Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

اپريل، گرمي ۽ نوابشاهه


2018-05-12 14:38:37  328 

احمد خيام

image-1

 

ڪجهه ڏينهن اڳ امريڪا جي مشھور اخبار واشنگٽن پوسٽ ۾ ھڪ ڇرڪائيندڙ خبر سامھون آئي آھي. ڇرڪائيندڙ تہ شايد ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويٺل حڪمرانن لاءِ ھوندي، ڇو تہ اسان جھڙا عام ماڻھو تہ سالن کان ان حقيقت کان نہ صرف واقف آھيون پر ان کي منھن بہ ڏيندا پيا اچون. خبر اھا آھي تہ 2 مئي 2018ع تي جيسن سيمھائو نالي رپورٽر، واشنگٽن پوسٽ ۾ اھا رپورٽ ھلائي آھي تہ 2018ع جو اپريل شايد تاريخ جو گرم ترين اپريل گذريو آھي ۽ ان ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد پاڪستان جي ھڪ شھر نوابشاهه جو آھي. نوابشاهه کي ان حساب سان اعزاز ملي ويو تہ دنيا ۾ جي ڪڏھن ڪو گرم ترين اپريل مھينو ٿيو آھي تہ اھو نوابشاهه ۾ ٿيو آھي. پر ڇا اھا ڪا فخر جھڙي ڳالھه آھي؟ ڇا ان ڳالهھ تي ھڪٻئي کي مبارڪون ڏجن. سچ چئجي تہ جڏھن مون کي صبح سان ھڪ ويجهي دوست اھا خبر ٻڌائي تہ مون وٽ لفظ ئي ڪونہ ھيا تہ جواب ۾ ڇا چوڻ گهرجي. پر مان ئي ڇو چوان. چوڻ تہ محترم بلاول ڀٽو زرداريءَ کي گهرجي جنھن جو اباڻو شھر نوابشاهه آھي ۽ شايد ايندڙ وقت ۾ بلاول صاحب پاڻ بينظيرآباد جي ڪنھن تڪ تان اليڪشن وڙھندو، جي پاڻ نہ وڙھندو تہ سندس ڀينرن ۽ بيبي شھيد جي نياڻين مان ڪا ھڪ بينظيرآباد جي ڪنھن تڪ تان ضرور چونڊن ۾ بيھندي.

پڙھندڙ اھو سوچيندا ھوندا تہ ڪاڏي منھن مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الھيار؟ ڳالھه پئي ھلي تاريخ جي گرم ترين اپريل مھيني جي ۽ ليکڪ ھروڀرو ان معاملي کي سياست سان ڳنڍڻ جي ڪوشش پيو ڪري. پر حقيقت اھا آھي تہ ايڪويھين صدي ڊرائنگ روم واري سياست جي صدي ڪونھي. ھن صديءَ ۾ ھر فطري آفت جو معاملو بہ نج سياسي معاملو آھي. تنھنڪري اسان کي اھو سمجهڻو پوندو تہ دنيا ۾ وڌندڙ گرمي پد جي وڏن سببن مان ھڪ سبب ماحولياتي گدلاڻ آھي. ان ڪري دنيا جا سڀئي وڏا ملڪ (فرض ڪيو تہ روايتي طور اسان ٿوري دير لاءِ ائين قبول ڪيون ٿا تہ سڀئي سرمائيدار ملڪ ئي وڏا ملڪ آھن) ماحولياتي گدلاڻ کي گهٽائڻ جي لاءِ ڳالھين ڳالھين ۾ جتن ڪري رھيا آھن. مثال طور جي ايٽ ملڪن جي ھر سربراھي ڪانفرنس ۾ ھر ڀيري ماحوليات متعلق سوال ضرور رکيو ويندو آھي ۽ فيصلا بہ ڪيا ويندا آھن تہ دنيا مان ماحولياتي گدلاڻ کي گهٽائڻ لاءِ ڪھڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن، اھا ٻي ڳالھ آھي تہ انھن مان ڪوبہ ملڪ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ڪونہ ھوندو آھي. پر انھن اپائن ۾ ھڪ اپاءُ ٻڌي ٻڌي اسان جا ڪن پچي پيا آھن سو آھي تہ، ماحولياتي آلودگي ختم ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ پوکيو. تنھنڪري اول تہ اسان کي وڻ تمام گهڻي انگ ۾ پوکڻا پوندا. پر جي پوکيون گهٽ ٿا تہ گهٽ ۾ گهٽ اھي وڻ تہ نہ ڪٽيون جيڪي اڳي کان موجود آھن.

نوابشاهه جي جنھن گرمي جو پڙاڏو سڄي دنيا تائين وڃي پھتو آھي، ڇا ان جي پويان بہ ڪو ماحولياتي سبب ٿي سگهي ٿو؟ بلڪل، دنيا ۾ جتي بہ گرمي پد تيزي سان وڌي رھيو آھي، ان جو وڏو سبب ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو وڌندڙ مقدار آھي. ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي ان وڌندڙ مقدار کي ڪيئن گهٽائي سگهجي ٿو، ان جي جواب ۾، مشھور ميگزين دي گارجين نومبر 2012ع جي شماري ۾ لکي ٿو تہ ”ٻيلن جي پوکائي سان ڌرتي جي گولي تان سال ۾ 1.1 کان 1.6 گگا ٽن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ گهٽائي سگهجي ٿو.“ جي وڻن جي پوکائي سان دنيا مان ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي گهٽائي سگهجي ٿو تہ سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ ڇا ڪري رھي آھي؟ ۽ خاص طور تي بلاول ڀٽو جي اباڻي ضلعي بينظيرآباد جي انتظاميہ ماحول مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گهٽائڻ ۾ ڪيترو ڪردار ادا ڪيو آھي؟

ڇا پيپلز پارٽي وٽ ڪو ماحولياتي تحفظ جو واضح پروگرام آھي؟ جي آھي تہ پوءِ ان تي عمل ڇو ڪونه ٿو ڪيو وڃي؟ مثال طور، جنھن نوابشاهه کي ھينئر سڄي دنيا ۾ گرمي جو ڳڙهه ليکيو ٿو وڃي، ٻہ ڏھاڪا کن اڳ ۾ ان ئي نوابشاهه جا ٻہ مشھور ٻيلا ھيا، جن لاءِ مشھور ھيو تہ اک کٽي وڃي پر ٻيلا ڪونہ کٽندا. انھن مان ھڪڙو ھيو، سڪرنڊ ويجهو، پئي ٻيلو ۽ ٻيو دولتپور ويجهو درياءَ جي ڪچي ۾ موجود ڪنداہ ٻيلو. انھن ٻنھي ٻيلن کي ڪنھن وڍي نابود ڪيو؟ پئي ٻيلو تہ اڃا بہ جھڙي تھڙي حالت ۾ موجود آھي، پر ڪنداہ ٻيلي جو تہ نالو نشان ئي مٽجي ويو. ڪا خبر ئي ڪونہ پئي تہ انھن ٻيلن کي ڪھڙي قانون جي تحت ڀڙڀانگ ڪيو ويو؟ ڇا نوابشاہ (ھاڻوڪي بينظيرآباد) ضلعي جي ٻيلي کاتي کان اھو پڇاڻو نہ ٿو ڪري سگهجي تہ انھن ٻيلن سان آخرڪار ٿيو ڇا؟

آئون ھڪ ٻھراڙي جو ماڻھو آھيان انڪري، شاخون، واهه ۽ واٽرڪورس منھنجي روز جي زندگيءَ جو حصو آھن. مونکي چٽو پٽو ياد آھي تہ اسان جي ڳوٺ جي ٻاھران موجود اڪڏوئي مائينر (جنھن کي ارڙھين شاخ بہ سڏجي) جي ٻنھي ڪنارن سان ٽالھين جا وڏا ۽ گهاٽا وڻ ھوندا ھيا. اسانجي سانڀر ۾ اسين انھن وڻن تي رانديون ڪندا ھياسين ۽ شاخ ۾ بہ وھنجندا ھياسين. ان ئي شاخ کي وٺي مٿي ھلبو ھيو تہ نصرت ڪينال جي ٻنھي ڪپرن سان بہ اھڙيون ئي گهاٽيون ديودار ٽالھيون ھونديون ھيون. پوءِ ھڪڙو زمانو آيو جو آبپاشي کاتي جي ملازمن جي ملي ڀڳت سان شاخن ۽ واھن سان بيٺل انھن وڻن جو انتھائي بيدرديءَ سان صفايو ڪرايو ويو جو ھاڻي سڀني شاخن ۽ واھن سان ڪو ورلي توھان کي وڻ نظر ايندو جي نہ تہ شاخون ۽ واهه پڪا ڪرڻ جي بھاني انھن کي بہ ڪٽي الھه تلھه ناس ڪيو ويو.

تازو ٻہ مھينا اڳ جي ڳالھه آھي، قاضي احمد ضلعي بينظيرآباد ڀرسان جوڻا ڳوٺ جي ڀر مان وھندڙ شاخ جي ٻنھي ڪپرن سان بيٺل چھچ ساون وڻن کي ڏسبو ھيو تہ دل باغ بھار ٿي پوندي ھئي. پر ٻہ مھينا ٿيندا جو حڪومت سڳوري ان شاخ کي بہ پڪو ڪرڻ شروع ڪيو. ھڪ ھڪ ڪري ٻنھي پاسن کان سڀ وڻ ڪٽي شاخ کي ڏڙ پوٺو ڪري ڇڏيائون. ٿيندو تہ ائين آھي تہ جيترا وڻ ڪٽجن ان کان ٻيڻ تي وڻ پوکجن بہ صحيح، پر ھتي ان جي ابتڙ اصول آھي. ٻيلي کاتي ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن کان پڇڻ وارو ڪير بہ ڪونھي. خود بلاول کي بہ شايد خبر ڪونہ ھوندي تہ ھن جي بيخبري واري حالت ۾ ھن جي اباڻي ضلعي سان ڇا وھيو، ڇا واپريو.

تنھنڪري، ضلعي بينظير آباد جي انتظاميہ کي گهرجي تہ وڌيڪ عالمي خواري کان بچڻ لاءِ ترت انھن سڀني ماڳن تي اھي ٻيلا وري پوکائي بحال ڪرائي جيڪي ڪنھن زماني ۾ مثالي صورت ۾ موجود ھيا. ٻيو تہ واھن، شاخن ۽ روڊن رستن جي ڪنارن سان ان ئي پراڻي نموني تحت نوان وڻ پوکرائي، بيلدارن ۽ داورغن کان سندن اصلي ڪم ورتو وڃي تہ انھن وڻن جي سموري سار سنڀال ۽ ذميواري انھن جي فرض ۾ شامل آھي ۽ ھاڻي ھو مفت جون پگهارون کڻڻ بند ڪن. ان کانسواءِ نوابشاهه جي سڀني ميداني علائقن ۾ حڪومت ڪونوڪارپس جھڙي ناڪارہ ٻوٽي جي جاءِ تي ديسي نم، ٻٻر ۽ ٽالھي جا وڻ پوکرائڻ جي وڏي پئماني تي مھم شروع ڪري نہ تہ ٻي صورت ۾ اڳتي ھلي نہ صرف شرمساري پر ان سان گڏ ماحولياتي تباھي کي پڻ منھن ڏيڻو پوندو.

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment