شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 21 - جنوري - 2022ع

رياضي سکڻ جي اهميت


شام 05 لڳي 16 منٽ -ڇنڇر 11 ڊسمبر 2021  313 
image-1

مادري زبان لکڻ پڙهڻ کان پوءِ جنھن مضمون سکڻ جي ضرورت پوي  ٿي اھو رياضي (Mathematics) آھي

رياضي جي سکڻ کي درگذر نہ ٿو ڪري سگهجي. ھن مضمون کي ٻين مضمونن جي ماء بہ سڏيو ويندو آهي. مٿيون جملو بہ رياضي جي اهميت تي سوچڻ لاء ھڪ  وڏو دڳ ڏيکاري ٿو. اچو تہ اڄ رياضي جي سکڻ متعلق ڪجھ  ڳالهيون ڪيون.

)الف) رياضي سکڻ  يا سيکارڻ کي ڪجھ ماڻهو راند سمجهن ٿاته ڪجھ وريتمام ڏکيو

اچو ته پھريان ان تي روشني وجهون ته رياضي سکڻ  ۽ سيکارڻ جي اعتبار  کان هڪ  وڌيڪ محنت طلب ڪندڙ مضمون ڇو آهي؟ ڪنهن به مضمون کي سکڻ لاءِ هڪ ٻوليءَ جي ضرورت پوندي آھي ۽ ٻيو ان  ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاحن جي. رياضي سکڻ لاءِ ٻوليءَ ۽ اصطلاحات سان گڏوگڏ وڌيڪ پنجن ٻين شين جي به ضرورت پوندي آهي.

. 1حساب کي رياضي جي ٻولي ۾ تبديل ڪرڻ يا رياضي جي ٻولي کي حسابي شڪل ڏيڻ.

  .2رياضي جي ٻوليءَ ۾ ڏنل حسابن کي حل ڪرڻ جي اصولن جو اچڻ.

 .3حسابن کي حل ڪرڻ وارن اصولن جي پس منظر background جيڄاڻ رکڻ.

 .4مڪمل توجهه

 .5حساب جي شڪل geometrical meaning ٺاهي ان کي سمجهڻ

ٻين مضمونن ۾ جن ۾ رياضي جو استعمال نه آهي انهن ۾ مٿين پنج شين جي ضرورت ناهي پوندي. سماجي مضمون دوران جيڪڏهن شاگرد کي پنج منٽ ننڊ به اچي وئي ته به اهو شاگرد پاڻ پڙهي يا ٻين کان پڇي وٺندو. پر رياضي جي سبق دوران جيڪڏهن شاگرد ھڪ قدم به پوئتي رهجي ويو ته ان کي سڄو حساب سمجھ ۾ نه ايندو

رياضي سيکارڻ لاءِ ضروري آھي ته استاد کي نه صرف سٺي طرح رياضي اچي پر ان سان گڏوگڏ رياضي پڙهائڻ ۽ رياضي سکڻ ۽ سيکارڻ دوران شاگردن کي ايندڙ مسئلن کان اڳ ۾ ئي آگاھ ھجي، نه ته اهو استاد ٻارن جو رياضي سکڻ تان روح ئي کڻائي ڇڏيندو. ان جو مثال ائين آهي جيئن  ڪنهن مريض کي غلط  ڊاڪٽر کي ڏيکاري هٿ سان بيماري کي گنجرائڻ. ياد رهي ته هر رياضي ۾ MSc يا BS ڪرڻ وارو رياضي جو سٺو استاد نه ٿو ٿي سگهي. کوجنا مطابق، ستن سالن کان سورنهن سالن جي ٻار جي توجهه ڏيڻ واري صلاحيت پنج کان ست منٽ تائين آهي

ڪجهه استاد يا شاگرد جي واتان اهو به ٻڌڻ ۾ ايندو آهي تهMath is a game   جڏهن انهن کان ان جملي جي وضاحت پڇندا ته اهي توهان جو ڌيان "رياضي جي ٻوليءَ ۾ ڏنل حسابن کي حل ڪرڻ جي اصولن جي اچڻ“calculations" جي طرف ڇڪرائيندا. پر جيڪڏهن ڪو عام زندگي سان وابسته انھن کان رياضي جو سوال پڇندا ته پيا ڀونڻاٽيون کائيندا، ۽ توهان کي چوندا ته سائين ڪا هنٽ hint ڏيو يا اهڙو حساب سيکاريو. دراصل صرف calculation جي اچڻ جو مطلب آهي ته توهان کي رياضي جا ڪجھ اوزار tools اچن ٿا، پر رياضي ڪون ٿي اچي

)ب) رياضي سکجي ۽ سيکارجي ڪيئن؟ 

رياضي جي ڪنهن به موضوع topic کي سکڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان ان جي وصف سکون،  ائين ڪرڻ سان ان موضوع ۾ استعمال ٿيندڙ رياضي جي ٻوليءَ کي به سکڻ جو موقعو ملندو. دراصل حسابن کي سکڻ جا اوزار tools به وصف مان ئي درڪار ٿيندا، ائين ڪرڻ سان شاگرد ان موضوع جو اصل تصورconceptسکندو. جڏهن شاگرد کي ان  موضوع تي عبور اچي ويندو ته هو پوءِ پاڻ ئي اهڙن حسابن جاshortcut ڳولهي وجهندو

جيڪڏهن استاد موضوع جي شروعات ئي حساب سيکارڻ سان ڪئي ته پو اهو شاگرد لاءِ ڪارائتو طريقو نه رهندو. ان سان شاگرد کي تمام گهڻي مشق صرف  tools  ياد رکڻ لاءِ ڪرڻي پوندي. جنهن کي توهان انگن اکرن جو رٽو چئي سگهو ٿا. استادن کي گهرجي ته شاگردن کي رياضي جو ڪتاب پاڻ پڙهڻ ۽ان کي سمجهڻ جون صلاحيتون سيکارڻ تي توجھ پڻ ڏين

رياضيء جي بنيادي اصولن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاء وزٽ ڪندا رهو اسان جو يوٽيوب چينل جنهن جي لنڪ هيٺ ڏجي ٿي:

https://www.youtube.com/channel/UCMFwgnaxv2VhjB9NQ-mcBgw

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment