شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

سومر - 25 - آڪٽوبر - 2021ع

ٻه ڪتاب-ڪئين ڳالهيون


شام 07 لڳي 10 منٽ -آچر 03 آڪٽوبر 2021  150 
image-1

 

دنيا جي ڪنهن به ٻولي جي ادب ۾ ترجمو وڏي اهميت رکي ٿو، ان سان هڪ ته ان ٻوليءَ جي ادبي ذخيري ۾ اضافو ٿئي ٿو، ٻيو ان سان دنيا جي مخلتف ٻولين جي شاهڪار ادب کي مقامي پڙهندڙن سان متعارف ڪرائي سگهجي ٿو، ان حوالي سان  نوجوان ڪهاڻيڪار، ڪالمنگار، ناول نگار اخترحفيظ ٻه ڪتاب ناوليٽ ”روءُ نه ٻچڙا“ ۽ تاريخي ڪتاب ”ٻي عالمي جنگ جي مختصر ڪهاڻي“ سنڌي ۾ ترجمو ڪيا آهن.

اختر حفيظ منهنجي خيال ۾ ان حوالي سان منفرد ليکڪ آهي جو هو زبردستي نه ٿو لکي. ڪتابن جو انگ وڌائڻ لاءِ نه ٿو لکي، لکڻ سندس شوق آهي ته ان ۾ به مقصديت آهي. هن جا تخليقي ڪتاب ناول “ڪووڊ 19”، ڪهاڻين جا مجموعا “برسات کان پوءِ”، “ٽيهه منٽ”، مضونن جو ڪتاب “سنڌي ادب ۽ سماج”، سندس مخلتف بلاگس ۽ سندس ترجمو ڪيل ڪتاب جڏهن تون کلين ٿي (نزار قباني جي شاعري) تازو آيل هي ٻئي ڪتاب روءُ نه ٻچڙا ۽ ٻي عالمي جنگ جي مختصر ڪهاڻي پڙهجن ٿا ته لڳي ٿو ته اها اختر جي شعوري ڪوشش آهي ته هو اهوئي لکي يا ترجمو ڪري جنهن لاءِ هو اهو سمجهي ٿو ته ڪهڙو ادب اسان جي سماج لاءِ ضروري آهي. هو تخليقن توڙي ترجمن جي حوالي سان ڪافي Selective  آهي.

هي تازو آيل ٻئي ڪتاب جيڪڏهن اسان سنڌ جي Context ۾ ڏسنداسين ته اهي ڪيتري قدر اسان کي پاڻ سان لاڳاپيل محسوس ٿين ٿا. اهي يقينن جن ڪتاب پڙهيا هوندا اهي سمجهي ويا هوندا. Lessons of second world war کي ٻي عالمي جنگ جي مختصر ڪهاڻي ڪري سنڌي پڙهندڙن سان متعارف ڪرائڻ ان حوالي سان انتهائي اهم ۽ سٺي ڪوشش آهي ته اها جنگ عالمي سطح تي سموري دنيا جي تاريخ کي نئون موڙ ڏيندڙ جنگ هئي. سياسي ڪارڪن، سياسي موضوعن ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهو يا تاريخ جي شاگردن لاءِ هي موضوع نه رڳو اهم آهي پر دلچسپيءَ جو سبب به آهي. دنيا ۾ نوان سياسي بلاڪ ٺهڻ، سماجي ۽ معاشي اٿل پٿل جو سبب بڻيل هي جنگ جنهن ۾ لکين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، ان کي موجوده وقت جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ عسڪري حالتن سان ڀيٽ ڪرڻ لاءِ هي اهم ڪتاب آهي. جيڪو ضرور سياسي ڪارڪنن جي اسٽڊي سرڪلس جو حصو ٿيڻ کپي.

روءُ نه ٻچڙا آفريقي اديب گُگي واٿنگيو جي ناوليٽ Weep not Child جو ترجمو آهي، جنهن جي عنوان مان ئي لڳي ٿو هي دکدائڪ ڪهاڻي آهي. ڪالونيل ازم جو شڪار ٿيل آفريقي ملڪ جي عام ماڻهن جي ڪهاڻي، جنهن جي شروعات ئي هڪ اهم سوال سان ٿيل آهي، ان سوال تي جيڪڏهن غور ڪجي ٿو ته اهو خود اسان سنڌين لاءِ به ڪيترو اهم سوال آهي. شايد اسان جو ايندڙ نسل اهو سوال اسان کان ضرور پڇندو ته اسان جي زمين ڪيڏانهن ويئي؟ اسان جي زمين انگريزن پنهنجي وفادارن ۽ اصلوڪن ماڻهن کي ڪچلڻ لاءِ الائي ڪٿان ڪٿان کان آڻي انهن کي هتي آباد ڪري انهن جي حوالي ڪري ڇڏي، ان کان پوءِ انگريز جي ئي باقيات مسلسل ان زمين کي اصل ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ وڌيڪ سوڙهو ڪندي پئي وڃي. اسان جي زمين ڇانوڻين، بحريه فائونڊيشن جي حوالي ٿي ويئي، اسان جي زمين ملڪ جي وڏن ادارن جي ريٽائر ٿيل ماڻهن ۾ انعام ۽ اڪرام طور ورهائي پئي وڃي، جي بي گهر ۽ بي زمين ٿئي پيو ته اهو اصلوڪو ڌرتي ڌڻي ئي آهي.

ناول ۾ ڳورن جو اچي ڌرتي ڦٻائڻ سنڌ ۽ ڪينيا جو ساڳيو قصو آهي. غريب جي ٻار جو تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائون، يا اهو اٿاريل سوال ته اسان لاءِ زمين وڌيڪ اهم آهي يا تعليم؟ طبقاتي فرق، پنهنجي ڌرتيءَ تي ڌاريو سمجهيو ويندڙ، حقن گهرڻ جي کنڀيو ۽ ماريو وڃڻ، ڌارين جي رحم ڪرم تي زندگي گذاريندڙ اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جو درد هن ناول جي هر سٽ ۾ سمايل آهي. زميني آزادي سان گڏ تعليم ذريعي ذهني آزاديءَ جو پرچار به سهڻي نموني ٿيل آهي، جنهن جو سهرو يقينن ناول جي ليکڪ گگي واٿنگيو ڏانهن وڃي ٿو، جنهن پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن جي مسئلن کي ان خوبصورت احساسن سان بيان ڪيو آهي جو دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ رهندڙ ماڻهو ان درد کي محسوس ڪري سگهي ٿو.

گگي واٿنگيو هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته آئون هڪڙي زبان جو ويڙهاڪ آهيان، آئون دنيا جي انهن سڀني ماڻهن ۾ شامل ٿيل چاهيان ٿو، جيڪي پوئتي پيل ٻولين لاءِ وڙهي رهيا آهن، اسان تڪليفن کي منهن ڏيئي سگهڻ لاءِ تڪليفن جي باري ۾ لکون ٿا، اسان انسانن جي ٻين انسانن جي زخمن تي مرهم رکڻ ۾ مدد ڪرڻ چاهيون ٿا.

جڏهن گگي واٿنگيو کان پڇيو ويو ته ڪو نئون پڙهندڙ اوهان جي تحريرن کي پڙهڻ چاهي ته ڪٿان شروع ڪري ته هن ”جنگ جي وقت جا خواب“ ۽ ”روءُ نه ٻچڙا“ جو نالو کنيو. سو اختر حفيظ گگي واٿنگيو جي ان خواهش جو پورائو ڪيو آهي ته اهڙي زبان ۾ سندس ترجمو ڪيو آهي جيڪا پاڻ حملا آورن جي لتاڙ جو شڪار آهي.

اختر حفيظ جي ترجمي لاءِ ڪيل ڪتابن جي جيتري چونڊ بهترين آهي، اوترو ئي سندس ترجما به شاندار آهن. مون جڏهن سندس اڳ ترجمو ڪيل ڪتاب ”جڏهن تو کلين ٿي“ پڙهيو هيو ته شاعريءَ جو ڪتاب هوندي به ان ۾ ڀرپور رواني محسوس ٿي هئي. ساڳي ريت هنن ڪتابن ۾ به ٻوليءَ جي رواني، جملن جي بيهڪ ائين آهي جو محسوس نه ٿو ٿئي ته هي ڪو ترجمو ٿيل آهن، ائين ٿو لڳي اصلوڪي ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. آئون اهڙين شاندار تحريرن کي ترجمو ڪرڻ ۽ گگي واٿنگيو جهڙي ليکڪ کي اسان سان متعارف ڪرائڻ تي اختر حفيظ کي مبارڪباد ڏيان ٿو. ان اميد سان ته سندس قلم جي رواني ائين برقرار رهندي ۽ اسان اهڙي ريت  معياري ادب مان لطف اندوز ٿيندا رهنداسين.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment