شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 20 - آڪٽوبر - 2020ع

نواز شريف جو بيان ۽ هڪ نئون بحث


صبح 02 لڳي 14 منٽ -اڱارو 15 مئي 2018  371 
image-1

پاڪستان جي قومي سلامتي ڪميٽيءَ سابق وزير اعظم نواز شريف جي بمبئي حملن متعلق متنازع بيان کي غلط ۽ گمراهه ڪن قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي آهي. 

سومر واري ڏينهن وزير اعظم شاهد خان عباسي جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ چيئرمين جوانٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي، ٽنهي مسلح فوجن جي سربراهن، خارجه، دفاع ۽ خزاني جي وزيرن مشير قومي سلامتي، سول ۽ عسڪري انٽيليجنس ايجنسين جي سربراهن شرڪت ڪئي.اجلاس بعد جاري ٿيل بيان ۾ چيو ويو ته قومي سلامتيءَ جي ڪميٽي بمبئي حملن متعلق هڪ اخباري بيان جو تفصيل سان جائزو ورتو.بيان ۾ چيو ويو ته ٺوس شاهدين ۽ حقيقتن جي برعڪس بيان ڏيڻ بدقسمتي آهي.

ٻه ڏينهن اڳ ۾ انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ شايع ٿيل انٽرويو ۾ نواز شريف ڀارتي شهر بمبئي ۾ ڏهه سال اڳ ٿيل دهشت گرد حملن متعلق ڪجهه سوالن کي اٿاريندي چيو هو ته پاڪستان ۾ اهو ڪيس اڃا تائين مڪمل ڇو نه ٿيو آهي ۽ ڇا غير رياستي عناصر کي اها اجازت ڏيڻ کپي ته هو سرحد پار بمبئي وڃي 150 ماڻهن کي ماري ڇڏين؟

قومي سلامتي جي معاملن تي ٿيل اجلاس جو ڏيک

 

ان بيان تي سياسي ۽ سماجي حلقن طرفان شديد رد عمل ڏسڻ ۾ آيو ۽ نواز شريف کي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي. سندس مخالف سياسي جماعتون نواز شريف جي بيان کي بظاهر ڀارتي موقف جي تائيد سان ڀيٽي رهيون آهن. 

سومر واري ڏينهن اسلام آباد جي احساب عدالت ۾ پيشي وقت نواز شريف پنهنجي بيان جو دفاع ڪندي چيو هو ته هن ڪابه غلط ڳالهه نه ڪئي آهي.صحافين سان غير رسمي گفتگو ۾ نوازشريف جو چوڻ هو ته ” ڪو اهو ٻڌائي ته مون ڪهڙي غلط ڳالهه ڪئي آهي.هن اخبار ۾ پنهنجي انٽرويو جو اهو حصو به پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته ماضي ۾ سابق فوجي صدر پرويز مشرف، سابق جنرل محمود دراني ۽ سابق وزير داخلا رحمان ملڪ به ان موقف جي تائيد ڪري چڪا آهن.

ٻئي طرف سينيٽر پرويز رشيد هڪ بيروني خابرو اداري سان گفتگو ڪندي پنهنجي ليڊر جو دفاع ڪندي چيو ته جن ماڻهن ڊان جو انٽرويو نه پڙهيو ۽ صرف ڀارتي پروپئگنڊا جو شڪار ٿيا اهي سخت غلط فهمي ۾ مبتلا آهن نواز شريف ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪئي جنهن جي بنياد تي ڊنڊورو پٽيو پيو وڃي. پر هن صرف اهو چيو جيڪو ان وقت جي پيپلز پارٽي جي حڪومت چيو هو. جڏهن اهو واقعو ٿيو هو. ان وقت نواز شريف حڪومت ۾ نه هو.

سابق وزير اعظم جي ان بيان کي ڀارتي ذراع ابلاغ ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي. هوڏانهن مخالف پارٽين ۾ سڀ کان وڏي پارٽي پاڪستان پيپلزپارٽي نواز شريف کان اهو بيان واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ان سان پاڪستان جي ساک مجروح ٿي آهي. جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان نواز شريف کي ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي زبان ڳالهائيندڙ قرار ڏيندي ان تي سخت تنقيد ڪئي آهي.نومبر 2008 ۾ بمبئي ۾ ٿيل دهشت گرد حملن ۾ ڇهه آمريڪي شهرين سميت 160 کان وڌيڪ ماڻهو مئا هئا ۽ ڀارت ان جو الزام پاڪستان ۾ موجود ڪالعدم تنظيم لشڪر طيبه تي وڌو هو.ان حملي ۾ ملوث هڪڙو ئي زندهه گرفتار ٿيل دهشتگرد اجمل قصاب هو ، جنهن کي ڀارت ۾ عدالتي ڪاروائي بعد ڦاسي ڏني وئي هئي. جڏهن ته پاڪستان ۾ به ان حملي جي مبينه منصوبي ساز ذڪي الرحمان لکنوي سميت ڇهن ماڻهن خلاف مقدمو هلندڙ آهي۔

بحرحال نواز شريف جي بيان تي ملڪ جي مختلف سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ هڪ نئون بحث ڇڙي پيو آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment