شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 28 - نومبر - 2021ع

عزيز الله ٻوهيو- پهريون سنڌي متڪلم


شام 02 لڳي 46 منٽ -اڱارو 02 نومبر 2021  129 
image-1

 

هن جي ۽ منهنجي مڪتبِ فڪر ۾ وڏي وڇوٽي هئي پر هن سان ياريءَ  ۾ وار سريکو فاصلو به نه هو. ياد ناهي ته سنڌ جي مندرن جو پرساد ۽ آشرمن ۾ ماني کائيندڙ هن “مولوي” سان ڪڏهن سنگت ٿي، ڪٿي پهرين ملاقات ٿي؟ پر جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته فون ڪندو هو

“عزيز الله ٻوهيو پيو ڳالهاليان. توهان الائي ڪٿي آهيو؟ آئون گاڏي کاتي ۾ آهيان، جيڪڏهن گهر هجو ته ڪچهري ڪريون.”

سائين ڪجهه دير ۾ ان هڙ سميت پهچي ويندو هو جنهن ۾ هن جون تحريرون، پمفليٽ، چوپڙيون ڪتابچا ۽ ڪتاب هوندا هئا. ڪتابن جي ڇپائي هن جي اردو ۽ مزاج جيان انتهائي سادي رهندي هئي. گھر جي ڪمري ۾ ڪچهري ڪندي وقت گذري ويندو هو. وري روانو ٿيندو هو ڀٽائي ننگر ۾ سندس دوست وٽ، جتي هو مسجد ۾ وڃي رهندو هو. ڪڏهن سائين ڪاليج ۾ اچي لئبريري ۾ ڪچهري ڪندي پنهنجي نقطه نظر ۽ ڳالهين سان مون واري سنگت جي ڪنن مان دونهان ڪڍائي ڇڏيندو هو. ڪي دوست هن جي خيالن جا عاشق به ٿي ويا. ڪئين ڀيرا هو ڪراچي، حيدرآباد يا ڳوٺان نمبر ڊائل ڪيو هوندو. ملڻ لا چوندو هو ته

“مان توهان کي ڪال ڪئي هئي پر نمبر بند هو، مان سمجهي ويس ته توهان ٻاهر آهيو.”

ڪفر جي پٺارڪ ۽ موت جون ڌمڪيون کڻي هلندڙ عزيز الله ٻوهئي نه پنهنجي نالي سان ملان، مولوي، لڳايو نه علامه، نه بلبل مدينه، حجازي مڪي... جهڙا رعبدار لقب لڳايا. هو

مون کي ڪڏهن اقرار ۽ انڪار جي وچ تي بيٺل نظر آيو ته ڪڏھن انهن کي به اورانگھي پريان بيٺل نظر آيو..

“الله اوراهون ڇڏي پرانهون پنڌ پيا”

هن جو جيڪو به نقطه نظر هو ان جو محور سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو هئا. هن جي مذهب طرف عقلي ائپروچ ۽ تشريح کي ڏسندي آئون کيس هڪ متڪلم ئي چئي سگهان ٿو. نه فقط متڪلم پر مذهبي مسئلن کي عقل جي دائري ۾ آڻي سمجهڻ ۽ سمجهائيندڙ عزيز الله ٻوهيو کي آئون پهريون سنڌي متڪلم سمجهان ٿو.

مسلم دنيا ۾ ڪنهن به متڪلم جون نه ڳالهيون برداشت ٿيون آهن نه ٿي سگهنديون. عقل ۽ اجتهاد جو دروازو جيئن بند ٿيو تيئن قيامت تائين ناهي کلڻو. ان ڪري ئي شايد ابو اسحاق الڪندي چيو هو ته مذهب جو جوهر سمجھڻ فلسفين جو ڪم آهي، باقي خلق کي روايتي عبادتن، خرافات ۽ بدعتن لاءِ ڇڏي ڏيو اها اهو ئي ڪندي رهندي.

ٻوهيو صاحب جي لٽريچر کي پڙهي ڪيترا ماڻهو هن جي مذهبي لٽريچر کي وڌيڪ پڙهڻ کان توبهن تائب ٿي ويا ته ڪيترا پنهنجي “راه” تان توبهن تائب ٿي ويا... پنجاب ۾ ٻوهيو صاحب جا پڙهندڙ ۽ هن جا فالوورس مون کي مليا.

حيدرآباد ۾ منهنجو گهر هجي يا ڪاليج، منهنجون ساڻس سڀ يادگار ڪچهريون رهيون. پر ٿر ۽ ننگر جو ٽوئر وڌيڪ يادگار هو. ان ٽوئر ۾ مون وارو ڀاڻيجو اشرف ڪنڀار ۽ ويرجي ڪولهي به گڏ هئا. اسان رات ننگر جي ڪنهن ريسٽ هائوس ۾ ڪٽي ۽ اتي سائين ٻوهئي صاحب جيڪي انڪشاف ڪيا تن اسان کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. ڪي انڪشاف ته مون سندس اجازت سان رڪارڊ به ڪيا. اسان جي رات دير تائين “محفل” هلندي رهي. صبح جو اسان چوڙيو مندر پهتاسين.

ٻوهئي صاحب کي روايتي ملائيت کان چڙ هوندي هئي. اها ڪاوڙ هن جي تحريرن ۾ به چٽي نظر اچي ٿي. سعودي عرب جي حڪمرانن ته نوي سيڪڙو حديث جو هاڻ انڪار ڪيو آهي پر ٻوهئي صاحب شروع کان ئي دفتر حديث جو مولانا عبداللہ چڪڙالوي، علامه غلام احمد پرويز جيان قائل ئي نه هو ۽ ان لاءِ هن وٽ دليل به هئا. ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون هن ذاتي ڪچهرين ۾ شيئر ڪيون، جيڪي هن چيو ته ڪنهن سان به منهنجي زندگيءَ  ۾ ظاهر نه ڪجو ۽ سواءِ هڪ ٻن ڳالهين جيڪي هتي لکي نٿيون سگهجن.

سوڍي ستي لوءِ ڪا جا مون سان ڳالھه ڪئي

سا جي پڌر پوئي ته سرتيون ڪانه سمهي

اسان گهر ٻنپهرن جي ماني پئي کاڌي ماني کائيندي بابا کانئس کلندي پڇيو ته:

“عزيز الله صاحب! مون توهان جو لٽريچر پڙهيو آهي، اوهان ته روايتي نماز، حج، زڪوات مان ماڻهن جي جند ڇڏايو بيٺا آهيو. باقي ته روزو ٿو بچي ان جو ڇا ٿا ڪريو؟”

عزيز الله صاحب هٿ ۾ گرهه روڪيندي چيو ته:

“سائين! روزي جو به مون بندوبست ڪري ڇڏيو آهي...روزو غريب مسلمان تي فرض آهي ئي ڪونه. هن جي ته زندگي ئي روزي ۾ آهي، روزو اميرن ۽ بيوروڪريٽن تي آهي. ڪفاري جي صورت ۾ ڏوهارين ۽ خطا ڪارن تي آهي ۽ رمضان جو مهينو رياست يا ملڪ ۾ ڪلوزنگ جو مهينو آهي. جنهن ۾ صبح کان شام تائين آفيسن ۾ ويهي اسٽاف کي ماني ترڪ ڪري ڪم ڪرڻو آهي. وغيره وغيره.” بابا ۽ آئون کلي پياسين.پر اهو موقف ۽ تشريح هن سنجيدگي ۽ دليريءَ  سان پنهنجن ڪتابن ۾ ورجائي آهي.

اسان شام تائين اتي هئاسين سج لهي چڪو هو. اسان پيادل عبدالله ٽائون کان نڪتاسون. چيائين ته “خبر ئي ڪانه پئي اونداهه ٿي وئي مون کي ڀٽائي ننگر وڃڻو آهي.”

مون مذاق ۾ چيو ته “سائين اوهان جون ڳالهيون ئي اهڙيون جو پاڻ لاءِ اونداهه ۾ هلڻ ضروري آهي نه ڏينهن جو ماڻهو توهان سان گڏ منهنجو نه ڪٿي مٿو کڻن.”

بوهيو صاحب کڻي عبيد الله سنڌي صاحب جو پوئلڳ هو پر هو ڪٿي ڪٿي ان سان به اختلاف ڪري ويندو هو. جيئن سنڌي صاحب ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ شاهه ولي الله کي مارڪس جو متبادل ڪري پيش ڪيو. پر عزيز الله ٻوهيو، شاهه ولي الله جي خيالن سان سخت اختلاف رکندي هن کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏيندو هو. خاص طور شاهه صاحب طرفان قصاص ۽ ديت جي مسئلي تي غير مسلم کي فساد في الارض قرار ڏئي اڌ ديت ادا ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون يا سندس طرفان هندستان تي احمد شاهه کي حملي جي دعوت ڏيڻ وغيره. هو انهن تي ڳالهائيندو رهندو ۽ سندس چوڻ هو ته شاه صاحب هندستان ۾ مذهبي سخت گيري جو بڻياد وجهندڙ ۽ مسلم شناخت جي نالي ۾ هندستان جي سرزمين کي مسلمانن لاءِ اجنبي بڻائڻ جو ذميوار هو. وغيره وغيره..

عزيز الله صاحب جي ڪم جي اسپيڊ تمام تيز هئي، سدائين ڇپائيءَ  جي ڪم پويان ڪڏهن حيدرآباد ته ڪڏهن ڪراچيءَ  جا چڪر هوندا هئس. ان کانپوءِ هو سوشل ميڊيا تي آيو يو ٽيوب تي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيائين. پر اهو ٿورو عرصو ئي ثابت ٿيو.

آگسٽ ۾ هن جي خراب طبيعت جو ٻڌي مون فون تي طبيعت پڇي. هتي پهتس ته سندس هميشه جيان ڪال 23 سيپٽمبر آئي ۽ چيائين ته آئون سڀاڻي ڪاليج ايندس. مون سندس انتظار ڪيو. اها عزيز الله صاحب جي آخري ڪال هئي ۽ هو ڪاليج اچڻ بدران اڄ ٻاهر ٻاهرو ئي هليو ويو.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment