شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 28 - نومبر - 2021ع

هي جي آيا هير سي مون اڳ نه ڏٺا ڪڏهن


شام 03 لڳي 54 منٽ -سومر 07 جون 2021  366 
image-1


رسول بخش پليجو سنڌي قوم جو محبوب اڳواڻ جنهن نه رڳو سنڌي قوم جي عورتن، مردن، ٻارن، ٻڍن ۽ شاگردن کي سياسي شعور ڏنو پر جدوجهد ۽ حق حاصل ڪرڻ جا نوان ڍنگ ۽ سياسي لاڙا ڏنا. رسول بخش پليجو صاحب هڪ ئي وقت سياسي اڳواڻ، اديب، شاعر، نقاد، نظرئيدان ۽ مذهب، سائنس ۽ فلسفي جو ڳوڙهو مطالعو رکندڙ سنڌ جي تاريخ جو تمام وڏو ماڻهو هو. عظيم استاد عظيم رهبر 7 جون جي اڀاڳي ڏينهن تي اسان کان هميشہ لاءِ وڇڙي ويو. هو سنڌي قوم جي دلين ۾ اڄُ به زنده آهي ڇاڪاڻ ته سندس فڪر اسان سان گڏ آهي. انسان مري سگهي ٿو پر سندس ترقي پسند نظريو سدائين زنده رهي ٿو ۽ پنهنجي قوم جي شعوري آبياري ڪندو رهي ٿو.

رسول بخش پليجو صاحب مارڪسزم کي جهڙو سولو ۽ آسان ڪري پيش ڪيو آهي، اهڙو پوري پاڪستان ۾ ڪنهن به ناهي ڪيو.

مون سندس ڪتاب ”صبح ٿيندو“ ٽيون ڀيرو پڙهي پورو ڪيو آهي ۽ يقين ڪريو ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته مون هر ڀيري هن ڪتاب مان نيون شيون سمجهيون آهن. ان جو واسطو اسان جي سمجهه ۽ وڌيڪ علم پرائڻ سان به هوندو ڇاڪاڻ ته  پهرين منهنجو مطالعو ۽ فلسفي بابت ڄاڻ بلڪل گهٽ هئي جنهن ڪري آئون هن ڪتاب ۾ ڏنل بهترين ڳالهين کي سمجهين نه سگهيو هئس ۽ هاڻ اهي سمجهه ۾ آيون آهن.

هن ڪتاب ۾ محترم پليجي صاحب پنهنجي نظريي، فڪري گس يعني قومي عوامي جمهوري انقلاب کي بيان ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تمام اهم مسئلن ۽ انهن جي حلن تي ڏاڍو غور فڪر ڪيو ويو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن ڪتاب ۾ تمام وسيع تحقيق ٿيل آهي. جنهن کي سمجهڻ کانسواءِ سنڌ لاءِ ترقي پسند جدوجهد ڪرڻ يقينن مشڪل آهي.

هن ڪتاب ذريعي طبقاتي تضادن جي حل تي غور ڪيو ويو آهي. قومي جدوجهد ۾ وڏيراشاهي جي عنصر کي سمجهايو ويو آهي ۽ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي ترقي ۽ بقا لاءِ وڏيراشاهي جو خاتمو انتهائي ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي وڏيري سدائين سنڌ سان ويساهه گهاتيون ۽ دوکا ڪيا آهن. ڪرسيءَ  جي لالچ ۾ هر ڀيري هن سنڌ ڦورن وٽ وڪڻي آهي.

پليجو صاحب سنڌ جي ترقي ۽ سندن تهذيب جو بچاءُ سنڌي قوم جي بنيادي سياسي تعليم اندر ڏسي ٿو، هن جي نظر ۾ سنڌ هر نوجوان ۽ پڪي پوڙهي کي سياست طرف اچڻ کپي ۽ سياسي ڍنگن کان واقف هجڻ کپي.

انهي ڏس ۾ پليجو صاحب هيٺيان نقطا اهم سمجهي ٿو.

(1)قومي ٻڌي؛

پليجي صاحب هن ڪتاب ۾ قومي جدوجهد ۽ قومي ٻڌيءَ لاءِ چار شيون اهميت لائق يا تمام گهڻو ضروري سمجهي ٿو؛

1-مقصد 2-جذبو 3-واٽ 4-ڪم جو ڍنگ.

انهن چئني شين کي سمجهڻ لاءِ رسول بخش پليجو صاحب وري هيٺين چار شين تي غور فڪر ڪرڻ لاءِ چوي ٿو؛

*جدلياتي قانونن جي ڄاڻ ڇاڪاڻ ته فطرت جو حصو هوندي اهو ضروري آهي ته اسان کي انهن بابت ڄاڻ هجي.

*تاريخي ماديت بابت ڄاڻ ته جيئن پاڻ سمجهي سگهون ته سماج ڪهڙيون ڪهڙيون منزلون طئي ڪري هن حالت ۾ پهتو آهي . 

*اسان جي سنڌي قوم جو تاريخي تجربو ڪيئن ۽ ڪهڙا مرحلا طئه ڪري هتي پهتا آهيون. قومي تحريڪ جو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ئي سنڌي قوم جي تضادن ۽ مسئلن کي سمجهي سگهجي ٿو.

*موجوده انقلابي قومي تحريڪن ۽ اڳواڻن جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان نوان گس ۽ پيچرا ۽ جدوجهد جا ڍنگ ملندا.

نصاب جي تبديلي به ڪنهن قوم جي لڳاتار واڌ ويجهه ڪندي رهي ٿي. اسان وٽ نصاب پنجاهه سٺ سالن کان ساڳيو رهي ٿو. جيڪو اسان ادا آءُ وارو سبق 15 سال پهرين پڙهيو هو اهو اڄُ به آهي. 2012ع ۾ اٺين ڪلاس ۾ هئس ۽ انگريزي ڪتاب ڏنل سبقَ ڏٺم ته اهي بلڪل تقريبن ساڳيا هئا.

بائلاجي ۽ ڪيمسٽري، فزڪس جهڙن سائنسي مضمونن جي شروعات مذهبي صحيفن سان ڪئي وڃي ٿي ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته سائنس نڪتي ئي انهن مان آهي. جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته اوهين حياتيات طبعيات ۽ ڪيميا پڙهايو ڇو ٿا؟

2-انقلابي سائنس جو سنجيده ۽ گهرو مطالعو:

هڪ ته سياسي تعليم ۾ انقلابي سائنس جو سنجيده ۽ گهرو مطالعو ڪرڻ کپي جيڪو معنى ۽ مفهوم جي لحاظ کان اعلى هجي، ضروري شيون يا پهلو نظر انداز ڪيل نه هجن. اجائي ڪنهن نقطي تي هروڀرون جو ذور ڏنل نه هجي.

ٻيو، بيان ڪرڻ جو ڍنگ عام،سادو، سڌو سنئون، صاف ۽ چٽو هجڻ گهرجي. اجائي لٻاڙ بازي کان پاسو ڪيل هجي ۽ مطلب مقصد واضح هجڻ گهرجي جيئن اهي شيون هارين ۽ مزدورن، محنت ڪش طبقي کي سمجهه ۾ اچي وڃن.

قومي جدوجهد ڪيئن ڪجي؟

اسان جي سنڌي قوم جي اڪثريت هاري آهي، جيڪي ڏينهن رات وڏيرن جي پادرن ۽ ظلمن هيٺ آهن. اهي پنهنجي بنيادي حقن جي حفاظت جي حفاظت ته ٺهيو پر آواز به نه اُٿاري سگهن.

سنڌ ٻن حصن ۾ جدوجهد ڪري ٿي جن جو پاڻ ۾ ڪائي صلاح مشاورت ناهي.

*ڳوٺن ۾ جڏهن ڳالهيون هڻي هنڌ ڪن ٿيون تڏهن هاري سجاڳ ٿي ڪري وڏيري خلاف جدوجهد ڪري ٿو ۽ دانهون ڪوڪون ڪري ٿو . انهن دانهن ڪوڪن ۾ هاري بلڪل اڪيلو ڏٺو وڃي ٿو پر ٿيڻ ائين گهرجي ته قومي جدوجهد لاءِ هاري جو مسئلو شاگرد پنهنجو سمجهي.

هاري جو مسئلو صرف ان جو ناهي پر ڊاڪٽر انجينئر جو به هجڻ گهرجي. ائين ئي شاگردن جو مسئلو هاري جو به هجڻ کپي ۽ گڏجي جدوجهد ڪرڻ کپي.

*شهر ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو پنجابي - پناهگير سامراج خلاف رڙيون ڪوڪون دانهون ڪري ٿو هئه منهنجي سنڌُ لٽجي وئي هاءِ گهوڙا هاءِ گهوڙا لڳي پئي آهي. انهي هاءِ گهوڙا ۾ مزدور هاري شامل ڇو ڪونهي؟

انهي هاءِ گهوڙا ۾ شاگرد ۽ سنڌ جون نياڻيون گڏُ ڇو ڪونه بيٺل آهن؟

جنهن جو سبب هي آهي تہ اسان قومي ٻڌيءَ لاءِ ڏنل پليجي صاحب جي چئن اصولن تي پورا نه پيا لهون! قومي ٻڌي اها آهي تہ هڪ ٻئي جي مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجهون ۽ انهي جي حل لئہ گڏيل جدوجهد ڪريون. پنهنجو مقصد ساڳيو هجي انهي مقصد لئہ واٽ ساڳي هجي ۽ ڪم جو ڍنگ گڏيل مشاورت مطابق انقلابي هجڻ گهرجي.

هن دور ۾ پليجي صاحب جي نظريي مطابق سنڌي قوم کي پنجن شين تي غور فڪر ڪرڻ لازمي ٿي پيو آهي.

*هڪڙي منزل ۽ مقصد جي ٻڌي.

*منزل ۽ مقصد لاءِ صحيح واٽ جي ٻڌي.

*اڳتي وڌڻ لاءِ صحيح طريقن، روين ۽ ڍنگن جي ٻڌي سان گڏوگڏ خيالن جي هم آهنگي.

*تنظيم جي ٻڌي.

*عملي جدوجهد جي ٻڌي.

پاڪستان جي سياسي ۽ اقتداري ڇنڊڇاڻ ڪندي ڄاڻايل ڪتاب جي پيج نمبر 72 ۾ لکي ٿو ته پاڪستان جي موجوده اقتصادي ۽ سياسي حقيقتن کي پرکڻ کانپوءِ هيٺيون شيون ملنديون.

*پاڪستان جا بنيادي وسيلا ۽ سياسي قوت پنجابي - پناهگير، زميندار ۽ سرمائيدار جي قبضي هيٺ آھن.

*انهن جا ٻه ننڍا ڀائيوار ۽ ايجنٽ آھن. هڪڙو وچون طبقو ۽ ٻيو پاڪستان جي مظلوم قومن سنڌ بلوچستان ۽ سرحد جو وڏيرو خان ۽ سردار طبقو . 

*انهن وڏن سردارن خانن ۽ وڏيرن جو ايجنٽ ۽ ڇوٽو ڀائيوار طبقو وري انهن مظلوم قومنجو اڀرندڙ وچون طبقو آھي .

مطلب ته سنڌين جي دردن جي داستان کي سمجهڻ ۽ انهن دردن جا حل هن ڪتاب ۾ پسي سگهجن ٿا.

سنڌ جي هر نوجوان کي هي ڪتاب لازمي پڙهڻ گهرجي.

اسين سنڌ جي هن مهان اڳواڻ کي سندس ٽين ورسي جي موقعي تي قومي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ وچن ڪريون ٿا ته سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ سندس فڪري واٽ وٽي جدوجهد جاري رکنداسين.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment