Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

اچو سورن واريون ڪريون سور پچار


2018-05-21 13:07:38  427 

احمد خيام

image-1

 

ڪجھ ڏينھن اڳ پشتون تحفظ تحريڪ جي ڪراچي واري جلسي جي حوالي سان، سنڌي پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا ۾ تمام وڏا بحث ٿيندا رھيا. سنڌ جي تمام قابل دوستن پنھنجي سمجھ، ادراڪ ۽ تجربي آڌار پنھنجو پنھنجو موقف بيحد شانائتي طريقي سان رکيو. ڪجھ دوستن سان اختلاف پنھنجي جاءِ تي پر اھي سڀ موقف پڙھي جتي ھڪ پاسي سنڌ جي سياسي دانش جي گوناگونيت کي سمجهڻ جو موقعو بہ مليو تہ اتي ئي خوشي بہ ٿي تہ اسان جو سنڌي ماڻھو جديد سياسي حالتن جي پيش نظر پنھنجي موقف کي پنھنجي سياسي نظريي جي معيار تي تمام اثرائتي انداز سان رکي ٿو. سنڌ جي تاريخ ۾ ٻين واقعن سان گڏ اھا روايت  بہ ھڪ تمام بھترين ۽ متوازن سماج ڏانھن کنيل ھڪ  وڏي وک ليکبي.

پشتون تحفظ تحريڪ سان جيڪي سنڌ جا اھل قلم ۽ سياستدان گڏ بيٺا انھن ڄڻ تہ ان ئي دور انديشيءَ جو مظاھرو ڪيو جيڪو اسانکي لطيف جي ھن بيت مان ملي ٿو، 

اچو سورن واريون ڪريون سور پچار،

ڪنين ٿورا ڪنين گهڻا ناھي ڪا سورن ڌار،

ڏنا جي ڏاتار مون جهولي پائي جهليا

لطيف جي ان بيت ۾ ان ئي سماجي رويي جو اھڃاڻ ملي ٿو، جيڪو سڄي دنيا جون مظلوم قومون پنھنجي ھمعصر مظلوم ۽ محڪوم قومن سان روا رکنديون آھن تہ ھو ھڪٻئي سان دردن ۽ ظلم جي بنياد تي يڪجھتي ڪن ۽ پوءِ نتيجي طور گڏيل تحريڪ ڪا معروضي شڪل وٺڻ شروع ڪري. اھڙو ھڪٻئي تي ڀاڙڻ جو عمل قومن جي مجموعي جدوجھد کي وڌيڪ سگھ  مھيا ڪندو آھي. دنيا جي تاريخ اھڙن واقعن سان ڀري پئي آھي جن ۾ مظلوم قومون پاڻ تي ٿيندڙ ظلم جي بنياد تي ھڪجھڙايون ڳولي ٻين قومن سان گڏيون آھن ۽  گڏيل رستا ڳولي تحريڪن  زور ورتو آھي.

پي ٽي ايم جو سنڌ ۾ حمايت ڪرڻ جو ھڪ سبب اھو بہ ھيو ۽ آھي تہ پشتونن جا بہ سوين ماڻھو رياستي ادارن جي غير آئيني عتاب ۾ بند آھن جن کي رياستي ادارا مڃڻ لاءِ تيار ئي ڪونھن. انھن ماڻھن جي نہ گرفتاري ظاھر ڪئي ٿي وڃي نہ وري انھن کي ڪورٽن ۾ پيش ڪري ڪو قانوني اڪلاءُ ڪيو ٿو وڃي. ساڳي صورتحال سنڌ جي بہ آھي. سنڌ مان لڳ ڀڳ 160 ماڻھو جبري طور گم ٿيل آھن جن جو بہ نہ ڪو ڪيس داخل ٿيل آھي، نہ ئي رياستي ادارا مڃڻ لاءِ تيار آھن تہ انھن کي ڪھڙي قانون تحت کڻي ڪٿي قيد ڪيو ويو آھي. پشتونن جي وارثن وانگر سنڌ جي گم ٿيل ماڻھن جي وارثن پڻ شھر شھر ۾ واويلا  ڪئي آھي، ڪورٽن جا دروازا کڙڪايا آھن، اسميبلين جي ٻاھران دانھون ڪيون آھن پر کڙ تيل ڪوبہ نہ نڪري سگھيو آھي. آخرڪار، وارثن کي اھا ئي رٿ سجھي آھي تہ پشتونن وانگر ھنن کي بہ پنھنجي ان احتجاج جي طريقيڪار ۽ ان جي دائري کي وڌائڻو پوندو. تنھن ڪري ھنن ڪراچي پريس ڪلب جي اڳيان 72 ڪلاڪن جي بک ھڙتال جو سڏ ڏنو، جنھن ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي ڌرين جي اڳواڻن ۽ نمائندن ڀرپور شرڪت ڪئي. ھر تحريڪ جي لاءِ، وقت جي گذرڻ سان ڪو نہ ڪو اندروني يا بيروني ٺوس حساس موڙ ايندو آھي جيڪو ان تحريڪ جي رفتار کي گهٽائيندو يا وڌائيندو آھي. سنڌ جي گم ٿيل ماڻھن جي وارثن جي تحريڪ کي اھو موڙ ان وقت مليو، جڏھن پوليس جي وردين ۾ ۽ سول ڪپڙن ۾ ملبوس ماڻھن ڌرڻي تي حملو ڪري، احتجاج ڪندڙ ماڻھن تي اوچتو تشدد ڪرڻ شروع ڪيو. ان ۾ نياڻين جي لوئي ليڙ جي تقدس جو بہ  خيال نہ رکيو ويو ۽ نتيجي طور ڪلاڪن جي اندر پوري سوشل ميڊيا ڀرپور تحرڪ ۾ اچي وئي. سوشل ميڊيا جديد دور جي ڪنھن بہ تحريڪ کي اثرائتي نموني ماڻھن تائين پھچائڻ جو جيڪو ڪم ڪري ٿي، اھو ميڊيا جو ٻيو فورم نہ تہ ڪري سگهي ٿو نہ ئي ڪرڻ چاھي ٿو. تنھنڪري ھينئر بہ سوشل ميڊيا ڇڙوڇڙ ٿيل ماڻھن کي ميڙي گڏ ڪرڻ جو ڪم ڪيو ۽ انھن ڌرين بہ ٽوِٽر ۽ فيسبڪ تي ھيشٽيگ مسنگ پرسنس آف سنڌ  جو ٽرينڊ ھلايو ۽ پرامن احتجاج تي ڪيل بيجا تشدد ۽ خاص طور نياڻين سان ناروا سلوڪ جي شديد لفظن ۾ نہ صرف مذمت ڪئي پر سندن تحريڪ ۽ گهرن جي ڀرپور حمايت پڻ ڪئي، جيڪي ڪجھ عرصو اڳ ۾ پي ٽي ايم تي اعتراض ڪري رھيا ھئا. ائين مختلف نظريا رکندڙ فرد ۽ گروھ ھينئر بہ ھڪ جاءِ تي خاص مقصدن جي حاصلات لاءِ گڏ بيٺا آھن جيڪو مجموعي طور سنڌ جي عملي سياست لاءِ ھڪ سٺو سنئوڻ آھي.

ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا اسان جي گڏ ٿيڻ جي لاءِ اھو لازمي آھي تہ جيسين اسان تي ڪو مخصوص طريقي جو تشدد نہ ٿئي تيسين اسين گڏجڻ جو سوچيون بہ نہ؟ يا ان لاءِ بہ اسين ڪنھن اھڙي نازڪ موڙ جو انتظار ڪيون جيڪو اسانکي گڏجڻ ۾ مدد ڪري؟ سنڌ ۾ سنڌ پروگريسو ڪميٽي (جنھن ۾ عوامي جمھوري پارٽي، ڪميونسٽ پارٽي، عوامي ورڪز پارٽِي ۽ جيئي سنڌ محاذ شامل آھن) اڳ ئي موجود آھي جيڪا پڻ گم ڪيل ماڻھن سميت مختلف سياسي امورن تي ھڪجھڙاين جي بنياد سڄي سنڌ ۾ احتجاج، مظاھرا ۽ مختلف سرگرميون ڪري چڪي آھي، جنھن لاءِ اھا جس لھڻي ٿي. پر سنڌ ۾ اڃا بہ تمام وڏو سياسي اسپيس موجود آھي، جنھن ۾ مختلف مسئلن تي موقف جي ھڪجھڙائي رکندڙ ڌريون گڏ ٿي سگهن ٿيون. مثال طور، سنڌ ۾ زرعي زمينن جي آبپاشيءَ لاءِ پاڻيءَ جي جيڪا کوٽ ڏينھو ڏينھن وڌندي پئي وڃي، يا وري پيئڻ پاڻيءَ ۾ زھريلن مادن جي موجودگيءَ جي ڪري سموري سنڌ جو پاڻي پيئڻ جي لائق ڪونہ رھيو آھي. سنڌ جي تعليم، صحت ۽ مجموعي طور عوامي مسئلا اھڙا بنياد آھن، جن تي سنڌ جي مڙني ترقي پسند سياسي جماعتن جي موقف ۾ گهڻو فرق ڪونہ ھوندو. جي ذاتي انائن ۽ شخصي اختلافن کي ھڪ پاسي رکجي تہ انھن معاملن تي بہ گڏيل ۽ سگهارو آواز اٿاري سگهجي ٿو. ڪھڙي خبر تہ سنڌ جي پاپولس سياست ڪندڙ جماعتن جي نرڙ ۾ اھي تحريڪون ئي آخري ڪوڪو ٿي لڳن ۽ قوم جي قسمت جاڳي پوي.

پر ڳالھ جو اختتام اڃا اتي بہ ڪونہ ٿو ٿئي. اسان کي سنڌ سان گڏ پاڪستان جي ٻين بہ سڀني قوميتن سان انھن جي نجي مسئلن تي يڪراءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکڻي پوندي. جيتوڻيڪ اھو معاملو ايترو سولو ڪونھي تہ ھتي اسان چئون تہ ھن يا ھُن معاملي تي اتفاق ڪجي ۽ بنا دير جي اتفاق ٿي بہ وڃي، بيشڪ اختلاف ۽ تنقيد جاري رکجي پر گهٽ ۾ گهٽ مظلوم قوميتن سان ڪنھن نہ ڪنھن نقطي تي گڏجڻ ۽ ھڪجھڙايون ڳولڻ جي ڪوشش پڻ ڪندي رھڻ گهرجي. اھو صرف اسان تي ئي فرض نہ ٿو ٿئي، پر اجتماعي طور سڀني قوميتن جو فرض ٿئي ٿو تہ اھي بہ اھڙن معاملن جي نزاڪت کي سمجهن ۽ محدود گروہي مفادن بجاءِ اجتماعيت کي ڳولڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جا رستا ڳولڻ لاءِ ڪوشان رھن.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment