شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

سومر - 25 - آڪٽوبر - 2021ع

جڳ سڄو جوڊاس جو,عيسيٰ جو ڇاھي؟


شام 04 لڳي 10 منٽ -اربع 15 Sep 2021  105 

سنڌ جي تاريخ شاندار ۽ ترقي پسند رھي آھي. سنڌو ماٿري دنيا جي اوئلي تھذيبن مان سڀ کان وڌيڪ تھذيب يافتا ۽ پرامن رھي آھي. ماضي ۾ دنيا جي ڪيترن ئي تھذيبن سان واپار جي ڏيتي ليتي ڪرڻ جي ڪري انڊس سولائيزيشن جا ماڻھو ذھني طور وسيع القلب ۽ وسيع العلم به رھيا آھن جنھن ڪري ھو پختي ۽ پرامن تھذيب جو بنياد رکي سگھيا. ٻاھرين دنيا سان وڻج واپار, اٿويھ , خيالي ڏي وٺ ۽ موسمي ڪرمنوازيءَ سندس شخصي ۽ مجموعي نفسيات کي Tolerant & Inclusive بڻائي ڇڏيو. واديءِ مھراڻ جي تھڏوڪي چمڪ ڌمڪ ،علمي چس ۽ بقاباهمي  وارن آفاقي روين ٻاھرين تھذيبن جي ماڻھن کي ڪافي متوجھ به ڪيو ته ان لاء “ خوبصورت فلسفي لفظ ”چورائڻ تي مجبور به ڪيو. عاجزي ۽ نوڙت واديءِ مھراڻ جي سڃاڻپ بڻجي وئي. اھو ئي سبب آھي جو سنڌ جي ماڻھن ھٿ ۾ ھٿيار کڻي، گھوڙن تي چڙھي ٺپ ٺپ ڪري ٻين  ملڪن تي چڙهايون ۽ حملا نه ڪيا. ۽ نه ئي ٻين حملي آور رھزنن کي ڪو گھڻو وقت سنڌ ۾ برداشت ڪيو آھي.

سنڌ ۾ جيڪو به عاجزي ۽ نوڙت سان آيو ۽ رھيو سو ھتان جو ٿي ويو ۽ جنھن به ڏنڍي جي زور تي سنڌ کي پنھنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تنھن جي عبرت جا نشان تاريخ ۾ پڙھي سگھجن ٿا. ايراني , يوناني, عرب ,افغان ,مغل وغيرھ جا نشان تاريخ ۾ ملن ٿا پر سندن جي طاقت جي باقيات طبعي طور ڳولھيو ڪونه ٿي ملي. ھي سنڌ جي تاريخي تصويري ڪشي ان زماني جي آھي جڏھن سنڌ جا ماڻھو سوچ ويچار ڪندڙ,  ادراڪ ۽ تدبر رکندڙ, انسانيت پسند , ھمدرد ، مهمانواز ،سٻاجھڙا ۽ ڏکي سکي ۾ الله  لوڪ خبر چار لھڻ وارا,سوشلزم جا قائل , قوت برداشت رکڻ وارا ھيا.

اڄ جي ايڪويھين صدي جي سنڌ جا ماڻھو ذھني ۽ نفسياتي طور پس ماندگيءِ جو شڪار آھن. ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪيتريون ئي سھولتون ھوندي به سنڌ مان مجموعي طور چڱائي جا تصور , ھمدردانا رويا، مهمانوازي، انسانيت پسندي, سٻاجھڙوپن ,ڏکي سکي ۾ لوڪ سان بيھڻ , قومي شعور ,فلسفيانا سچايون, مزاحمتي قوت, علمي چاھ موڪلائي ويو آھن. سندن مجموعي نفسيات جو عڪس انھن اَوگُڻن مان آساني سان لڳائي سگھجي ٿو جن گڻن جي جڳھ ورتي آھي يعني پئسي پرستي Mammon Worship ، مادي لذت , شخصيت پرستي , روايت پرستي , پير پرستي , شدت پرست رويا ,سوچون ۽ عمل ,ذھني لذتون ۽ آسائشن جي ڪڍ عمريون ڳارڻ, احساس برتري توڙي احساس ڪمتري ۾ ڦاسڻ, ڪٽرپڻي, بغض ,ڪيني, بيجا خواھشون ۽ اخلاقي پستگي وغيرھ  . موجودھ وقت ۾ سنڌي سماج جي مجموعي نفسياتي لاڙن ۾ ھنن اوگڻن جو شامل ٿيڻ واديءِ   مھراڻ جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ پوائتو خواب ٿو لڳي. جن دنيا جي تھذيبي ۽ ثقافتي تاريخ تي رندا روڙيا آھن سي يقينن اڄوڪي سنڌ جي ماڻھن کي ڏسي افسوس جو اظھار ئي ڪندا.

اڄ جي سنڌ ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪتابي علم واري ته آھي پر چڱن ڪمن کان ڪافي فاصلي تي آهن. ھتي وڏن وڏن عھديدارن ۽ پڙھيل عقل جي عڪابرن کان عام طور اھو ٻڌو ويندو آھي ته " چڱائي جو ڳالھيون ڪتابي ڳالھيون آھن ۽ نڪي عملي" پڙھيل طبقو اھڙا مشورا ڏيندي نظر ايندو آھي ته اک پٽيو ڇو ته ھي پريڪٽيڪل دنيا آھي ۽ ھن ۾ ڪتابي ڳالھيون نه بلڪ عملي ڳالھيون ھلنديون آھن. ھنن ديو جھڙن عالم فاضلن لاء پريڪٽيڪل زندگي مان مراد ھوندي آھي مروج سسٽم جو حصو ٿي انجي ڪوڙ جي ڪاڪ محل کي پيشَ ۽ منڌيئَڙا ڏيڻ.  مثال جيڪڏھن ڪو حڪومتي پاليسي يا ڪرت جي ابتڙ الڳ رايو رکي ان تي بيھڪ وٺي ,ته يقينن مجموعي طور عوام به انجي خلاف ٿي ويندو ۽ Main  Stream  جي اثر ھيٺ  ان ڳالھ يا پروپئگينڊ جي ابتڙ اصل نه سوچيندو يا ڳالھائيندو. ھي ته ھڪ مثال آھي جيڪو ٿلھي ليکي پيش ڪيل آھي پر جيڪڏھن سنڌي سماج ۾ ھيٺين سطح تي وڃي مشاھدو ڪجي ته اھڙا ھزارين مثال ملندا جن مان سماج جي مجموعي نفسيات جو گھاٽو عڪس چٽجي ايندو.

موجودھ سنڌ جي سڀ کان ڪريل ڪِرت پئسي جي ڪڍ  ويندي ويندي شخصي طور سڀني جڱايون کي ختم ڪرڻ آھي. دولت جي حَوَس ۽ حاصلات  مجموعي سنڌي نفسيات کي ايترو ته غليظ بڻائي ڇڏيو آھي جو ننڍي کان ننڍي  چڱائي ڪرڻ کان اڳ به فرد ڏھ بار پنھنجو فائدو سوچي پوءِ ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪن ٿا. يا وري ڪنھن کي فائدو ڏيڻ کا اڳ ڏسندا ته سامهون وارو  فرد اسان جي ڪنھن ڪم اچي سگھي ٿو.اڄ ڪلھ جي حساب سان اھڙا کوڙ مثال پيش ڪري سگھجن ٿا جن مان آساني سان اندازو ٿي ويندو ته مجموعي چڱائي ۽ اخلاقيات فقط پئسو جي ھجڻ ۽ نه ھجڻ تي مبني آھي. جيڪڏھن پئسو يا ڪو سٺو سرڪاري عھدو آھي ته پوءِ انجي واھ واھ به ڪبي ۽ انجي ڪوڙي بيان بازي کي سپورٽ ڪندي عمريون به ڳاربيون. يعني بي غرض ٿي, بحيثيت انسان چڱائي ۽ ڀلائي ڪرڻ جو خيال ختم ٿي چڪو آھي ۽ چڱائي ڀلائي طبقاتي وڃي رھي آھي. ان جو ننڍڙو مثال اڄوڪي   سنڌ مان  پيش ڪجي ٿو .

اڄ جي Covid-19 واري خطرناڪ دور ۾ جتي وائرس سڄي دنيا کي پنھنجي لپيٽ ۾ وٺي انسانن کي بيوسي جو احساس ڏياري, اھو سوچڻ تي مجبور ڪيو آھي ته وائرس  بنا طبقاتي فرقن جي   سڀني لاءِ برابر خطرو آھي ۽ جتي دنيا انسان پرستي جي جذبي ۾ متحد ۽ سھڪار سان ڪم ڪري رھي آھي، اتي دنيا جي ھڪ ننڍڙي سنڌي قوم اخلاق کان ڪريل ڪِرت جو کليل نمونو بڻجي اڳيان آئي آھي. لاڪ ڊائون واري حالت ۾ سنڌي واپاري طبقي کاڌي پيتي جي شين جا ريٽ چئوڻا ڪري ڇڏيا آھن ، مال اسٽاڪ ڪري مھانگائي کي ھٿي ڏني آھي. وڌيڪ ضرورت واري ۽ گهربل شيءِ وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي آهي.   ھھڙي ڏکي وقت ۾ جتي الله  لوڪ جي مدد لاءِ ھر وقت ھٿ ڊگھو ڪرڻ گھرجي اتي انھن سوڙھو ھٿ رکي سماج کي ڪاپاري اخلاقي ڌڪ رسايو آھي. ھي اخلاق کان ڪريل ڪرت جو نمونو ان دور ۾ ڏسڻ لاء مليو جنھن وقت سڄي دنيا جون حڪومتون ھڪ ٻئي سان  مڪمل سھڪار ڪري رھيون آھن ۽ بنا طبقاتي فرق جي , بنا مذھبي تضادن جي ۽ بنا قومي ۽ نسلي ويڇن  جي امداد جو سامان موڪلي رھيون آھن ته ان آفاقي چڱائي مان به سنڌي ماڻھو ڪو مثال نه وٺي سگھيا. ھي افسوس جي ڳالھ آھي ته پنھنجي ماضي جي شاندار روايتن کي وساري ڪُڌي ڪرتوتن ۾ مشغول ٿي وئي آھي.

اھا ڳالھ درست آھي ته شخصي طور تي ڪيترائي فرد چڱائي جو ڪم ڪري رھيا آھن. مثال ھو مسڪينن جي گھر وڃي انھن تائين کاڌي جو سامان ھھڙي سخت لاڪ ڊائون واري حالت ۾ به پنھنجي ھڙان يا چندو ڪري پھچائي رھيا آھن پر جيڪو ڪم حڪومت جو آھي سو فرد ڪيئن ٿو ان مان مجموعي نتيجا ڪڍي سگهي. فرد چڱو ٿي سگھو ٿو پر فرد جي محنت فردن تائين ئي محدود ھوندي آھي ۽ ان جا نتيجا به فردن تائين محدود ٿين ٿا. .فرد قوم جو جزو ضرور آهي پر فرد قوم نه ٿو ٿي سگھي. فرد اڪيلي سر ڪا حقيقت ناھي سڄي اھميت ۽ معنويت جو سرچمو قوم آھي. اھڙا چند فرد جيڪي ھن ڏکي وقت ۾ قوم جي ڀلائي لاء ھرشعبي ۾ ڪم ڪري رھيا آھن سي يقينن قابل تعريف آھن پر قومون چند شخصن جي ڪري زندھ ناھن رھنديون. قومي زندگي جو دارومدار ھن ڳالھ تي ھوندو آھي ته زندگي جي ھر شعبي ۾ بھتر قابليت ,صلاحيت ۽ لياقت وارا ماڻھو لاڳيتو منظر تي ايندا رھن ته جيئن ھر مشڪل وقت سان چٽان وانگر مقابلو ڪندڙ موجود ھجن. ھن وقت موجودھ سنڌ حڪومت کي  Covid-19 کي  جنھن حڪمت عملي سان روڪڻ گھرجي سو قدم ته کنيو آھي ۽ اھو سارھ جوڳو به آھي پر ان قدم کڻڻ ۾ حڪومتي تدبر صفا ناڪام ٿيندي نظر اچي ٿو. مثال لاڪ ڊائون سان وڌ ۾ وڌ نقصان روزاني ڪمائي کائڻ Daily Wages وارن جو ٿيو آھي .ان لاء حڪومت اعلانن کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه ڪيو آھي. ھزارين بلين جي بجيٽ واري سنڌ آخر تدبر کان ڪم ڇو نه ورتو؟ چيو وڃي ٿو ته وبا جو ڦھلجڻ بلڪل اوچتو Surprised & Shocked ھيو جنھن ڪري حڪمت عملي نه ٺھي سگھي. اھو به چيو وڃي ٿو ته ايترا مالي ذريعا نه ھيا جنھنجي ڪري وقت سر ڪجھ نه ٿي سگھيو. ڇا ھي بھانا نه آھن؟

ھيترن سالن جي بجيٽ ۾ نه صحت جو کاتو ڪم اچي سگھيو نه حڪمرانن جون وڏيون دعوائون. سندن وٽ تدبر نالي ڪا شيءِ ڏسڻ ۾ ئي نه ٿي اچي. سنڌ تقابلي طور پاڪستان جي ٻين صوبن کان چڱو ڪم ته ڪيو پر مطمئن ۽ تسلي بخش نه . ھينئر سنڌي ماڻھن جي واھر خاطر فرد ته اڳيان آھن پر نمائندا حڪومت لاڪ ڊائون ڪري خاموش ويٺي آھي. ھيٺيون طبقو جيڪو کائڻ لاءِ ترسي رھيو آھي انھن جي واھر ڪير ڪندو؟ ڇا حڪومت ان ڳالھ کان واقف ناھي ته سنڌ جي اڪثريت Peasant Class ۽ Daily wages وارن ماڻھن تي مشتمل آھي؟  ڇا سنڌ جي نمائندا حڪومت جو فرض ناھي ته انھن جي لاءِ منظم حڪمت عملي جوڙي انھن تائين راشن پھچائي؟ يقينن زندھ ۽ باضمير قومن جون حڪومتون پنھنجي رعيت کي پنھنجي اولاد وانگر ڏسنديون ۽ خيال ڪنديون آھن پر اسان جي حڪومت جا نمائندا وائرس جي ڊپ ۾ چُرِن ۾ ڪِوِلِن ۽ ماڪوڙن وانگر لڪي ويا آھن. حڪومت کان علاوھ ، منافعا خور طبقي کي سمجھڻ گھرجي ته ھي منافعو ڪمائڻ جو وقت نه بلڪ قوم کي مجموعي منافعو ڏيڻ جو وقت آھي.  جيڪڏھن وائرس ڪنھن به منافعي خور کي پڪڙي ٿو ته اھو پئسو ۽ منافعو سندس جي ڪنھن ڪم نه ايندو. ھونئن به پئسي ڪنھن سان رھائي آھي جو منعافي خورن سان رھائيندو. ڪي ئي دولت جا پوڄاري نمرود ,فرعون ,يزيد ۽ سيزر جھڙا پئسي ۽ پاور جي چڪر ۾ نستونابود ٿي ويا ۽ دولت انهن جي ڪنهن ڪم ڪونه آئي.  ھن وقت قومي سمجھ اپنائي قوم جي سار لھڻ گھرجي نڪي دنيا دولت ۽ شخصي مفادن ۾ ٻڏل رھڻ گھرجي.

پئسي جي لت ۽ طاقت جو چسڪو ايترو خراب آھي جو دنيا جي ھر ڏاھي ماڻھو ۽ پيغمبر قومن کي انـکان آگاھ ڪيو آھي. پئسو ضرورت ضرور آھي پر ايمان نه .جن به پئسي ۽ پاور کي ايمان بڻايو آھي سي تاريخ ۾ عبرت جو نشان بنجي ويا. ان حوالي کان ھڪڙو قصو مشھور آھي ته  جوڊاس اسڪيرئوٽ نالي ھڪڙو شخص يروشلم ۾ حضرت عيسيٰ جي زماني ۾ رھندو ھو. ھلندي گھمندي ھو عيسيٰ جي درسن مان متاثر ٿيو ۽ عيسي جي خاص ماڻھن مان ٿي ويو ۽ روح الله  جو مڪمل اعتماد حاصل ڪري ويو. ايستائين جو ھو Twelve Disciples of Jesus Christ ۾ ڳڻجڻ لڳو.هي اهي ٻارنهن ماڻهو هيا جيڪي جناب عيسيٰ جي سب کان ويجها هيا.  اهو جوڊاس ڪيترو ئي وقت حضرت جن سان گھميو ڦريو ,کاڌئين پيتئين ۽ بازارن ۾ ان سان هر درس  دوران  گڏ  به رھيو. پر پوءِ ھن کي پئسيٰ جي لِت لڳي وئي ۽ يھودين جي اڪسائڻ تي رومي فوج وٽ حضرت عيسي جو سودو ٽيھ چاندي جي سڪن ۾ ڪري آيو. پڙھندڙ اندازو لڳائن ته پئسي ۽ پاور جو چسڪو ڪيترو خراب آھي جو ھڪ رسول جي صحبت ۾ رھڻ کانپوءِ به انسان انکان نه ٿو بچي سگھي. ان جوڊاس اڳتي ھلي پنھنجا وار پٽي خودڪشي ڪئي ۽ اھو پئسو ئي انجي ڳيچي ۾ پئجي ويو. ان ڪري شيخ اياز سنڌ جي تڏھوڪي حالتن کي ڏسي درست چيو ھيو ته :

جڳ سڄو جوڊاس جو,عيسيٰ جو ڇاھي؟

رات رنو آھي ,اوندھي  اڀ صليب تي...!

سو موجودھ  ڏکي وقت ۾ سنڌي ماڻھن جي واپاري طبقي کي سوچڻ گھرجي ته ھي پئسو ڪنھنجي ڪم ڪونه آيو آھي انڪري خدارا انجي ڪڍ تاريخ ۽ ايمان نه وڃايو. انھيءِ کان علاوھ, ھر سَرنديءَ واري کي گھرجي ته وَس آھر غريبن جي سار لھن ,خاص ڪري انھنجي جيڪي هڪ ويلي ڪارڻ پريشان آھن. جيئن الله تعالي بنا فرق جي انسانن کي ڏئي ٿو تيئن ئي انسان کي گھرجي ته “تخلقوا باخلاق الله ” يعني “پاڻ ۾ الله جون صفتون اپنايو” واري خيال تي عمل ڪن. اھو ڪم قومي سطح تي ٿيڻ گھرجي ته جيئن لاڀ جو اجتمائي نتيجو نڪري سگهي.


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment