Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

انسان ۽ زندگي بابت ڪجهه تصور


2018-05-22 02:19:49  465 

مرتضيٰ ٽالپر

image-1

 

ڪائنات ۾ موجود هر ذرو پنهنجي پنهنجي مخصوص مدار ۾ هڪ ضابطي ۽ ڪنٽرول تحت گردش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن هن ڪائنات ۾ نقطي برابر به عدم توازن ۾ هير ڦير ٿئي ته اسان جي ڌرتي الائي ڪيڏانهن هلي ويندي. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته هزارن ۽ لکن سالن کان هي وسيع ۽ لامحدود ڪائنات ائين ئي هلندي پئي اچي. چنڊ، سج، تارا، بي ستون آسمان ۽ هزارن جي تعداد ۾ ڪهڪشائون (کيرڌارائون) پنهنجي پنهنجي ڏنل مخصوص ڪم ۾ رڌل آهن. اِهي چنڊ، سج، تارا، گرهه ۽ گيليڪسيز ڪنهن لاءِ آهن؟ ڇا خدا پنهنجي قدرت ڏيکارڻ لاءِ ايتري ڪرشماسازي ڪئي آهي؟ يا اِهي سڀ وجود صرف انسان جي تحقيق ۽ خدمت لاءِ ٺاهيا ويا آهن؟ يا اِن سموري مواد ۽ مادي کي لپيٽي قيامت کانپوءِ جي دنيا تخليق ڪئي ويندي؟ جڏهن انسان الله جي ڪائنات متعلق غور فڪر ڪري ٿو ته ان کي قدرت جي طاقت، قابليت ۽ اهليت جي خبر پوي ٿي. ان جي تخليقي سگهه، صلاحيتن ۽ خاصيتن جي پڻ پرک ٿئي ٿي. ڪيڏي نه باڪمال، غيرمعمولي،ڳجهه سان ڀريل، گڻ رخي، خوبصورت ۽ عظيم آهي هي ڪائنات. انسان جي محدود سوچ ان کي سوچيندي دنگ رهجي ويندي آهي.

ايڏي وڏي ڪائنات ۾ انسان کي ئي ڇو انسانيت جو درجو ڏنو ويو؟ انسان ڪٿان کان آيو آهي؟ هن دنيا ۾ ان کي ڇو ۽ ڇا لاءِ موڪليو ويو آهي؟ هن دنيا ۾ انسان جي حيثيت ۽ اهميت ڪهڙي آهي؟ انسان ۾ سٺا ۽ خراب انسان ڇو هوندا آهن؟ ڇا نيڪي ۽ برائي جو ڪو معيار آهي؟ ڇا انسان عمل ڪرڻ ۾ آزاد ۽ خودمختيار آهي يا پابند ۽ مجبور آهي؟ ڇا انسان لاءِ رهنمائي يا رهبري جو ڪو ذريعو آهي؟ ڇا هي دنيا هميشه باقي رهڻ واري آهي يا هن جو ڪو انجام به مقدر آهي؟ هي ڪجهه اهڙا سوال آهن جنهن جي کوج صدين کان مختلف دور جا فلسفي ڪندا پئي آيا آهن. معلوم تاريخ مان اها خبر پوي ٿي ته ان قسم جا سوال پهرين يونان جي فلسفين جي ذهنن ۾ پيدا ٿيا اِهي اُهي سوال آهن جيڪي اڄ جي ترقي يافته دنيا جا ستون ۽ اهم محرڪ آهن. اِهو چيو ويندو آهي ته سائنس به فلسفي جي ڪُک مان ئي جنم ورتو آهي. جيڪڏهن فلسفو بنيادي سوال نه رکي ها ته شايد اڄ به اسين اونداهي ۽ پٿر واري دور ۾ هجون ها. انسان هڪ اهڙي مخلوق آهي جنهن ۾ ڳولڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي جستجو ۽ جذبو رکيو ويو آهي. انسان هميشه پنهنجي ذهن کي استعمال ڪندو رهندو آهي. موجوده دور ۾ هي جيڪا ايتري ترقي اسان مادي طور ڏسون پيا اِها سڀ پهرين انسان جي ذهن ۾ بطور خيال اڀري آهي ۽ ان کان پوءِ انهن خيالن کي شڪلي يا عملي جامو پارايو ويو آهي.

خدا جي تصور بابت ماضي جي فلسفي دانن پنهنجا پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن. فلسفي جو جيڪڏهن نالو وٺجي ٿو ته سڀ کان پهرين يونان اسان جي ذهن ۾ ايندو آهي ڇو ته يونان ئي اهو خطو آهي، جتان بنيادي فلسفي جنم ورتو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين به دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ پڙهايو ويندو آهي. يونان جي عظيم فلسفي سقراط خودي جي وحدانيت جي تصور جو پرچار ڪيو آهي. ان کانسوا افلاطون چوي ٿو ته خدا ئي ڪانئات کي پيدا ڪيو آهي، ان کي هلائي رهيو آهي ۽ انسان ۾ روح ڦوڪيو آهي. انسان جو جسم روح جو قيدخانو آهي. روح کانسواءِ جسم ڪجهه به نه آهي ۽ جسم کانسواءِ روح به ڪجهه به نه آهي، اِهي ٻئي پاڻ ۾ لازم ۽ ملزوم آهن. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته روح ڇا آهي؟ روح هڪ لطيف ڦوڪ يا احساس جو نالو روح آهي. انسان جي اصل شخصيت، شعور ۽ عقل روح جي ڪري آهي. ان کانپوءِ ان دور جي مشهور فلسفي ارسطو فرمائي ٿو ته خدا ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ آهي، اهو محرڪ اول به آهي ۽ ڪائنات کي هلائڻ وارو به آهي. هر شيءِ جو محور ۽ مرڪز صرف خدا آهي. جڏهن ڪجهه ڪونه هو تڏهن به خدا جو وجود هو. واليٽيئر جو هي قول مشهور آهي ته ڪائنات پڪاري پڪاري اسان کي اهو چئي رهي آهي ته خدا موجود آهي. خدا دنيا ۾ اسان کي هڪ محدود زندگي، محدود دائري ۾ محدود اختيار ڏيئي ان کي امتحان لاءِ مهلت ڏني آهي. دنيا جا وڏا وڏا ذهن خدا جي تصور ۽ ان جي هجڻ جا واضح دليل ڏئي رهيا آهن. هڪ هستي آهي جيڪا هن پوري ڪائناتي چرخي کي باقاعدگي سان ڪروڙن لکن سالن کان هلائي رهي آهي. 

ذي فهم ۽ عام فهم رکندڙ انسان ڪڏهن به خدا جي تصور ۽ ان جي هجڻ جو ناڪار نٿو ڪري سگهي. ڇو ته اسان جو وجود اسان جي هجڻ جو خُود هڪ معجزوآهي. اسان جيڪڏهن پنهنجي جسماني قالب تي غور ڪريون ته اسان کي قدرت جي قدرت جو اندازو ٿي ويندو. انسان جي جسم جي اندر مختلف اوزار آهن، جيئن ته گڙدا، جگر، دل، دماغ ۽ ٻيون انيڪ شيون جيڪي انسان جي اندر موجود آهن ان کانسوا هٿ، پير، اکيون، منهن، نڪ، چپ ۽ ٻاهر جون ٻيون ڪيتريون ئي شيون گڏجي هڪ مڪمل انسان کي ٺاهين ٿيون. انسان جي جسم اندر سڀ شيون ۽ اوزار هڪٻئي سان رابطي ۾ هوندا آهن. ۽ هڪ ٽيم ورڪ ۾ ڪم ڪندا آهن. ان کانسوا ڇا سج ۽ ان جي گرمي ۽ روشني مان خدا جي قدرت ۽ حڪمت ظاهر نٿي ٿئي؟ بي ستون آسمان ۽ ان تي چمڪندڙ تارا خدا جي عظيم ثنائي ۽ ان جي حسن جمال کي ظاهر نٿا ڪن؟ هي لامحدود ۽ ڦهلجندڙ ڪائنات ممڪن ئي نه آهي ته خدا کان سواءِ خُود هلي سگهي.

ان کانسوا ٻيو نظريو يا تصور بقول رواقي فلسفي موجب اهو آهي ته خدا جي اندر پوري ڪائنات آهي ۽ ڪائنات جي هر شيءِ خدا آهي. هن ڳالهه ۾ ذري برابر به شڪ نه آهي ته ڪائنات جي ذري ذري ۾ قدرت جو شاهڪار آهي. هڪ ننڍڙي ٻوٽي کان وٺي وڏي وڻ تائين قدرت جو ڪمال ئي ڪمال آهي. هڪ نرم ۽ نازڪ ٻج مان وڏا وڏا وڻ ٿيندا آهن. ڪڻڪ يا سارين جي ٻج جي هڪ داڻي مان پورو ٻوٽو ڦٽندو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ان جا داڻا هوندا آهن. چوڻ جو مطلب ته هڪ ننڍي ٻج ۾ پوري ڪائنات سمايل آهي. انسان کي صرف ضرورت آهي غور فڪر ڪرڻ جي. ان کان پوءِ مائي شٽر وحدت الوجود جو نظريو پيش ڪيو. هن چيو ته سڀ شيءِ خدا جي اندر آهي ۽ هر شيءِ جي اندر خدا آهي. آئون جڏهن پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندو آهيان ته خدا سان ڳالهائيندو آهيان. ڪنهن حد تائين اِهو تصور صحيح به آهي پر خدا نه صرف هن ڪائنات جو پر جيڪي به ڪائناتون آهن، انهن سڀني جو خالق ۽ مالڪ آهي. نه هن کي ڪنهن ٺاهيو آهي نه هو ڪنهن جو پيءُ آهي نه هن جو ڪو پٽ آهي. جڏهن ڪنهن به شيءِ جو ڪوبه تصور نه هو تڏهن به خدا جووجود ۽ ذات موجود هئي. مرزا غالب ڪيڏي نه گهري ۽ اثرائتي ڳالهه ڪئي آهي ته: 

 

نه تها کچهه تو خدا تها، کچهه نه هوتا تو خدا هوتا

ڊبويا مجهه ڪو هوني ني، نه هوتا مين تو کيا هوتا.

 

هر دور ۽ وقت جي حساب سان هر فلسفي جو پنهنجو نقطه نظر  آهي. اسان انهن جي تصورن متعلق سو اعتراض ڪري سگهون ٿا پر انهن اسان کي سوچڻ ۽ غور فڪر ڪرڻ سيکاريو آهي. لازمي نه آهي ته هر انسان جي سوچ هر انسان سان هڪجهڙائي رکي. فريڊرڪ هيگل چوي ٿو ته جيڪڏهن هي دنيا ترقي ڪري رهي آهي، ان جو مطلب ته خدا به ترقي ڪري رهيو آهي. دنيا جي ارتقا سان گڏ خدا جو شعور به ترقي ڪري رهيو آهي. انسان ۾ اهو شعور ڪمال جي درجي تائين وڃي پهتو آهي. هيگل وڌيڪ فرمائي ٿو ته خدا تخليقي دانش جو نالو آهي جنهن جو اظهار دنيا ۾ ٿي رهيو آهي. پر منهنجو خيال آهي ته خدا انهن سڀني شين کان اعليٰ آهي. خدا جي شعور جو اسان ڪوبه اندازو نٿا لڳائي سگهون ۽ خدا جو شعور ڪڏهن به ترقي ناهي ڪندو ڇو ته خدا ته خود خدا آهي سڀ شعور هن وٽ ئي آهن. انسان جو شعور ڪيترو به ترقي ڪري وڃي ڪيترا به ڪمال جا درجا طئي ڪري پر ڪڏهن به خدا هن جي گرفت ۾ نٿو اچي سگهي ڇو ته خدا انسان جي سوچ ۾ به ڪٿي نٿو اچي.

بقول سر وليم هملٽن جي ته انسان جي عقل صرف محدود شين کي سڃاڻي سگهي ٿي ۽ لامحدود شيون ان جي پهچ کان پري آهن. علامه محمد اقبال فرمائي ٿو ته:

هر خاکي و نوري په حڪومت هي خِرد ڪي

باهر نهين ڪچهه عقلِ خداداد ڪي زد سي

 

اُهي شيون جيڪي انسان جي دماغ جي دائري ۾ ئي نٿيون اچن ته ان جي باري ۾ انسان سوچي ئي نٿو سگهي. خدا انسان جي سوچ کان مٿي آهي. تنهنڪري اهو ڪڏهن به انسان جي سوچ ۾ نٿو اچي سگهي. جيستائين انسان جي نظر ويندي آهي اوستائين ئي انسان جي سوچ ڪم ڪندي آهي پوءِ اُها نظر ٻاهرين اک جي هجي دل دماغ جي اک جي هجي يا وري دوربين  يا خوردبين واري اک جي. سڀني صورتحال ۾ انسان کي صرف اهو ئي ڏيکاريو ويندو آهي جيڪو انسان ڏسي سگهي ٿو. ڪيتري نه مزي جي ڳالهه هوندي ته جيڪڏهن انسان پنهنجي ڏنل محدود سوچ کان مٿي سوچي سگهي!! هيستائين جي جيڪا انساني تاريخ رهي آهي يا جيڪو ارتقائي عمل رهيو اهو ارتقائي عمل جاري و ساري رهندو جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انسان اڄ ڏينهن تائين  جيڪا ترقي ڪئي آهي ان جو زياده تر مرڪز ماديت يا مادو رهيو آهي. سائنس جي دنيا ۾ ترقي ڪئي سائنس اهو عمل آهي جيڪي صرف تجربن ۽ مشاهدن ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو پر سائنس کانسوا ٻيا به ڪيترائي علم آهن انهن تي اسان جو ڌيان ئي نه ويو آهي. هن دنيا ۾ اِهو ممڪن آهي ته ڪجهه شيون اهڙيون هونديون يا آهن جيڪي سائنسي مشاهدي ۽ تجربي ۾ نه اچي سگهنديون هجن. انهن کي ڪهڙي طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو يا انهن تي تحقيق ڪئين ڪري سگهجي ٿي؟ 

 

ڪيترو نه اعليٰ ۽ پرفيڪٽ نظام آهي هن ڪائنات جو. هت اسان کي عظيم حڪمت، اعليٰ قدرت ۽ عظيم ثنائي نظر اچي ٿي. هن ڪائنات ۾ ربوبيت جو جيڪو عظيم نظام آهي ان کان ڪير به عقل فهم رکندڙ انسان انڪار نٿو ڪري سگهي. هت اسان کي قدم قدم تي رحمانيت ۽ رهبانيت جو مظاهرو ڏسڻ ۾ ايندو آهي.انسان لاءِ ان کان وڏو شرف ڪهڙو هوندو جو هن ڪائنات جا سڀ ننڍا وڏا عنصر رات ڏينهن انهن جي پرورش جو سامان فراهم ڪرڻ ۾ سرگرم آهن. چنڊ به انهي ڪم ۾ مصروف آهي، هوا به هرروز انهي ڪم ۾گردش ڪندي آهي. سج به انسان جي خدمت ۾ صبح  شام سرگرم رهندو آهي. آڪسيجن، پاڻي ۽ قدرت جو سڀ نعمتون صرف انسان لاءِ آهن. ڏٺو وڃي ته اسان جي ظاهر جي به پرورش ٿي رهي آهي، اسان جو باطن به زير تعمير آهي، اسان جو جسم به پلجي رهيو آهي. اسان جي عقل کي به غذا ملي رهي آهي. اسان جون جسماني طاقتون ۽ قابليتون به پروان چڙهي رهيون آهن. اسان جي روحاني صلاحيتن کي به باليدگي حاصل ٿي رهي آهي. اسان لاءِ زمين جو فرش به وڇايل آهي ۽ آسمان جو شاميانو به لڳل آهي. چنڊ سج ۽ تارا اسان لاءِ چمڪي رهيا آهن.

آخرڪار انسان ته پوءِ به انسان آهي هر دم ناشڪرو ۽ بي صبرو. هر وقت سوال ڪندو رهندو آهي. سوال ڪرڻ انسان جي سکڻ جو بنيادي سبب آهي. جيڪڏهن سوال نه ٿين ته پوءِ جواب به نه ملي سگهندا. ذهن ۾ سوال جي هجڻ ڪري اسان جواب جي جستجو ۾ رات ڏينهن ڪوشان هوندا آهيون. تنهنڪري علم جو بنيادي مرڪز ئي سوال پڇڻ آهي. انسان تجسس جو هڪ بي مثال نمونو آهي. ان کي شين ڳولڻ ۽ معلوم ڪرڻ جي هميشه جستجو هوندي آهي. انسان اِهو معلوم ڪرڻ چاهيندو آهي ته هي ڪائنات ڪيئن هلي رهي آهي؟ وقت جو تعين ڪيئن ٿيو آهي؟ انساني تاريخ ڪٿان شروع ٿي؟ ۽ ڪٿي ختم ٿيندي؟ انساني روح ڇا مان ٺهيل آهي ۽ ان جي شڪل ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟خدا ڪهڙي شيءِ مان ٺهيل آهي؟ ان جي ذات ڪهڙي آهي؟ ان جي شڪل ڪهڙي آهي؟ هو ڪهڙي نوعيت سان اُٿي ٿو ۽ ويهي ٿو؟ هو ڪهڙي ريت ڳالهائيندو آهي؟ ان قسم جا سوال انسان جي ذهن ۾ اڀرندا رهندا آهن. پر انهن سوال جا جواب ڳولهڻ ايترو آسان نه آهي بلڪه ناممڪن آهي ڇو ته اِهي سوال انساني محدود سوچ کان مٿي آهن.

ان کانسوا جيڪڏهن اسان هن ڪائنات ۾ هڪ ٻئي پاسي غور ڪريون ته هتي اسان کي ضد جي ڪثرت ملندي. مثال طور جيڪڏهن ڏينهن آهي ته ان جي سامهون رات آهي. سيءُ آهي ته گرمي آهي. سر آهي ته بهار آهي. جنت آهي ته دوزخ آهي. باهه آهي ته پاڻي آهي. ابتدا آهي ته ان جي به انتها آهي. عروج آهي ته زوال آهي. ان کانسوا زمين ۽ آسمان، نور ظلمت، نشيب و فراز، عورت ۽ مرد، محبت ۽ نفرت، جنگ ۽ امن ۽ ان قسم انيڪ تضاد اسان کي هن دنيا ۾ نظر ايندا. جيڪڏهن انهن تضادن تي غور ڪجي ته ان ۾ به ڪائناتِ مالڪ جو ڪو خاص ڳجهه رکيل آهي. جو هر شيءِ جا جوڙا ٺهيل آهن ۽ تقريبن هر شيءِ جو ضد هن دنيا ۾ موجود آهي.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment