شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 25 - مئي - 2019ع

زينب ڀيو ڪيس ۾ ٽن ڄڻن کي ڦاهي ۽ هڪ کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي وئي

تازھ ترين

ڪلچر جي بقا ٻولي ۽ ڌرتي


شام 02 لڳي 55 منٽ -ڇنڇر 12 مئي 2018  284 
image-1

قسط اول

'ثقافت' (Culture) ۽ ’قوم‘ ظاهري طرح ٻه لفظ آهن، پر اهي لفظ پاڻ ۾ بنهه وڏيون وسعتون رکن ٿا. انهن ٻنهي لفظن کي سمجهڻ ۽ وهڃائڻ جي اسان کي گهرج به آهي. هونءَ ته هر ڪنهن زماني ۾ انهن ٻنهي لفظن تي ويچاريو پئي ويو آهي، پر هاڻوڪي زماني ۾ انهن جي ٻيهر تشريح ۽ سمجهاڻيءَ جي گهرج به وڌي آهي.

’قوم‘ اصل ۾ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ان لاءِ ڪو به لفظ موجود نه آهي. هاڻ اهو گهڻو لفظ گهڻي حد تائين واهپي هيٺ به اچي ويو آهي. انڪري پاڻ انهيءَ لفظ تي هري ويا آهيون. لفظ ’قوم‘ سان مسئلو اهو آهي ته اهو گهڻين معنائن ۾ ڪتب آندو ويو آهي. انهيءَ لفظ جي هڪڙي عام معنيٰ آهي ۽ ٻي معنيٰ خاص معنيٰ آهي. انگريزيءَ ۾ ان لاءِ بنهه چٽو ۽ طئه ٿيل لفظ آهي“Nation”. انهيءَ لفظ جي خاص معنيٰ مان ڪي نقصان نه پهتا آهن، پر انهيءَ جي عام معنيٰ ڪيترائي فساد ۽ جهيڙا بکيڙا پيدا پئي ڪيا آهن. ڇاڪاڻ ته عام معنيٰ سان، سماجي سطح تي، ڪيترائي غلط تصور موجود آهن، جيڪي پنهنجي حتمي نتيجي ۾، عام ماڻهن ۾ نفاق ۽ دوريون پيدا ڪن ٿا. ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جو دشمن بڻائين ٿا، نفرتن جا ٻج ڇٽين ٿا، پر انهيءَ لفظ جي خاص معنيٰ ماڻهن ۾ ايڪتا پيدا ڪري ٿي، انهن ۾ پيار ۽ محبت کي جنم ڏئي ٿي ۽ انهن کي هڪٻئي سان سلهاڙي ڇڏي ٿي.

يورپ ۾ انهيءَ لفظ يعني “Nation” بابت ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ بنهه واضح راءِ قائم ڪئي ويئي ۽ ان ۾ هڪ خاص تصور کي جائتو ڪيو ويو. قوم جي تصور جا معيار ۽ ماپا مقرر ڪيا ويا. اسان وٽ هتي ’قوم‘ جي استعمال تان وڏا وڏا اختلاف پيدا ٿيندا رهيا آهن. مثال طور پاڪستان ۾ هڪ مخصوص مفاد کي سامهون رکندي، انهيءَ لفظ جو استعمال ڪيو پئي ويو آهي. انهيءَ لفظ جي علمي ۽ طئه ٿيل معنيٰ کي ڇڏي، ان جون هٿ ٺوڪيون معنائون ظاهر ڪيون پئي ويون آهن ۽ عام خلق مٿان مڙهيون ويون آهن. انهيءَ هڪ لفظ جي غلط استعمال، هن ملڪ کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو؛ ۽ انهيءَ هڪ لفظ جي غلط واهپي ڪرڻ وسيلي، هتي ڪيترن ئي قومن کي قيد ڪيو ويو آهي. اتان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهيءَ رڳو هڪڙي لفظ جو غلط استعمال ڪيترا وڏا نقصان، اهنج ۽ آزار کڻي آيو آهي.

اڳ ئي اها ڳالهه اچي چڪي ته اهو لفظ – ’قوم‘ اصل ۾ عربيءَ سان تعلق رکي ٿو. پاڻ عربيءَ ۾ ان جون گهڻيون ۽ ڌار ڌار معنائون آهن، يعني هڪ کان وڌيڪ آهن. اسين جيئن ته علمي نوعيت جي ڳالهه پيا ڪريون، انڪري ’قوم‘ لفظ کي انگريزيءَ جي لفظ “Nation”  واري خاص معنيٰ طور ڏسنداسين، جيڪا سمجهه ۾ ايندڙ آهي ۽ جديد علمي بنيادن تي بيهاريل آهي. اهو واقعو، جيئن مٿي ڄاڻايو ويو، ارڙهين صديءَ عيسويءَ جي پڇاڙيءَ جو آهي. ان جو مطلب آهي ته يورپ ۾، اهو لفظُ، انهيءَ واقعي کان اڳ، پنهنجي خاص معنيٰ ۾ ڪتب نه ايندو هو، انڪري ان لفظ جي معنيٰ ۽ مطلب کي طئه ڪرڻو پيو، ته جيئن نفاق ۽ انتشار جي ڪا به گنجائش باقي نه رهي، پر اهو لفظُ اسان وٽ رياستي سطح تي ۽ پڻ پنهنجي سنڌي اندر، پنهنجي خاص معنيٰ ۾ طئه ڪيو وڃڻو آهي، جنهن لاءِ پاڻ هيترا جتن پيا ڪريون.

انسان گڏجي ڪيئن ۽ ڪڏهن قوم ٿين ٿا، ان لاءِ اسان کي تاريخ کي ڏسڻو پوندو.عام طرح چيو پئي ويو آهي ته انسان هڪ سماجي جانور آهي، سا ڳالهه درست آهي. انسان جو حيوانن سان گهڻو واسطو رهيو آهي. اهو حيواني زندگيءَ مان ترقي ڪري انساني صورت ۾ آيو ۽ گڏجي گذارو ڪرڻ لڳو. ان سماج ٺاهي، جانورن کان الڳ ٿيو. شروع ۾ گهرڙو يا اجهو اڏيائين. پوءِ ڪٽنب (family)، پوءِ خاندان گڏجي قبيلا ٿيا. انسان کي پنهنجي اوائلي زماني ۾ ايترو ساز سامان ۽ سهولتون موجود نه هيون، جيتريون اڄ اسان کي ميسر آهن. شروع ۾ انسان گروهن ۽ ٽولن ۾ پيو ڦرندو هو، رلندو ۽ ڀٽڪندو ۽ شڪار ڪندو هو. ان کان پوءِ گڏجي رهڻ، طبعي ناسازگار حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل رٿابندي، پوکي ڪرڻ، ڪاٺي ۽ پٿر جي اوزارن جي استعمال ڪرڻ وسيلي نيم سڌريل سماج ۾ داخل ٿيو. شڪار کان پوءِ انهيءَ مڇي مارڻ ۽ مال ڌارڻ جي ڪرت به سکي ورتي. هتي هيءَ شيءِ به چٽي هجي ته قبيلائي سرشتي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ انسان غير طبقاتي سماج ۾ زندگي گذاريندو هو. ان وقت تائين ڏاڍي ۽ هيڻي جا تصور اڃا نه اُسريا هئا. ڪنهن کي به ڦري يا ڇني کائڻ جي عادت اڃا نه پئي هئي. هر ڪنهن برادريءَ جا سڀ ماڻهو گڏجي پورهيو ڪندا هئا، پنهنجي گذاري ۽ جيئڻ جو سامان پيدا ڪندا هئا ۽ اهڙو سامان ۽ وسيلا سڄي برادريءَ جي ملڪيت هوندا هئا. اهو اوائلي اشتراڪي سماج هو. جڏهن ننڍيون ننڍيون برادريون يا ماڻهن جا گروهه، وڏن گروهن يعني قبيلن ۾ تبديل ٿيا ته ڏاڍن قبيلن هيڻن قبيلن کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. ائين غلاميءَ جو وجود پيو. اهو غلاميءَ جو دؤر گهڻي وقت تائين جاري رهيو. سگهارا قبيلا هيڻن کي غلام بنائي وٺندا هئا ۽ قبيلي جو سردار به ان کي چونڊيو ويندو هو، جيڪو جسماني طرح وڌيڪ سگهارو هجي، بهادر هجي. ائين اتان سورهيائيءَ جو تصور اڀريو.

هيءَ جيڪا پاڻ حياتي آهي، انهن بابت به ڏاهن ماڻهن سوچيو آهي، ڳالهايو ۽ لکيو آهي. ڪم جون ڳالهيون ڪيون آهن، عالم چون ٿا ته شروع شروع ۾ ساهوارين شيون اٽڪل 100 ڪروڙ ورهيه اڳي ڌرتيءَ تي وجود ۾ آيون. اهي ساهواريون شيون ننڍڙيون، ڪنئريون ۽ ساديون هيون. اها حيات هڪ جيوگهرڙي (Single Cell) جي ٺهيل هئي، ۽ اها پاڻيءَ ۾ پئي ترندي هئي. وقت گذريون انهيءَ حيات اوڀڙ ورتي، ٿورا وڏا ٻوٽا ۽ ٻيا ساهوارا اسريا ۽ اڳي کان بهتر ٿيا. انهن مان ڪن ٻاهر ڌرتيءَ تي اچڻ شروع ڪيو.  تنهن کان پوءِ ڀانت ڀانت شڪلين ۽ صورتن جا انيڪ ۽ اڻ ڳڻيا جيت، مڇيون، جانور، وڻ ۽ ٻوٽا پيدا ٿيا. اهڙيءَ ريت ساهوارن جي ارتقا اڳتي وڌي ۽ ڪي ڏهه ڪروڙ ورهيه اڳي ڊائنوسار پيدا ٿيا، جيڪي غيرمعمولي وڏا جانور هئا. انهن مان ڪي ته سئو سئو فٽ ڊگها هئا، اهي هوريان هوريان گم ٿيا، سندن جاءِ گرم رت وارن جانورن ورتي، جن کي پاڻ ”کير پياريندڙ ساهوارا“ چئون ٿا. پوءِ اٽڪل ڏهه لک ورهيه اڳي پهريون سچو ٻچو انسان نمودار ٿيو. 70 لک ورهين کان 40 لک ورهين تائين ڀولڙي سان مشابهت رکندڙ جانور ترقي ڪري، پاڻ جهڙن ٻين جانورن کان اڳتي نڪري آيو. ان ’چپنزي‘ چيو وڃي ٿو، اهو ئي اڳتي هلي انسان ۾ تبديل ٿيو.

اهڙيءَ ريت، ارتقا جوجيڪو سلسلو شروع ٿيو هو – هڪ گهرڙي واري ساهواري کان، اهو ٻن گهرڙن پوءِ گهڻن گهوڙن وارن جاندارن تائين وڌي هليو. نيٺ اهڙن جانورن منجهان چمپنزي (هڪ خاص قسم جو ڀولڙو) پيدا ٿيو. جنهن کي انساني شبيهه نما ٿيڻ ۾ 30 سک سال لڳا. ارتقا جون اهڙيون ڪڙيون ڳوليون ويون آهن، مختلف علائقن ۾ ڪي ڍانچا هٿ ڪيا ويا آهن. ان ۾ هڪ ڍانچو چين مان لڌو ويو آهي، جنهن کي ”پيڪنگ مئن“ ڪري چون ٿا. ساڳيي نموني هڪ ڍانچو ڏکڻ آفريڪا مان لڌو ويو آهي. يورپ مان به اهڙو ڍانچو مليو آهي. چين جي گاديءَواري هنڌ ڀرسان هڪ غارمان اهڙو انساني ڍانچو هٿ آيو آهي. ان جي ڄمار جو عرصو ستن لکن ورهين کان ٻن لکن ورهين تائين ڄاڻايو ويو آهي. پر ٻه لک سال اڳ وارو اهو ڍانچو به اهو ثبوت نٿو ڏئي ته ڪو اهو اسان جهڙو پورو انسان هو. اهو به اڃا حيوان هو، پر ماڻهوءَ جهڙو به برابر هو. اهڙيءَ ريت پٿر جي زماني کان نئين پٿر جي زماني تائين ۽ ان جي مختلف دورن ۾ سماجي ارتقائي آهي، جنهن سان انساني ارتقا به ڳنڍيل آهي. اهو عرصو 10 لک ورهين کان هڪ لک ورهيه قبل مسيح ۽ پوءِ هڪ لک ورهين کان 40 هزار ورهيه قبل مسيح، 40 هزار ورهين کان 10 هزار ورهين تائين پکڙيل اهي. انساني سڀيتا وارو زمانو 10 هزارن ورهين کان هيٺ لهندي 5 هزار ورهين تائين چيو وڃي ٿو. انهيءَ ڏس ۾ منهنجي سڄڻ، پياري دوست ۽ عالم محمد حسين پنهور هڪ گهڻو پيرائتو مضمون "Man in Sindh-Stoneage to neolithic" لکيو آهي،جيڪي پڙهڻ وٽان آهي. ان ڄاڻايو آهي ته 50 لک ورهين کان هڪ لک 20 هزار ورهيه ق.م تائين ڏاکڻو باندر نما انسان (Australopithecus) موجود هو، جيڪو اوائلي پٿر جا اوزار ڪم آڻيندو هو. جڏهن ته پيرن تي بيٺل اڀو انسان نما باندر (Home Erectus) 12لک ق.م ورهين کان 10 لک ورهيه اڳ تائين موجود هو. انهيءَ اڀي انسان نما باندر جون مختلف ارتقا ئي شڪليون رهيون آهن. جن مان هڪ جو ذڪر مٿي ٿي چڪو، جنهن کي پيڪنگ وارو انسان (Paking man) چيو وڃي ٿو، اهو 4 لک 50 هزار ق.م ورهين کان 4 لک ق.م ورهين تائين موجود هو. ان کان اڳ جاوا ماڻهو (Java man) 5 لک 15 هزار ق.م ورهين کان 3 لک 50 هزار ق.م ورهين تائين موجود هو. ان کانپوءِ ماريطانيا جو ماڻهو (Mauritanicus man) ۽ هينڊلبرگ ماڻهو (Hiendelburg man) وغيره موجود هئا. تنهن کان پوءِ اسان جو جديد ماڻهو هومو سيپيئنس (homo Sapiens) نمودار ٿيو ان قسم جو ماڻهو نيدر لئنڊ، روڊيشيا ۽ ڪروميگنن ۾ موجود هو.

انسان سماج کان اڳ توڻي پوءِ واري زماني ۾ قدرت سان لڳاتار رابطي ۾ رهيو. سماج کان اڳ وڌيڪ فطرت جي ويجهو هو؛ ۽ سماج کان پوءِ ڪجهه گهٽ، ڇاڪاڻ ته ان جي سماج اندر ڪمن ۽ ذميوارين ۾ واڌارو اچي ويو هو، پر ان هوندي به فطري نظارن، تبديلين ۽ ان جي آفتن توڻي رحمتن تي هن غور ويچار پئي ڪيو هو؛ ۽ اڄ به ڪري پيو. اوائلي انسانن منجهان ڪن ۾ سمجهه جي قوت گهٽ هوندي هئي ۽ ڪي وري وڌيڪ ڏاها هوندا هئا؛ جيڪي پاڻ جهڙن ٻين انسانن جي فطرت يا قدرت جي رمزن کي سمجهه جي سلسلي ۾ مدد ڪندا هئا. مثال طور ڌرتي ڇو ٿي ڌڏي، مينهن ڇو ٿا پون، اوچتو ئي باهه ڇو لڳي وڃي وغيره. وڌيڪ سمجهه رکندڙ انسان يا انسان پنهنجي طور تي ڌُڪا هڻندو هو/هڻندا هئا، ۽ قدرتي لقائن،آفتن ۽ تبديلين کي انسان کان وڌيڪ سگهاريون قوتون قرار ڏيندا هئا. ۽ دعوا ڪندا هئا، ته انهن قوتن سان سندن ويجهڙائي آهي. اهڙيءَ ريت انسان ۾ وهم، وسواس يا وسوسن جي ور چڙهيو ۽ پاڻ کان پري، پنهنجي وس کان ٻاهر ۽ غالب قدرتي لقائن، تبديلين ۽ آفتن کي پوڄڻ شروع ڪيو. انهيءَ مختلف ديوتا ٺاهيا، مثال طور ڌرتيءَ کي ڌوڏيندڙ ديوتا، مينهن وسائيندڙ ديوتا، باهه لڳائيندڙ ديوتا ۽ ائين ٻيا انيڪ ديوتا. مٿي سورهيائپ جو ذڪر ٿيو ۽ ان کان پوءِ  ڏاهپ جي اهميت کي به انسان سمجهيو ۽ مڃيو، پوءِ اها انهيءَ زماني ۾ ڪهڙي به روپ ۾ هئي، خام ئي سهي، ڪچي ئي سهي، اڄ جي مقابلي ۾ لکها ڀيرا  گهٽ ئي سهي، پر وهمن، وسوسن ياوسواسن جي صورت ۾ ئي سهي، پر سورهيائيءَ سان گڏ ان اڀري سڀري ڏاهپ به اوائلي انساني رهڻي ڪهڻيءَ ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي هئي، ڇاڪاڻ ته انسان سان، ان زماني ۾، رڳو ويڙهه جو مسئلو لاڳو نٿي ٿيو،  جو رڳو جسماني طور سگهاري انسان جي گهرج کين پوي، پر ٻيا به گهڻا روحاني، نفسياتي يا ذهني مسئلا ۽ سوال هئا، جن جو هن جواب ٿي گهريو؛ ان لاءِ ان کي قبيلي جي سڀ کان سمجهو ۽ ڏاهي ماڻهوءَ جي گهرج ٿي پئي، اهڙا ماڻهو به هئا. هڪڙن پنهنجي جهڙي تهڙي سمجهه وسيلي مسئلن جو ٿي ٻڌايو، ته ٻين ماڻهن جي اٻوجهائپ جو فائدو پئي ورتو، انڪري انسانن کي وهمن ۽ وسوسن جي ور چاڙهي، کين استعمال ڪرڻ جو به رواج پيو. اسين ڏسون ٿا ته اڄ به انسان انهن وهمن ۽ وسوسن ۾ گذاري ٿو، اڄ به ٽوڻا ڦيڻا ٿين ٿا، اڄ به ماڻهن کي بيوقوف بڻايو وڃي ٿو. اڄ به غيب جا ڪرشما ڏيکاريندڙ موجود آهن، جيڪي ڪجهه پڙهي شوڪاري مٿي جو سور لاهڻ کان وٺي مختلف بيمارين کي ختم ڪرڻ ۽ مختلف انساني مسئلن کي، اتي جو اتي حل ڪرڻ جي دعوا ڪن ٿا. اهڙي دعوا ڪري پاڻ کي ٻين مٿان مڙهي ڇڏين ٿا يا حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پاڻ کي اڪابر ۽ ٻين کي جاهل سمجهن ٿا. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپايل ڪتاب ”جادو ۽ سائنس“ ۾ ان قسم جو گهڻو پيرائتو احوال آيل آهي.

هلندڙ 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment