شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 25 - مئي - 2019ع

زينب ڀيو ڪيس ۾ ٽن ڄڻن کي ڦاهي ۽ هڪ کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي وئي

تازھ ترين

جتي پاڻي اتي پاڻ


صبح 10 لڳي 27 منٽ -آچر 20 مئي 2018  96 
image-1

چوندا آهن ته “جتي پاڻي اتي پاڻ” انسان کي جيئڻ لاءِ پاڻي جي اشد ضرورت آهي. انسان جي زندگي جو سمورو دارو مدار پاڻي تي آهي. ليڪن سنڌ ۾ هن وقت  ماڻهن کي پاڻي جي سخت کوٽ سان منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي. ايتري تائين جو شهرن ۾ ماڻهو پئڻ جي پاڻي لاءِ ترسي رهياآهن. ۽  زرعي فصلن  لاءِ پاڻي نه ملڻ سبب آبادگار ۽ هاري پريشان آهن. ايتري تائين جو جانور،پکي پکڻ به پاڻي جي عدم موجودگي جي ڪري مري رهيا آهن.عام ماڻهن کي ايئن چوندي ٻڌو پيو وڃي ته “ وفاق ۽ پنجاب  سنڌ جي زراعت جو دشمن آهي.” ۽ سنڌ جي آبادگارن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو ذميوار ارسا کي قرار ڏنو آهي.

ٻي طرف اهي به اطلاع آهن ته سمنڊ جي ويرن چڙهڻ سبب ٺٽي ۽ بدين کان کارو ڇاڻ تائين 25 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين  پاڻي جي کوٽ سبب سمنڊ جي حوالي ٿي چڪي آهي.

پاڻي متلق ميڊيائي اطلاع آهن ته  سکر بئراج جي ساڄي پاسي وارن  بئراجن کير ٿر، دادو ۽ رائيس ڪئنال ۾ پاڻي صرف پيئڻ لاءِ ڇڏيو پيو وڃي ۽  آبپاشي لاءِ پاڻي جي فراهمي بند ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن، سکر بئراج کاٻي پاسي وارن واهن ۾ پاڻي جي وارابندي ڪري پاڻي کي شاخن ۾ موڪليو پيو وڃي،  ڦليلي، اولڊ ڦليلي ۽ اڪرم واهه ۾ پاڻي جي گهٽتائي آهي، ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سمنڊ ڏانهن پاڻي جو وهڪرو ڪافي عرصي کان وڏي عرصي  مڪمل طور تي بند آهي. 

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ متعلق اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪالاباغ ڊيم  ٺهڻ سان ئي پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو. ان تي سنڌ جي ماڻهن جي بار بار راءِ اچي چڪي آهي ته  پاڻي جي عدم موجودگي ۾ ڊيم ٺاهڻ ڪهڙي دانشمندي ٿي سگهي ٿي. ڊيمن کي ڀرڻ لاءِ ته پاڻي گهرجي! سو آهي ڪونه ۽ زور ان ڳالهه تي ڏنو ٿو وڃي ته اهو ڊيم ٺهڻ گهرجي. اها به حقيقت آهي ته پاڪستان جي ٽن ننڊن صوبن ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهڻ لاءِ قراردادون به منظور ڪيون آهن.

پاڻي جي کوٽ واري ان سڄي صورتحال کي مدنظر رکندي صاف نظر اچي رهيو آهي ته اليڪشن دوران سياسي پارٽين کي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ  سنڌ ۾ ان کي هڪ وڏي اشو طور اڀاريو ويندو. پر اها ڳالهه به پنهنجي جڳهه تي موجود آهي، جيڪا آبادگارن کان هرگز نه وسري هوندي ته سنڌ ۾ حڪمران پارٽي آبادگارن کي ڪڻڪ ۽ ڪمند  جي اگهن تي ڪيل احتجاج  تي ساڻن ڪهڙُو حشر ڪيو هو!

جنهن ڏينهن قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ٿيو هو. انهيءَ ڏينهن ٽنهي ننڍن صوبن جي وڏن وزيرن طرفان پاڻيءَ واري پاليسي جي منظوري ڏني. جنهن لاءِ سنڌ جي هڪ نامور ۽سڄاڻ ليکڪ پنهنجي ڪالم ۾  نتيجو اخذ ڪندي اظهار ڪيو  ته :

“جيڪڏهن انهيءَ پاليسيءَ جو جائزووٺجي ٿو ته ڳالهه صاف چٽي نظر اچڻ لڳي ٿي.، انهيءَ پاليسي جي فقط هڪ جملي جو جائزو وٺو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته“سامونڊي ڇوڙ جي روڪٿام ۽ پڇڙي ۽ ماحولياتي ضروريات جي پورائي کانپوءِ اضافي پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ اتفاق راءِ سان ڊيم تعمير ڪيا ويندا. اصولي طور تي نوان ڊيم ٺاهڻ سان اتفاق ڪيو ويو آهي، ڊيم ٺاهڻ کي جن ڳالهين سان مشروط ڪيو ويو آهي سي وضاحت طلب آهن، جيئن چيو ويو آهي ته نوان ڊيم سامونڊي چاڙهه جي روڪٿام ۽ پڇڙي ۽ ماحوليات جي ضرورتن سان مشروط هوندا.”

هن وقت پاڻي جو اهو مامرو سنڌ ۽ پنجاب  جي درميان  ڪشيدگي جو سبب بنيل آهي.پر پاڻي جي کوٽ وارو مامرو ڀارت، پاڪستان، سريلنڪا، چين، نيپال، عراق،افغانستان، يمن، صوماليه ۽ ايٿوپيا  سان به آهي.

 

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment