شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

”اجي“- انصاف کان مايوس انتقام جي ڪهاڻي


صبح 03 لڳي 00 منٽ -اربع 23 مئي 2018  208 
image-1

 

هندستان جي فلم انڊسٽري (باليووڊ) ترقي ڪندي هاڻي ان منزل تي پهچي چڪي آهي، جو انهن لاءِ ڪوبه رسڪ کڻڻ مسئلو ناهي، ڪنهن فلم جي ناڪامي سان انهن کي ڪو لهر لوڏو ناهي ايندو. ان ڪري هر سال انڊيا ۾ مختلف ٻولين ۾ سوين فلمون ٺهن ٿيون، ۽ تقريبن دنيا جي هر ملڪ تائين پهچن ٿيون. اتي هر قسم جا فلمساز موجود آهن، جن مان ڪي صرف ڪمائي کي نظر ۾ رکي فلم ٺاهيندا آهن، ڪي فلم ذريعي سماجي تبديلي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ چاهيندا آهن، ته ڪي وري انهن ٻنهي شين کي گڏائي به سهڻي انداز سان پيش ڪرڻ جو هنر ڄاڻن چاهين ٿا.

انڊيا ۾ جتي وڏن نالن واريون ڪيتريون ئي اهڙيون فلمون ٺهن ٿيون، جيڪي ڪجهه ڏينهن اندر ئي سوين ڪروڙ ڪمائي وٺن ٿيون ته ڪي فلمون وري اهڙيون ٺهن ٿيون، جن کي بظاهر ته ڏسندڙ جو ڌيان ناهي ملي سگهندو، پر پنهنجي پيغام يا ڪهاڻي جي حساب سان اهي فلمون ڪافي اهميت رکن ٿيون، ان جا کوڙ سارا مثال آهن، جن مان هڪ مثال فلم “اَجيِ” آهي. جنهن جو مطلب آهي، ”ڏاڏي“.

تازو ئي انڊيا ۾ روينا ٽنڊن جي فلم ”ماتر“ ۽ سري ديوي جي آخري فلم ”مام“ به ريليز ٿيون، جيڪي ڇوڪرين سان ٿيندڙ ريپ کان پوءِ کين انصاف نه ملڻ جي ڪري، انهن جي مائرن جي طرفان انتقام جي ڪهاڻين تي ٻڌل آهن. اهي نوجوان ڇوڪرين جون ڪهاڻيون آهن، جڏهن ته ”اجي“ ان حوالي سان ٿوري مختلف ڪهاڻي آهي، جو ان ۾ هڪ ننڍي ٻار سان ٿيل زيادتي جي وارتا بيان ڪيل آهي.

هڪ ڪلاڪ 44 منٽن جي هي فلم آڪٽوبر 2017ع تي ريليز ٿي، جنهن جو هدايتڪار ديواشش ماکيجا آهي، ڪهاڻي ميرت تريويدي جي لکيل آهي. فلم جو مرڪزي ڪردار (اَجي) ششما ديشپانڊي ادا ڪيو آهي، ٻين اداڪارن ۾ سميتا ٽامبي، اڀيشڪ بينرجي، سڌير پانڊي، وڪاس ڪمار (سي آءِ ڊي فيم)، منجو شرما ۽ ٻيا شامل آهن.

هن فلم ۾ سياستدانن جي تمام گهڻي منفي ڪردار ڏيکارڻ جي باوجود ان جي ٺاهڻ ۾اطلاعات ۽ نشريات جي وزارت طرفان سهڪار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هتي اسان وٽ ان جي ابتڙ ٿئي ٿو، سهڪار ته پري جي ڳالهه وزيرن ياسياستدان جو ٿورو به منفي پهلو ڏيکارڻ تي ماڳهين فلم ئي پابندي جو شڪار ٿي ويندي آهي.

فلم جي شروعات ۾ ڏاڏي (اَجي) جيڪا درزياڻي آهي، کي رات جي وقت ۾ پنهنجي 10 سالن جي پوٽي مندانه جي ڳولا ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، سندس پاڙيسرڻ ليلى به ان جي مدد ڪندي آهي، جيڪا هڪ پروفيشنل سيڪس ورڪر هوندي آهي.

ڳولا ڪندي کين مندانه بيهوشيءَ جي حالت ۾ گند جي ڍير تي پيل نظر ايندي آهي، مندانه کي گهر آڻڻ کان پوءِ پوليس آفيسر (وڪاس ڪمار) کي بيان قلم بند ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن جو آڏي پڇا وارو انداز تمام گهڻو بدتميزي وارو هوندو آهي، ان دوران جڏهن خبر پوندي آهي ته اهو ڪم علائقي جي هڪ وڏي سياستدان جي پٽ هٿان ٿيو آهي، ان تي پوليس آفيسر جي چهري تي طنزيه مرڪ اچي ويندي آهي ۽ مندانه جي ماءُ پيءُ کي ان ڳالهه تي قائل ڪري وٺندو آهي ته ان ته ان ڪيس جي وڌيڪ پيروي نه ڪن نه ته انهن کي ئي نقصان ٿيندو. پر ڏاڏي کان پنهنجي پوٽيءَ جي تڪيلف ڏٺي ناهي ٿيندي، ان ڪري دل ئي دل ۾ انتقام جو سوچي وٺندي آهي، ليلى ان کي ٻڌائيندي آهي ته سندن مخالف ڪيترو طاقتور آهي، ان ڪري اهي کيس ڪجهه نه ڪري سگهندا.

ان کان پوءِ سموري فلم ۾ مندانه جي تڪليف، ڏاڏيءَ طرفان ان جي علاج جي ڪوشش سان گڏ ان سان ٿيل ظلم جي انتقام وٺڻ جي سوچ، ان جي تياري، پوليس آفيسر طرفان ان ڪيس کي بنياد بڻائي، وڌيڪ پئسو ڪمائڻ جي ڪوشش، سياستدان جي پٽ ڌاولي جي موج مستين ۽ جنسي فرسٽريشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ان طرفان ٿيندڙ ڪڌا ڪم ڏيکاريا ويا آهن.

فلم جي آخر ۾ نيٺ اچي پنهنجي سوچيل طريقي سان پنهنجو انتقام وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي آهي. جيڪو هتي ٻڌائڻ ان لاءِ مناسب ناهي ته جيئن ته هي فلم ڏسي سگهجي. فلم جا گهڻا اداڪار ٿيٽر يا ٽي وي جا آهن، هدايتڪار به ڪو ايترو ناليوارو ناهي، ان جا اثر سموري فلم تي محسوس ڪري سگهجن ٿا، ائين لڳي ٿو ته هي فلم سئينيما لاءِ ناهي ٺاهي وئي، فلم جي ايڊيٽنگ به ڪافي ڪمزور آهي، ان ڪري ڪجهه سين هرون ڀرون ڊگها محسوس ٿين ٿا، پر جيڪا ڳالهه هن فلم کي ڏسڻ لاءِ آماده ڪري ٿي سو ان جو مرڪزي خيال آهي.

 ماڻهن جا بنيادي حق ڪيئن وڏي طبقي جي ماڻهن وٽ گروي رکيل آهن، جن کي اهي جهڙي وقت چاهين لتاڙي سگهن ٿا. مندانه جو خاندان پاڻ سان ٿيل ظلم تي صرف ان ڪري خاموشي اختيار ڪري وٺي ٿو جو کين پنهنجي روزگار کسجڻ جو ڊپ هوندو آهي ۽ زندهه رهڻ لاءِ روزگار ڪيترو ضروري آهي اهو سمجهڻ ڏکيو ناهي.

مٿي ذڪر ڪيل فلمون ”مام“ ۽ ”ماتر“ يقينن فلم ”اجي“ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهن، انهن ۾ به ماڻهو کي انصاف جي اڳيان بيوس ڏيکاريو ويو آهي، مجبورن ماڻهو قانون کان مايوس تي پاڻ انتقام جي راهه تي نڪري پوي ٿو. ان سان ڪڏهن ڪڏهن خبرن ۾ ايندڙ حقيقي واقعا ذهن ۾ اچي وڃن ٿا، ته ماڻهو ڦورن کي پڪڙي يا ماري ڇڏين ٿا يا ساڙي ڇڏين ٿا. ڇو ته اهي سمجهن ٿا ته اهي پوليس جي حوالي ڪبا ته ڏيتي ليتي ڪري آزاد ٿي وري انهن ئي ماڻهن لاءِ مصيبت جو سبب ٿيندا. اهڙي قسم جي سنجيده ۽ حساس موضوعن تي مختلف ذريعن سان آواز اٿاريو پيو وڃي، پر اسان کي اهڙين ڪهاڻين مان مثبت پيغام وٺڻ گهرجي، ڇو ته قانون وري به قانون آهي ۽ جن سماجن ۾ قانون جي بالادستي آهي. انهن جا اخلاقي قدر ڪافي بهتر آهن، اسان کي گڏجي قانون جي بالادستي ۽ ان کي حقيقي معنى ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي، جيڪو ننڍي وڏي جو فرق ڪرڻ بدران سڀني کي هڪ نظر سان ڏسي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment