شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 15 - ڊسمبر - 2019ع

ٿرڪول رٿا  ۽  ٿر جي ترقي جو سوال


صبح 04 لڳي 19 منٽ -خميس 17 مئي 2018  221 
image-1

ٿر جا مقامي ماڻهو وڏي وقت کان احتجاج ڪري رهيا آهن جن ۾ گهڻو تعداد مينگهواڙن ۽ ڀيلن جو آهي، جيڪي اسلام ڪوٽ کان ويندي ڪراچي پريس ڪلب تائين ٿر جي اسلام ڪوٽ ۾ ٺهندڙ ان ڊيم خلاف احتجاج ڪري آهن جيڪو سندن زمينن تي اينگرو ڪمپني ٺاهي رهي آهي. اُها زمين 2700 ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ مستقبل ۾ اُتي ۽ ڀرپاسي مقامي روزگار،مقامي ماحوليات، هزارين ٻڪرين، ڍڳين ۽ رڍن وغيره جي چاري، چراگاهن ۽ ڪيترن ئي قسمن جي پکين کي خطرو آهي.

سنڌ جي ڪيترائي دوست ٿر جي ترقي، فطري حسن جي ختم ٿيڻ، روزگار جي ڪجهه وسيلن جي ختم ٿيڻ ۽ مستقبل ۾ نون وسيلن جي پيدا ٿيڻ، انهن ۾ مقامي ماڻهن جي روزگار بابت بحث مباحثي ۾ مصروف آهن جيڪو هڪ سٺو عمل پڻ آهي ڇو ته ان سان خدشن ۽ اميدن بابت آگاهي ملي رهي آهي.

ٿر جي ڪُل ايراضي 22000 هزار چورس ڪلو ميٽر آهي. جيڪا اٺن طبعي ڀاڱن ۾ ورهايل آهي جيڪي وٽ، موراڻو، سامروٽي، ونڱو پارڪر، ڍٽ، ڪنٺو ۽ کاروڙ آهن. جڏهن ته 22 چورس ڪلو ميٽر ۾ جابلو سلسلو ڪارونجهر موجود آهي. هتي گاهن، ٻوٽن ۽ وڻن جا 162 قسم ٿين ٿا لوڻ ، معدنيات ۾ ڪوئلو  چائنا ڪلي، گرينائيٽ جو گهڻو مقدار موجود آهي، جڏهن ته انساني آبادي 15 لک ۽ چوپائي مال جو تعداد 40 لک کان مٿي آهي.

 ڏڪار وارين حالتن ۾ ٿاريليون ڪوهين پند ڪري جيڪو پاڻي ڀري اچن ٿيون اهو صحت جي عالمي اصولن تحت صحيح ناهي ۽ اهو پاڻي 89 سيڪڙو ناقابل استعمال آهي. ٿر جا ماڻهو اڪثر اهو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن جنهن ۾ نمڪيات جي شرح 5000 پي پي ايم آهي، جڏهن ته صحت جي عالمي اداري موجب پيئڻ جي پاڻي ۾ نمڪيات جي اها شرح 1500 پي پي ايم تائين هجڻ گهرجي.

سماجي حلقن جي سروي موجب ٿر ۾ غُربت، بيروزگاري، اڻهوند مڙسن جي تشدد، گهرو اڻبت سبب ٿر ۾ هيل تائين خودڪشين جي شرح مردن ۾ (2014ع ڌاري) 47 ۽ عورتن ۾ 44 سيڪڙو رهي آهي.

ٿر سنڌ جو اهو صحرا آهي جتي 1899ع ڇپني وارو ڏڪار ۽ ٻيو 1939ع ۾ ڇنوو نالي پيا جنهن ڪري ٿر ۾ پاڻي، کاڌو ۽ چارو بلڪل ختم ٿي ويا هئا . ٿر جا اهم گاهه وڻ ۽ ٻوٽا جن ۾ ڪنڊيون، کٻڙ(ڄار)، ٻٻر، ڦوڳ، ڪونڀٽ، روهيڙو، گُگرال، ٻانئوري، ڪرڙ، ٿوهر، سِڻِ، ٻوهه، اڪ، ديوي، کِپِ، ڊامڻ، ڀُرٽ، سيڻ، ڊامون، مُرٽ، ويڪر، ٽوهه، ويسوني ۽ ترڪنـٺي وغيره آهن.

عورتون ۽ مرد جن جو اڪثر تعداد غربت ۽ محرومي ۾ گذارين خاص ڪري انهن خاندانن جون عورتون جيڪي سمورن انساني حقن کان محروم آهن ۽ انهن حالتن ۾ رهڻ ، سخت پورهيو ڪرڻ  ۽ زندگي گذارڻ لاءِ پابند ۽ مجبور آهن  اهي مردن جي ڀيٽ ۾ وسڪاري بعد ٻنين (کيتن) ۾ گهڻو ڪم ڪن ٿيون پر سندن ڪم ڳڻجي ڪونه ٿو. انهن فصل جي پراپر مارڪيٽنگ انهن جي هٿ جي هنرن وانگر نٿي ٿئي جن ۾ انهن غريبن عورتن جي اکين جو نور هليو ٿو وڃي پر سندن گهرن جي غربت نه ٿي وڃي.

ترقي لاءِ تباهي يقينن نه ٿيڻ گهرجي  پر جيڪڏهن مقامي وسيلن جو بهتر ۽ وقتاتو  استعمال ٿئي، منصوبه بندي ڪرڻ وقت سمورين ڳالهين کي ذهن ۾ رکيو وڃي معياري زندگي اسان مان هر ڪنهن جو  حق آهي.

ٿر ڪول جو بلاڪ نمبر 2 جنهن مان اينگرو ڪمپني روزانو جي حساب سان 35 ڪيوسڪس پاڻي انهي ڊيم ۾ ڇڏيندي جيڪو ڪول بلاڪ کان هيٺائين سطح تي آهي ۽ انهي ۾ 10 اهڙا ڳوٺ آهن، جيڪي مڪمل طور متاثر ٿي رهيا آهن. حڪومتي انگن اکرن موجب هتي ڍگو 335 ايڪڙ ذاتي زمين آهي 2019ع تائين بجلي جي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ ان منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ منصوبه بندي  ڪئي وئي آهي. ڪوئلي جو وڏو ذخيرو ملڪ ۾ اڳي ئي توانائي واري شعبي ۾ استعمال هيٺ رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ انهن ذخيرن کي وڌيڪ استعمال ۾ آڻي  وڌيڪ توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي ڪوئلو هن وقت سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ وڏي مقدار ۾ موجود آهي. ٿرپارڪر بيهڪ پکيڙ، سماجي معاشي ۽ سياسي  حوالي سان گڏوگڏ  تاريخ حوالي سان وڏي اهميت وارو آهي. پراڻو ٿرپارڪر ۽ هاڻوڪي مٺي ضلعي جي پکيڙ 1937ع چورس ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته مٺي تعلقي ۾ اسلام ڪوٽ ڀرسان 175 بلين ٽن ڪوئيلي جو مقدر جو هئڻ دريافت ٿيو.

هيءُ 1988ع جو سال هو ۽ مٺي پاڻي جو ڳولا ڪندي سازدا ۽ برٽش اوورسيز ڊيولپيمنٽ ايڊمنسٽريشن کوٽائي دوران ڳوٺ کاريو غلام شاهه وٽان ڪاربان جهڙو مادو ملڻ بعد خبر پئي ته هتي ڪوئلي جو وڏو ذخيرو موجود آهي.

 تازو ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن پهرين بلاڪ تي ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ته علائقي ۾ مختلف قسم جا سوال پڻ ميڊيا ذريعي عوام آڏو آيا آهن ۽ ساڃاهه ونڊ ڌريون هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم بڻجي علائقي ۾ ٿيندڙ لڏپلاڻ، روزگار ۽ مستقبل ۾ روزگار رجهڙن ٻين معاملن تي پنهنجا ويچار پيش  ڪندي نظر اچي رهيون آهن. اتي ڪيتريون ئي حقيقتون ٻانهن ۾ پيل ڪنگڻ وانگر آهن جن کي ڏسڻ لاءِ ڪنهن به آرسي جي ضرورت ناهي ته ٿر جي ماڻهن کي علائقي جي ضرورت جي ترقي لاءِ پنهنجي گهر ٻنيون، ٻارا، گئوچر وغيره ڇڏڻ جهڙن قربانين ڏيڻ سان گڏ رهڻي ڪهڻي جي به قرباني ڏيڻي پوندي ۽ علائقن جي فطرت، سونهن متاثر ٿيڻ جو انديشو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي سماجي توڙي اقتصادي ماحول لاءِ سوال به پيدا ٿيڻ جو خطرو موجود آهي ماضي ۾ اهڙا نيڪ مثال موجود آهن، تيل ۽ گئس ڪمپنين، روڊ ۽ رستا تعمير ڪندڙ ڪمپنين طرفان ماحوليات آلودگي پيدا ڪرڻ جا ڪافي مثال موجود آهن. هتان جون فطري حالتون ڀٽن جا اوٽ، ڏهرن جا سيءُ پٽن تي ڏکڻ جون ٿڌڙيون هوائون تيز لڪون ۽ جهولا پيرن جو پچڻ، ٿڌا صبح ۽  وقتائتا معاوضا ۽ روزگار جي موقعن بابت هٿان جي ماڻهن وٽ ڪئين سوال، خدشا ۽ اميدون هاڻي سوال اهو به پيدا ٿئي ته انهيءُ سلسلي ۾ حڪومت طرفان ڪهڙي م.نصوبه بندي ڪيل آهي ڇا اهي مقامي ماڻهو ڌنار،ٻڪرار ريڍار، جيڪي عثمان جي داڻي ارنيان، مريد جو تڙ، جوڳي مڙهي ڪنڀاريو جهڙن ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ هزارن جي تعداد ۾ آباد آهن ۽ پنهنجن پڪن، ڪچن ۽ ڪکاون گهرن، ڪوٺين، لانڍين چونئرن ۽ منهن ۾ رهن ٿا تن کي غربت صدين کان پيسندي رهي آهي، انهن ڱي ڪامورا شاهي ۽ فائدي جي چڪر ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي رحم ڪرم تي ته نه ڇڏيو ويندو.

 اڄ جڏهن ٿر ڪول ۾ ڪم  سان گڏ وڌيڪ سيڙپڪاري لاءِ ماحول وقت ٿر ڪول جا هزارين غيرتربيت يافته نوجوان روزگار جون اميدون رکي ويٺا آهن. سندن ذهن ۾ اهو خدشو پڻ موجود آهي ته کين روزگار ملندو يا وري ٻاهرين ماڻهن کي موقعا ملندا، جيڪي اڳيئي تربيت يافته هوندا ۽ اهي صرف مزدورن جي حيثيت سان هٿ، منهن پير، ڪپڙا، ڪارا ڪري غربت جي چڪي ۾ پيسجندا رهندا.

 مقامي ماڻهن کي تربيت ٽڪينيڪل ڏيڻ ۽ کين سٺو روزگار ڏيڻ وارو عمل به وڏي اهميت رکي ٿو. گڏوگڏ اڄ ٿر ۾ ننڍا ننڍا سيڙپڪار ٻه ڪجهه تعداد ۾ موجود آهن۔ هتي ڇا اهو ممڪن آهي ته ننڍن پئمانن تي انهن کي سيڙپ ڪرائجي، سولر انرجي بايو گئس پلانٽ ونڊ انرجي ۽ ٿرڪول سال لاڳاپيل ڪي ننڍڙا ڪاروبار ڪرائي سگهجن. جن سان مقامي ماڻهن ۾ تساهه  مالڪي ۽ سيڙپڪاري ۽ روزگار لاءِ نوان مقامي وسيلا پيدا ٿي سگهندا.

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment