شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

سومر - 25 - آڪٽوبر - 2021ع

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو شاندار تاريخي فيصلو


شام 02 لڳي 12 منٽ -خميس 23 Sep 2021  383 
image-1

 


سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مانوارن انصاف پسند ججن 9 جون 2021ع تي بحريه ٽائون ٻاهران سپر هاءِ وي تي ٿيل قومپرست تنظيمن جي اتحاد پاران پرامن احتجاج خلاف سنڌ پوليس جي داخل ڪيل 32 ڪيسن مان 27 ڪيسن کي ڪوڙو قرار ڏيئي خارج ڪري ڇڏيو آهي. اڱاري تي سنڌ جي سڀ کان وڏي عدالت آڏو پنهنجو ڏوهه پوليس آفيسرن باسي ورتو ته اهي 27 ڪيس اسان پاڻ "سي ڪلاس" ۾ وجهي ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن. جنهن ڏينهن جلال محمود شاهه صاحب جي  اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ والار خلاف سپر هاءِ وي تي سنڌي ماڻهن جو هيءُ ميڙاڪو ٿيو هو، ان ڏينهن آئون پاڻ سڄو ڏينهن احتجاجي گڏجاڻيءَ ۾ موجود هئس. پنهنجي ڪالم ۾ اکين ڏٺو احوال ٻئي يا ٽئين ڏينهن لکي ڇڏيو هئم، جنهن جو تت هيءُ هو ته ڪاٺوڙ ۾ گبولن ۽ جوکين جا صديون پراڻا ڳوٺ ڊاهڻ واري هن ظالماڻي واردات سڄي سنڌ جي جوانن توڙي ٻڍڙن جو رت ٽهڪائي ڇڏيو هو. مرحوم فيض محمد گبول جي پٽن سنڌ پوليس توڙي خانگي گارڊن خلاف ٻارين ٻچين جيڪا مزاحمت ڪئي هئي، ان جي ويڊيو هفتو ڏيڍ اڳ وائرل ٿي ۽ نتيجي طور سنڌ جي غيرتمند قومپرست اڳواڻن گڏجي اهو اعلان ڪيو ته 9 جون تي سنڌ ڌرتيءَ جي ناجائز والار خلاف احتجاجي ميڙ ڪنداسين ته جيئن ڳوٺاڻن سان پوليس توڙي خانگي وردي وارن جو ظلم بند ڪرائڻ لاءِ آواز اٿاريون. سلام آهي سنڌ جي انهن سپوتن کي جن هيءُ شاندار ميڙاڪو ڪري اسان جي وطن دشمن ڌرين کي اهو نياپو ڏيئي ڇڏيو ته سنڌي قوم هاڻي سجاڳ ٿي چڪي آهي ۽ پنهنجي وطن جو انچ انچ بچائڻ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ واسطي سنڌ جا جوان تيار آهن.

يقين ڪريو ته هن احتجاجي مظاهري مون جهڙن ستر سالن جي جهونن جو ضمير به جنجهوڙي ڇڏيو. هن هڪڙي شاندار ميڙاڪي پڌرو ڪري ڇڏيو ته ڪير پنهنجي وطن سان سچو آهي ۽ ڪير نمائشي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اصل حقيقت آئون پنهنجي ايندڙ ڪتاب ۾ ئي لکي سگهان ٿو، ڇاڪاڻ ته اخبارن ۾ اهو ممڪن ئي ناهي. پر اها سچائي ظاهر ضرور ڪندس. بهرحال 9 جون تي جڏهن اڃا قومپرست پارٽين جا اڳواڻ جلسي گاهه ۾ ڪونه پهتا هئا ته سنڌ ويزن نالي قومي درد رکندڙ پڙهيل ڳڙهيل دوستن جي تنظيم جو اڳواڻ ۽ پنهنجو 40 سال پراڻو سنگتي ۽ هم خيال ساٿي مير مظهر ٽالپر مون کي اوچتو ڏسڻ ۾ آيو. آئون خوشيءَ وچان وڃي کيس ڳراٽڙي پائي مليس، مير مظهر چيو ته، "اچ ادا دستگير، هن فوٽ پاٿ تي ويهي ٿا ڪچهريون ڪريون." اسان جي ڳالهه ٻولهه هلندڙ هئي ته اسٽيج تي بيٺل ڪجهه دوستن اوچتو اهو اعلان ڪيو ته ڪجهه نوجوان جيڪڏهن اسان جو ساٿ ڏيڻ آيا آهن ته مهرباني ڪري وڳوڙ ۽ فساد کان پاسو ڪن. اهو اعلان خود سنڌ قومي اتحاد جي سرواڻ جلال محمود شاهه به گهڻا ئي ڀيرا ڪيو. اسان کي دونهين جي ڌپ آئي ۽ آئون فوٽ پاٿ تان اٿي بيٺس ته ڏسان ته هيءُ ڪهڙو ٻڙڌڪ آهي ۽ ڪير ٿو ٻاري! اسين جنهن مٿانهين هنڌ تي ويٺل هئاسين اهو ملير نديءَ تي ٺاهيل پل جو حصو هو.

دونهين جي ڌپ ۽ ڪاربان اسان جي اکين ۽ نڪ کي ساڙي ڇڏيو ۽ فوٽ پاٿ تان اٿي پرڀرا ٿياسين ته جيئن اسٽيج تي ويٺل اڳواڻن جون تقريرون ٻڌي سگهجن. ايتري ۾ اوچتو سنڌ پوليس جي هٿياربند لشڪر ڪاهه ڪئي ۽ پنهنجي نڪ تي رومال رکي ويٺل قومي ڪارڪن تي ڳوڙها گيس جا شيل ۽ لٺين جو وسڪارو لاهي ڏنائون. اسان ته لٺين کان بچڻ لاءِ تڙ تڪڙ ۾ ڊوڙ پائي ڪراچي شهر پاسي ڀڳاسين ته اوچتو ڏٺم ته عوامي آواز اخبار جو اڳوڻو ايڊيٽر ڊاڪٽر ايوب شيخ سامهون اچي پيو.

هيءَ نهايت ڏکوئيندڙ ظالماڻي حرڪت ڪنهن ڪرائي، ان کي سنڌ جا ماڻهو پاڻ سمجهي سگهن ٿا ته سنڌين جي سوين سال قديم ڳوٺن مان لڏپلاڻ ڪير پيو ڪرائي ۽ ان جو ڪهڙو مفاد آهي. آئون هن ڪالم ذريعي پنهنجي پراڻي دوست آغا نذر محمد پٺاڻ جي فرزند ۽ فيصلو ڪندڙ هاءِ ڪورٽ بينچ جي سربراهه آغا ڪريم خان پٺاڻ کي جس ڏيندي سندس واقفيت نئين ٽهيءَ سان ڪرائڻ ضروري ٿو سمجهان. جنهن جو ڀاءُ  آغا سيف الدين شهيد بينظير ڀٽو جي دور ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس هو. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جڏهن اقتدار ۾ آيو ته لاڙڪاڻي وارن کان وڌيڪ خوشي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جهڙن انهن شهرن جي ماڻهن کي ٿي هئي، جن پنهنجي اکين سان هندو سنڌين جي گهرن هيٺان چوچڙيون دکائي باهيون ڏيندڙ پناهگير دهشتگردن کي 1947ع کان 1965ع تائين ڏٺو هو. منهنجي اسي ورهين جي ڏاڏي چوندي هئي ته، "ابا، هيءَ ڏاڍي ڪني قوم آهي!". تڏهن منهنجي عمر ڏهه ٻارهن سال مس هئي. پر پنهنجن ڪلاس فيلو خاص ڪري اوڙي پاڙي ۾ رهندڙ هندو سنڌين کي اسڪول ۾ هفتا ۽ مهينا ايندي نه ڏسندو هئس ۽ سندن محل جهڙن گهرن ۾ ڀارت مان لڏي آيلن کي رهندي ڏسندو هئس ته اکين مان ڳوڙها ڳڙي پوندا هئا. اسان ننڍپڻ ۾ انهن گهرن جي ويڪرن ۽ ڪشادن اڱڻن تي بيٽ بال (ڪرڪيٽ) کيڏندا هئاسين. خير، اچو ته   نئين ٽهيءَ کي سنڌ جي اڍائي سئو قومي ڪارڪنن خلاف ڪيس خارج ڪندڙ بهادر ۽ معتبر جج آغا ڪريم خان جي باري ۾ تاريخ ٻڌايان، جيڪو نذر علي پٺاڻ جي برطانيه واري زال مان پيدا ٿيو. اصل ڳوٺ ۽ هاڻي شهر ڪوٽ سلطان جيڪو ڳڙهي ياسين کي ويجهو هئڻ ڪري تعليم ۾ اڳڀرو هو. شڪارپور ضلعو ته ايترو ايڊوانس هو جو ڪراچيءَ ۾ نه رڳو هندو پر مسلمان به پنهنجي شهر جي نالي سان شڪارپور ڪالوني اڏي ويٺل هئا ۽ اڄ تائين سندن پونئير ويٺل آهن. آغا ڪريم خان جڏهن اڱاري تي بحريه ٽائون وارو ڪيس هلائيندي سنڌ جي سرڪاري وڪيل کان سوال ڪيو ته هنن ڏوهارين جي ڏوهه جا ثبوت ڪٿي آهن؟ جواب ۾ پراسيڪيوٽر جنرل فياض شاهه وراڻيو ته 32 ڪيسن مان 27 ڪيس ته اسان "سي ڪلاس" ۾ وجهي ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن. جج صاحب چيو ته اها رپورٽ ڪٿي آهي، ان تي پراسيڪيوٽر هيڏانهن هوڏانهن نهاري منٿ ميڙ ڪرڻ لڳو ته اسان کي مهلت ڏيو ته ايندڙ تاريخ تي اها رپورٽ پيش ڪريون! يقين ڪريو ته سنڌ حڪومت لاءِ هيءَ آزمائش ايڏي ته ڀوائتي ثابت ٿي سگهي ٿي، جنهن جو حڪمران سوچي به نه ٿا سگهن.

سچي ڳالهه ته وطن سان محبت ڪندڙ ڪروڙين سنڌي ماڻهن اڱاري تي ان مهل سک جو ساهه کنيو، جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي معتبر جج صاحبن بحريه ٽائون ٻاهران 9 جون 2021ع تي ٿيل سنڌ قومي اتحاد جي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ سوين بيگناهه ماڻهن خلاف داخل ٿيل 32 ڪيسن منجهان 27 ڪيسن کي رد ڪري ٻاهر اڇلائي ڇڏيو. بي گناهه گرفتار ڪري جيلن ۾ واڙيل نوجوانن جا بنا ڪنهن معاوضي جي ڪيس وڙهڻ ۽ کين جلد کان جلد ڇڏائڻ ۾ سوڀ ماڻڻ تي آئون سنڌ جي محب وطن وڪيل برادريءَ خاص ڪري سجاد چانڊيو، عبدالخالق جوڻيجو، اسد الله شاهه راشدي، محمد خان شيخ ۽ سندن ساٿين کي مبارڪون ڏيان ٿو، جن ساڍا ٽي مهينا لڳاتار ڏينهن رات پاڻ پتوڙي شروع ۾ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن جون گرفتاريءَ کان اڳ ضمانتون منظور ڪرايون، ان کانپوءِ اهڙن بي پهچ ۽ بي سهارا غريب ڪارڪنن جي واهر ڪيائون جن ۾ اسي سالن جا ٻڍڙا به شامل هئا. سنڌ پوليس انهن ڪارڪنن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين لاڪپ توڙي جيلن ۾ اذيتون ڏنيون. جيئن ته 9 جون واري احتجاجي ميڙاڪي ۾ آئون پاڻ سڄو وقت موجود هئس ۽ اکين سان سپر هاءِ وي تي دوستن سان گڏجي ڏٺم ته پتلون ۽ ٽي شرٽ پاتل ڪجهه شهري دهشتگرد پنهنجي منهن تي ٻوٿاڙا چاڙهي، هاءِ وي کان ويجهي هڪ عمارت هيٺ بند پيل دوڪانن اندر ڪيميڪل هاري باهيون ڏيندا رهيا. انهن مان ڪجهه تخريبڪارن مين گيٽ کي به هڪ اهڙي ڪيميڪل سان ساڙيو جو انهيءَ مان نڪتل دونهون منٽن اندر آسمان سان وڃي لڳو. سپر هاءِ وي تي سفر ڪندڙ ماڻهن دونهون ڏسي، پري پري تائين پنهنجي گاڏين کي روڪي ورتو. ظاهر آهي ته هنن اهو سمجهيو هوندو ته وڏو ڪو فساد ٿيو آهي ۽ ممڻ متو آهي، جنهن کان ڪوهين ڏور رهڻ ۾ ئي پنهنجي خير سلامتي سمجهيائون. اسٽيج تان سيد جلال محمود شاهه ۽ ٻين تنظيمن جا اڳواڻ بار بار اهو اعلان ڪندا رهيا ته سنڌي نوجوانن کي هن سازش ۾ شريڪ ٿيڻ کان بچڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهو سڄو ناٽڪ اڄوڪي ڪامياب احتجاجي گڏجاڻيءَ کي ناڪام ڪرڻ خاطر رچايو ويو آهي. جنهن جو ثبوت هٿياربند پوليس جي ماٺ آهي، جيڪا اصل ڏوهارين تي لٺيون وسائڻ بدران جلسي ۾ پرامن طريقي سان ويٺل ڪارڪنن تي تشدد ڪري، کين راگناهه گرفتار ڪري پيئي. اڱاري تي اڍائي مهينن کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ انهيءَ سچ کي نروار ڪري ڇڏيو ته جيلن ۾ واڙيل ڪارڪنن تي ڪوڙا الزام هڻي مقدما داخل ڪيا ويا. اڃا تائين لاڳاپيل حد جي پوليس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان اها رپورٽ به لڪائي ويٺي آهي ته انهن 32 ڪيسن مان 27 ڪوڙا ڪيس پوليس آفيسرن پاڻ ختم ڪري ڇڏيا آهن. اها آهي سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ پوليس جي لاقانونيت جنهن سبب گرفتار ٿيل جوانن جا غريب مٽ مائٽ ۽ مائرون ڀينرون گذريل اڍائي مهينا ملير ڪورٽ کان هاءِ ڪورٽ ۽ گڏاپ ٿاڻي کان جيلن تائين در بدر ٿينديون رهيون.

 

 

 

 

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment