ، آمريت يا جاگيرداري جهڙن منفي روين جي حوصلا شڪني ڪئي ويندي.

ان پڌرائي تي  ممتاز ڀٽو، گل محمد جکراڻي، شهيد بشير خان قريشي، حيدر شاهاڻي، مولانا عزيز الله ٻوهيو،  ڊاڪٽر رحيم سولنگي، رئيس نبي بخش ڀرڳڙي، پروفيسر عمر ميمڻ ۽ ٻين جون صحيحون ٿيل هنيون.

 اڄ وري هزارن ۽ لکن جي انگ ۾ سنڌ اندر ڌارين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڏنا پيا وڃن، جن جي خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي ۽ وري سنڌي قوم کي اهڙي ئي هڪ تاريخي اتحاد جي ضرورت آهي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment