شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

سورمن جو ڪيڏارو لکندڙ، خليفو نبي بخش قاسم لغاري


صبح 07 لڳي 56 منٽ -اڱارو 15 مئي 2018  949 
image-1

 

آئون سو سارنگ ساريان، جو بکين لاهي بک،

آب پياري اڃڙيين، ڏکين سڃي سک،

مٿان دلين دک، وسن سڀي ميٽيا.

اهو خليفي نبي بخش جو خواب جيڪو سندس نيڻن ۾ سمهي پيو، ان خواب کي ساري سنڌ ساريندي ڪنهن وڏي وسڪار لاءِ واجھائي رهي آهي. ان حوالي سان عبدالواحد آريسر تنوير عباسي جي لفظن ۾ لکيو آهي ته ”خليفي کي بيشڪ اهو اعزاز آهي ته ان سنڌي بهادرن تي ڪيڏارو لکيو، پر سندس عظمت سر سارنگ لکڻ ۾ پڻ آهي، سندس لکيل سر سارنگ سنڌي ٻولي ۾ موهن جي دڙي جو اسٽوپا آهي“. اتي تاج جويو وري خليفي جي سر ڍول مارو جي هن بيت؛

مارو هاٿي ميندڙي، ڍولي هاٿ ترار،

ڍولو ماري ايڪ دو، مارو لاک هزار.

جي جماليات تي راءِ ڏيندي چيو ته ”لاڙ سنڌ جو اهو مردم خيز خطو آهي، جتان سنڌي شاعري جي باک ڦٽي هئي ۽ قديم لوڪ داستانن جي ۽ لوڪ گيتن جي هن سرزمين جي مٽي جي ذري ذري ۾ اسان جي تاريخ ۽ تهذيب جي خوشبو موجود آهي!“

سنڌ جي تاريخ ۾ آرين جي اچڻ سان جيڪا اٿل پٿل ٿي، تنهنڪري دراوڙي عقيدن ۽ اظهار جا رخ به بدلجي ويا. ٻاهرين تسلط کان 200 سالن کان آجائي حاصل ڪندڙ سورما سومرا به هن خطي جا رهاڪو هئا.“ سومرن ۽ سمن جي دور جي آزاد سنڌ جي سموري تمدني سگھه، لوڪ عشقيه داستانن جي تخليقن ۽ ڪلاسيڪي سنڌي شاعري جي سرجاءُ هن خطي مان ٿي، سومرا دور جي گنانن کان وٺي مرکان شيخڻ جي لاڏن تائين، هن سرزمين مان خوشبوءِ  ڦٽي نڪتي هئي، اسان جي سموري اثاثي ۽ ڪلاسيڪي شاعري مان لاڙ جو لهجو ڪڍي ڇڏجي ته اسان کي دنيا کي آڇڻ لاءِ ڪجھه به نه بچندو. سنڌي شاعري جي تاريخ لاڙ کان سواءِ اڻپوري آهي، هن خطي جي سونهن ۾ سڳداسي چانورن جي خوشبو ۽ چيٽي چانڊوڪيون به آهن ته سون تي سهاڳو وري خليفي نبي بخش قاسم جي شاعري به آهي. اها عشق جي اهڙي گھڙي هئي، جنهن گھڙي خليفو نبي بخش  جون اکيون ونگي پتڻ جي واسينگ ور واري واڳون گھيڙ وٽان صابل جي ڪجلين اکين ۾ ٽڪ ٻڌي گهورڻ لڳيون هيون، تڏهن هاڪڙي ۽ پراڻ جي سنگم واري هن هنڌ بيٺل پاڻي ۾ ڇوليون ڇليون هيون. ڪيٽي مير ٺارو خان ۾ فقير الهڏنو لنڊ جي نڙ ڦوڪ فضا ۾ گونجي هئي، ڏور وڻ تي ويٺل ڪوئل ڪوڪي هئي، هڪڙي دؤر جو سردار نبي بخش لغاري صابل جي نيڻن جو قيدي ٿي چڪو هو. جڏهن عشق مهمان ٿيس ته سرداري رعب ۽ دٻدٻو هڪڙي لمحي ۾ ختم ٿي ويس، اها عشق جي ادا هئي، جنهن هن کي عشق جون اکيون عطا ڪيون، ۽ پوءِ انهن اکين جيڪي ڪشالا ڪيا، سي عشق جي اڏام جا انوکا داستان آهن. ۽ اهي داستان دردوند دلين جو خليفي جيان آواز بڻجي ويا آهن.اهڙو آواز خليفي جي هن بيت ۾ هيئن آيو آهي ته:

رڻ، راوت، رڪ، ٽيئي پرتا پاڻ ۾،

پيتائون پُر ٿيا، منجھان سيف سرڪ،

تيموري ترڪ، هاڃو ڪري هليا!

وقت وڇوٽيون پيدا ڪيون، مير ٺاري خان جو شهه سواري امير ڪچهرين مان غائب ٿيڻ لڳو، اها مام پرکڻ لاءِ مير ڪيترا ڏانهنس نياپا اماڻيا، پوءِ جڏهن هي مجلس ۾ ويو ته مير کي عرض ڪيائين ته عشق جو شينهن سوار ٿي ويو اٿم. هوا جو رخ بدليو، سيئي جوڀن ڏينهن هئا، جڏهن عشق سندس مهمان ٿيو هو، ۽ کيس پنهنجي وڏن جو ڳوٺ مٺي ٿري ڇڏي، سپهه سالاري ترڪ ڪري عشقيه شادي ڪندڙ عاشق مير باگي خان ٽالپر جي جاگير بڊام ۾ وڃي رهڻو پيو، جتي کيس پياري صابل هڪڙي ڏينهن جڏهن وڇڙي ته هن جي دل جي دنيا ويران ٿي وئي، هي وري به اتان ٽپڙ کڻي مير باگي خان جي جاگير ۾ ان هنڌ اچي ويٺو، جتان نيري جي شاخ نار وهندي هئي. جنهن ڪري خليفو ۽ سندس پويان نار وارا خليفا به سڏجن ٿا. اتي سندس آخري آرامگاهه به آهي. ۽ هن وقت اهو ماڳ ڳوٺ خليفو محمد هاشم لغاري جي نالي سان سڏجي ٿو.

خليفو  صابل جي ڏک ۾ سالن جا سال ڀٽڪندو رهيو، اهڙي حالت ۾ سندس دل گھرئي ماسات قاسم کيس روضي ڌڻي محمد راشد وٽ وٺي ويو، جتي روضي ڌڻي کيس مريد بنائڻ سميت پنهنجو خليفو بنايو،  پوءِ هن سنڌ ۽ هند جا ڪيئي سفر ڪيا، خليفو ڪلهوڙن جي ايامڪاري جي پڇاڙي ۾ 1776ع ۾ پيدا ٿيو. ميرن جي صاحبي جو ڏيئو گل ٿيڻ، ۽ گورن انگريزن جي حاڪميت جا ڏهاڙا به ڏٺائين، پاڻ 1834ع ۾ ميرن جي دور ۾ کرڙي جي ميدان تي لڳل جنگ بابت سنڌي سورمن جي شان ۾ سنڌي ادب ۾ نج سنڌي ڪيڏارو تخليق ڪيو:

کرڙي کائي رت، ڀت نه وجھي وات ۾،

پڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پرکي پت،

جنين نيڻ نست، نينهن نه لائي تن سين.

ڪيڏاري کيس جنهن مقام تي پهچايو، ان مقام تي تمام گھڻا شاعر نه پهچي سگھندا، هن جي دور جي وڏن شاعرن سچل سرمست، سامي، حمل فقير، مراد فقير، سيد ثابت علي شاهه جي شاعراڻي ڏات ڏسجي ٿي، ته هن جو قد به تمام اوچو نظر اچي ٿو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکيو آهي ته ”شاهه سائين سنڌي شاعري جو سج ٿي چمڪيو ۽ خليفو چوڏهين جو چنڊ ٿي چمڪيو“ پر بدقسمتي سان نقادن خليفي نبي بخش قاسم کي پوئتي رکيو. خليفي جي سنڌي، سرائڪي،اردو ۽ هندي ٻولين ۾ ڪيل شاعري ۾ جيڪا جماليات جي جھلڪ آهي سا ورلي شاعرن جي شاعري ۾ ملندي. خليفو سنگيت کان به واقف هو، ته سورٺا ڇند جي علم جي به ڄاڻ هئس، هن 1883ع تي وفات ڪئي، بدقسمتي سان خليفي جي شاعري تي صرف قادر بخش مگسي، تاج جويو، عبدالواحد آريسر، غلام حسين رنگريز، ڀون سنڌي، غلام شبير لغاري، دودو چانڊيو، امير منڌرو، الهبچايو راهوڪڙو، نصير اڍيجو سميت ڪجهه نالن مٿس تحقيقي ڪم ڪيو آهي. خليفي جي نالي سان سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽي طرفان چيئر قائم ٿيل ڪونهي، نه وري هن جي سر وار شاعري ۾ موسيقي تي ڪا تحقيق ٿي آهي. هن ناليواري شاعر جي ورسي هر سال نٿي ملهائي وڃي، نه وري هن جي نالي سان ڪو روڊ منسوب ٿيل آهي، ۽ ئي درسي ڪورس جي ڪتابن ۾ سندس نج ڪيڏاري سميت سر سارنگ، ڍول مارو ۽ ٻين سرن کي شامل ڪيو ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي هن عظيم شاعر کي جيڪا پذيرائي ملڻ کپندي هئي، سا نه ملي سگھي آهي.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment