شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 21 - جنوري - 2022ع

رسول بخش پليجي جو شيخ اياز کان ورتل انٽرويو


شام 02 لڳي 24 منٽ -اڱارو 28 ڊسمبر 2021  121 
image-1

 

هر انسان جون عادتون پنهنجون پنهنجون ٿين ٿيون ۽ منهنجي به ٻين ڪافي عادتن منجهان هڪڙي عادت هيءَ به رهي آهي ته، جڏهن به ڪنهن عظيم تخليقڪار ۽ سچيت انسان جو جنم ڏينهن يا ورسي هوندي آهي ته، مان اُهو هڪڙو هفتو يا ٻه هفتا اُن انسان جي شخصيت، فڪر ۽ مجموعي زندگيءَ کي پڙهندو آهيان ۽ وڌ کان وڌ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.

ائين ئي اسان جي وطن جي مهان ڪوي شيخ اياز تي به هن ڀيري ائين ئي هڪڙي هفتي کان مختلف ليکڪن طرفان لکيل ليک پڙهي رهيو آهيان، جن ۾ اياز جي شاعري، فن ۽ فڪر تي سٺي نموني لکيو ويو آهي. پر اُن پڙهائي دوران محترم رسول بخش پليجي صاحب جو اياز کان ورتل انٽرويو به نظر مان گذريو، جنهن مون کي اياز متعلق ڪافي ڳالهيون نيون سمجهڻ ۽ ڄاڻ لاءِ ڏنيون.

ٿورو تصور ڪجي ته هڪڙي پاسي پليجي صاحب جهڙو بي انتها ڏاهو ۽ عظيم دانشور انٽرويو وٺندو هجي ۽ ٻئي پاسي اسان جو محبوب شاعر شيخ اياز ڳالهائيندو هجي ته پڙھندڙ اُنهيءَ سحر ۾ وڃائجي نه ويندو ته ٻيو ڇا؟

مون جڏهن پليجي صاحب جا سوالَ ۽ اياز جا جوابَ پئي پڙهيا تڏهن مون کي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ مان اُنهن جي ڀر ۾ ئي ويٺو هجان ۽ اُنهن کي روبرو ٻڌندو هجان، مون کي کن پل لاءِ به اهو احساس نه ٿيو ته ڪو مان انٽرويو پڙهي رهيو آهيان!

سچ مون کي جيترو هن انٽرويو ۾ آيل مواد متاثر ڪيو، اهڙو ٻي ڪنهن به لکڻيءَ نه ڪيو!

هاڻ سوچيان پيو ته ڪهڙا سوالَ ۽ جواب هيٺ لکي، پڙھندڙ لاءِ رکان، مون لاءِ اِها چونڊ ڪرڻ به وڏي مشڪل آهي!

 ڇو ته سمورو انٽرويو پڙھڻ وٽان آهي ۽ هر هڪ سوال ۽ جوابَ سمورين ڳالهين جو تسلسل آهي پر اُن جي باوجود ڪجهه پليجي صاحب جون پهرين اياز بابت ڪيل ڳالهيون ۽ ڪجھه اياز جا جوابَ هيٺ ڏجن ٿا!

 

پليجو صاحب لکي ٿو ته ”هيءَ انهيءَ زماني جي ڳالھه آهي، جڏهن مون کي ڪافرن ۽ شاعرن لاءِ سخت نفرت هوندي هئي!

ڪافرن لاءِ نفرت عثمان ڏيپلائيءَ جي اسلامي ڪتابن سيکاري ۽ شاعرن لاءِ اسڪولن جي ڪتابن.“

هڪڙي رات ڪٿي محفل ۾ پليجي صاحب جو ننڍو ڀاءُ عبدالرحمان ڳائي ٿو، اُن جو ذڪر پليجي صاحب هيئن ڪيو آهي؛

”پوءِ منهنجي ننڍي ڀاءُ عبدالرحمان (ايڊيٽر بادل) جو وارو آيو. هن نئون نئون ڳائڻ شروع ڪيو هو. سندس آواز مون کي بيحد وڻندو هو. مون لاءِ چونڊي چونڊي نيون نيون شيون ياد ڪري ايندو هو. اُن ڏينهن هن هڪ بلڪل نرالي نموني ڪلام ٻڌايو. مون کي ٻول ۽ ڌُن اڄ به ياد آهي:

 

رات انڌريري واءُ ٿڌيري، 

اُڀ تي تارا ڇايا، هاءِ پرين ياد آيا!

گيت جا ٻول سادا، مٺڙا ۽ موقعي آهر هئا. مون ان وقت تائين ڪوبه اهڙو پيارو ۽ اثرائتو گيت نه ٻڌو هو. ٻُڌندڙن تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي وئي. ” شاعر ڪير آهي؟“ مون عبدالرحمان کان پڇيو.

” ڪو نئون شاعر آهي، شيخ مبارڪ، اياز نالو اٿس.“

پوءِ مون ھُن جا ڪيترا گيت پڙهيا:

” ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“ ” آءُ سرنهن گُل ڪيا، آءُ پرين آءُ“، ” آھہ پريان ته نهہ گهاٽ، هوريان هوريان ونجھه هلاءِ.“

هر دفعي مونک ي ايئن محسوس ٿيندو هو. جيئن ڪنهن ويران رڻ پٽ مان هلندي هلندي ماڻهو اوچتو ڪنهن اکين ۽ دل کي ٺاريندڙ سرسبز سدا بهار باغ ۾ اچي نڪري!

پليجو صاحب اڳتي لکي ٿو:

”اڄ اياز جي شاعري هڪ بي انت سمنڊ آهي، جنهن ۾ لفظن ۽ معنائن جا بي انداز ماڻڪ موتي، هڪٻئي مٿان هڪٻئي سان گڏ خواھه هڪٻئي جي مخالف وهندڙ ڪئين احساسن جا وهڪرا، جذبن جون لهندڙ، چڙهندڙ لهرون ۽ مختلف شعوري سطحن تي ڌار ڌار رنگن روپن ۽ ڪيفيتن وارا سوين رنگ برنگي ۽ حيرت انگيز ٻيٽ آهن.“

 

”اياز هڪ جيئرو جاڳندو ادبي ڪرشمو آهي.”  

”اياز هن ڌرتيءَ جي سيني ۾ لڪل ڪن اهڙين نامعلوم قديم ذهني ۽ جذباتي، فني ۽ فڪري قوتن جي پيدائش آهي. جي فقط صدين کان پوءِ تحرڪ ۾ اينديون آهن. سندس شعرن ۾ اسان کي دودي، درياھه خان، شاھه بلاول ۽ هوشوءَ جي اڻ موٽ ۽ ارڏن، آزادي پسند جذبن جي گونج ۽ نادر شاھه ۽ مدد خان جي وحشي، فاتحانه للڪار جو جواب ملي ٿو.“

هيٺ پليجي صاحب طرفان ڪيل ڪجھه سوالَ ۽ اياز طرفان ڏنل جوابَ ڏجن ٿا!

سوال: دنيا جي عظيم شاعرن مان ڪو اهڙو آهي، جنهن توهان کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي؟ جي ها ته ان جا مکيه سبب ٻڌائيندا؟

جواب: اسان ٻنهي جي وچ ۾ سنڌ جي سرزمين اُها اَٽوٽ ٻٽي پير ڪڙي آهي، جنهن مان منهنجا سوين ڇلانگ مون کي ڇڏائي نه سگهيا آهن. منهنجا ۽ شاهه لطيف جا پير انهيءَ ڪڙيءَ ۾ گڏ گرفتار آهن ۽ هڪٻئي کان جدا ٿي نه ٿا سگهن!

سوال: شاھه لطيف لاءِ توهان کي جيتري عزت ۽ احترام آهي، سو رڳو ان ڪري جو هو سنڌ جو عظيم شاعر آهي، يا ان جا ڪي ٻيا سبب به آهن؟

جواب: شاھه لطيف نه رڳو سنڌ جو عظيم شاعر آهي پر اڃان تائين سنڌ جي تاريخ به هو آهي، تهذيب به هو آهي، لسانيات به هو آهي ۽ سياست به هو پاڻ آهي! لطيف جو پيغام دؤر جديد لاءِ عالمي امن ۽ انسانيت جو پيغام آهي! شاهه لطيف ۾ فني ڪامل به ايترو ئي آهي، جيترو دنيا جي ٻئي ڪنهن عظيم ترين شاعر ۾. جي لطيف دنيا جو عظيم ترين شاعر نه آهي ته عظيم ترين شاعرن مان هڪ ضرور آهي.

سوال: شاهه کان سواءِ توهان سنڌ جي ٻين ڪهڙن شاعرن کي پسند ڪريو ٿا؟

جواب: مون ان جو سويل ئي جواب ڏنو آهي ته شاهه کان پوءِ مون کي سچل ۽ بيوس وڻن ٿا. سچل پنهنجي دور جي رجعت پرستيءَ خلاف بغاوت جو امام هو. ”ديس سچل دا شهر درازا“ جو نعرو اسان جي روح ۾ اڄ به ولولا پيدا ڪري رهيو آهي ۽ گويا اسان جي ثقافتي تحريڪ جو پڌرنامو آهي.

سوال: توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته توهان شعر ڇو ٿا چئو؟

جواب: ڪوبه شاعر شعر چو ٿو چوي، ان جو جواب هڪ نفسيات ۽ جماليات جو ماهر ئي ڏيئي سگهي ٿو. ان موضوع تي مون تازو آرٿر ڪئسلر جو ڪتاب ”The Act of Creation“ پڙهيو. ڪئسلر جهڙي جامع شخصيت انهيءَ موضوع تي پنج ڇهه سئو صفحا لکي به انهيءَ سوال جو تسلي بخش جواب نه ڏيئي سگهي آهي! فنڪار جو وجود هڪ ڳجهاندڙ ڳالهڙي آهي، جا اڃا تائين ڪنهن چڱيءَ طرح نه سمجهي آهي. Aldous Huxley پنهنجي ڪتاب Doors of preposition ۾ لکيو آهي ته، ”L.S.D کائڻ کان پوءِ ئي مون محسوس ڪيو ته مشهور مصور وان گوگ تصوير ڪشيءَ وقت ڇا محسوس ڪندو هو.” بهر صورت منهنجي شعور ۾ نون لفظن، ترڪيبن، محاورن، تشبيهن، استعارن، مطلب ته ٻوليءَ جي رنگينين سان تجربا سدائين هلندا رهندا آهن، ۽ پوري وڇوٽيءَ واريءَ ليڪ وانگر ان جي آمهون سامهون منهنجا نوان احساس، جذبا ۽ زندگيءَ جا تجربا هوندا آهن، ڪائي اهڙي گهڙي ايندي آهي، جڏهن ٻئي ليڪون مُڙي ملي وينديون ۽ نئين شعر جي تخليق ٿيندي آهي!

سوال: تاريخ ۾ مشهور شاعرن جي محبوبائن جو ڪيترو ذڪر آيل آهي، توهان جي به ڪا محبوبه؟

جواب: هن وقت ته فقط هڪ ئي آهي…سنڌ.!

هن ئي انٽرويو ۾ پليجي صاحب، اياز جي تعليم جو احوال لکندي لکيو هڪ نئين ڳالھه لکي آهي، جيڪا مون اڳ ڪٿي به ناهي پڙهي ته :

”اياز مئٽرڪ تائين تعليم شڪارپور ۾ ورتي ۽ ڊي جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان فلسفي ۾ بي.اي ڪئي.“

هيءَ فلسفي جي ڊگريءَ واري ڳالھہ مون لاءِ بلڪل به نئين آهي ۽ هي انٽرويو پڙهي ڪري مون تمام گهڻو ذهني ۽ جسماني سڪون محسوس ڪيو!

نوٽ: هي انٽرويو محترم جامي چانڊيي طرفان ڇپايل پليجي صاحب جيڪتاب ” تخليقي ۽ تنقيدي ادب“ جي ڀاڱي 2 جلد 1 تي 300 صفحن کان 309 تان ورتل آهي!



 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment