شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 19 - سيپٽمبر - 2021ع

اظهار جي نالي ماتر آزادي


شام 02 لڳي 11 منٽ -اڱارو 01 جون 2021  250 
image-1


سنڌ حڪومت جيڪو پيپلز ميڊيا سپورٽ پروگرام اڳيان آندو آهي، ان جي آجيان ڪرڻ کان اڳ ۾ ان جو غور سان جائزو وٺڻ لازمي آهي، جڏهن ته هن مهل ميڊيا جي سلسلي ۾ ملڪ جو ٻرندڙ موضوع پاڪستان جي مشهور صحافي حامد مير جو ٽاڪ شو "آف ايئر" ڪرڻ ۽ ٽي وي انتطاميا پاران کيس موڪل تي موڪلڻ جي حوالي سان آهي.

دراصل هي پهريون ڀيرو ناهي جو حامد مير ملڪي توڙي غيرملڪي ميڊيا ۾ اظهار جي آزاديءَ جي قيمت ادا ڪرڻ جي سلسلي ۾ خبرن جو موضوع بڻيو آهي. صحافي ته جهان کي باخبر رکڻ جي جستجو ڪندو آهي پر ان ڪوشش ۾ هو جڏهن پاڻ خبر بڻجي ويندو آهي، تڏهن هن جي پڙهندڙن کي ڪيترو نه افسوس ٿيندو آهي ۽ هن جي برادري ڪاوڙ سان گڏ ڪيتري نه بيوسي محسوس ڪندي آهي؟ حامد مير جي حوالي سان اهو احساس ان مهل ٿيو هو، جڏهن اسلام آباد کان ڪراچي ايندي شاهراه فيصل تي هن مٿان حملو ٿيو هو ۽ هن کي تمام گهڻي ڳڻتي واري حالت ۾ اسپتال آندو ويو هو. هن جي جسم ۾ ڪيتريون ئي گوليون پيوست ٿيون هيون ۽ چون ته اڃان به ٻه ٽي گوليون هن جي جسم ۾ موجود آهن. ان مهل به حامد مير لاءِ تمام گهڻي همدردي محسوس ڪئي وئي ۽ هن ڀيري جڏهن هو پنهنجي صحافتي ڪيريئر ۾ ٽيون ڀيرو صرف ان لاءِ بيروزگار ٿي رهيو آهي جو هن اسلام آباد جي صحافي اسد طور جي مٿان گهر ۾ گهڙي تشدد ڪرڻ لاءِ اسلام آباد جي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي جيڪا تقرير ڪئي، ان جي ردعمل ۾ هن کي اهي ڏينهن ڏسڻا پيا آهن. حامد مير جي سياسي خيالن سان ڪنهن کي اختلاف به ٿي سگهي ٿو پر اها حقيقت آهي ته مسنگ پرسنس کان وٺي اظهار جي آزاديءَ  تي ٿيل حملن جي حوالي سان هن سدائين مضبوط موقف رکيو آهي.

حامد مير سنڌ توڙي بلوچستان جي مسنگ پرسنس کان وٺي هر ان اشو تي پنهنجي پروگرام ۾ ڳالهايو آهي ۽ هر ان موضوع مٿان لکيو آهي، جنهن کان عام طور تي ٽارو ڪيو ويندو آهي. ان حوالي سان حامد مير کي صحافت جي دنيا ۾ هڪ ساک وارو قلمڪار ۽ اينڪر پرسن سمجهيو ويندو آهي. پر ڳالهه صرف حامد مير جي ناهي. اصل ڳالهه ته ان اداري جي آهي، جيڪو هن وقت نه رڳو سرڪاري ۽ رياستي دٻاءَ  جي هيٺ آهي پر اهو سڀ کان وڌيڪ ان معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب هن جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي. صحافت ۾ معاشي بحران سبب تمام گهڻا صحافي بيروزگار بڻجي ويا آهن. ڪيترن ئي ادارن ۾ ملازمن کي پوريون پگهارون نه ٿيون ملن ۽ ان جو ڪارڻ اشتهارن جو ڏڪار بيان ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن حالتن ۾ حڪومت توڙي رياست جو اهو فرض بڻجي ٿو ته ملڪ جي اهم اداري کي بچائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن پر اسان وٽ الميو اهو آهي ته حڪومت توڙي رياست صحافت بچائڻ جي سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ بدران انهن صحافين کي سيکت ڏيڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب رهي آهي، جيڪي ڪنهن کان ڊڪٽيشن وٺڻ بدران پنهنجي ضمير جو آواز ٻڌن ٿا ۽ اهو ڪجهه لکن ٿا، جيڪو ڪجهه هو ڏسن ٿا. انهن صحافين مٿان سختي ڪرڻ ۽ انهن کي مختلف آزمائشن مان گذارڻ مان اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته حڪومت ۽ رياست آزاد صحافين کي پسند نه ٿي ڪري. جنهن کي آزاد صحافي پسند ناهي، ان کي اظهار جي آزادي ڪيئن پسند هوندي؟ جڏهن حڪومت توڙي رياست صحافت کي پنهنجي اشاري تي هلائڻ تي بضد ٿي وڃن، تڏهن سمجهڻ گهرجي ته هو اصل صحافت بدران هڪ ڪوڙي ۽ نالي ماتر صحافت چاهين ٿيون ۽ اهڙي ڪوڙي ۽ مڪار صحافت مان ملڪ کي ڪهڙو فائدو ملندو؟

صحافت ملڪ لاءِ تمام ضروري شي هوندي آهي. جڏهن به ڪنهن اداري کي ڪمزور ڪيو ويندو آهي ۽ خاص طور تي اهو ادارو جنهن کي ملڪ جو ٿنڀو قرار ڏنو ويندو هجي ته پوءِ ان اداري جي تباهي جا اثر ملڪ جي مٿان به پوندا آهن. پاڪستان ۾ آزاد صحافت جي مٿان سدائين پابنديون ۽ پهرا رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي ته ملڪ ۾ آزاد صحافت اڀري نه سگهي آهي ۽ جيڪا نقلي صحافت اڳيان آندي وڃي ٿي، ان ۾ هي سماج ٺيڪ طرح سان پنهنجو منهن ڏسي نه ٿو سگهي. پاڪستان ۾ ميڊيا جي بحران جو اشتهارن جي کوٽ سان گڏ هڪ سبب اهو به آهي ته هتي صحافت کي آزاد نه ٿو ڇڏيو وڃي. صحافت جي مٿان هر وقت حملا ٿيندا رهن ٿا. پاڪستان توڙي پوري دنيا ۾ پهرين ته ميڊيا کي مالڪن ذريعي ڪنٽرول ڪيو ويندو هو ۽ هاڻي جڏهن سوشل ميڊيا اڳتي آئي آهي ته اظهار جي آزادي کي ڪنٽرول ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل بڻجي ويو آهي. ان ڪري صحافين جي مٿان سڌا وار ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. اها به هڪ عجيب ڳالهه آهي ته هن مهل پاڪستان جي گاديءَ  واري شهر ۾ مشهور صحافين جي مٿان جيڪي مشڪل حالتون اچي رهيون آهن، انهن جو ردعمل سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو شديد آهي. سوشل ميڊيا تي پنهنجا خيال بنا خوف جي پيش ڪرڻ صحافين کي جهڙي طرح خوف جو مزو چکايو وڃي ٿو، ان سان ميڊيا جا معاملا مشڪل ٿي رهيا آهن.

اسلام آباد ۾ حامد مير اهو پهريون ۽ اڪيلو صحافي ناهي، جنهن کي مشڪل حالتن مان گذرڻو پيو آهي. ڪجهه وقت اڳ مطيع الله کي جهڙي طرح کنڀي کنيو ويو ۽ هن کي هڪ ويران روڊ تي ڇڏيو ويو، ان واقعي سبب خوف جي وڏي لهر اڀري هئي ۽ ان سان گڏ ماڻهن کي تمام گهڻي ڪاوڙ به محسوس ٿي هئي. مطيع الله کان پوءِ ملڪ جي مشهور صحافي ۽ ڪجهه وقت پيمرا جو سربراهه رهندڙ صحافي ابصار عالم کي جيئن گهر جي ٻاهران باغيچي ۾ چهل قدمي ڪندي گولين جو نشانو بڻايو ويو، اهو عمل تمام گهڻي تلخي پيدا ڪندڙ هو. ابصار عالم جي زندگي ته بچي وئي پر ان هڪ واقعي سبب ڪيترن صحافين ڏانهن اهڙن نتيجن جا پيغام ويا هوندا، ان کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. ابصار عالم واري واقعي کان پوءِ اسد طور کي گهر ۾ گهڙي کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ کيس تلخ نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيو ويون. حامد مير جي تقرير کي يا هن جي ردعمل کي ڪنهن واقعي جي نه پر مجموعي صورتحال جي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي. ڇو ته جڏهن باشعور صحافيءَ  کي پنهنجن آئيني حقن جي سلسلي ۾ محروميءَ  جو احساس ٿئي ٿو ته هن ۾ ڪاوڙ پيدا ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي.

حامد مير توڙي اسلام آباد جا اهي صحافي جيڪي چينلن تي پابنديءَ  هيٺ آندا ويا آهن ۽ جيڪي هن وقت به تمام گهڻي دٻاءَ  هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کان جڏهن به پڇا ڪئي ويندي آهي ته هو اهڙي ماحول ۾ ميڊيا جي ميدان ۾ هلندي ڪيئن محسوس ڪري رهيا آهن ته انهن جا چاڪ چڪڻ لڳندا آهن ۽ هو اهڙو اظهار ڪندا آهن، جنهن کي ٻڌي انسان کي محسوس ٿيندو آهي ته هو هڪ آزاد سماج ۾ نه پر هڪ جيل ۾ زندگي گذاري رهيو آهي. فرق اهو آهي ته هڪڙا جيل ننڍا هوندا آهن ۽ انهن ۾ گهڻي چرپر ڪرڻ تي پابندي هوندي آهي، جڏهن ته جڏهن سماج جيل بڻجي ويندو آهي ته ان ۾ ڪافي ڪشادگي هوندي آهي پر انسان جي ڪيفيت ساڳي هوندي آهي ۽ اها ڳالهه ڪنهن به ريت بهتر نه آهي ته هڪ ملڪ ۽ هڪ سماج اوپن ايئر جيل بڻجي وڃي. اهو سماج جنهن ۾ انسانن کي اظهار جي ناهي، اهو سماج پنهنجي اصل معنيٰ وڃائي ويهي ٿو ۽ اهو سماج ملڪ لاءِ ان طرح سان ڪارگر نه ٿو رهي جنهن ريت هڪ سماج کي هجڻ گهرجي. اظهار جي آزادي کسڻ سان ملڪ ۾ صرف خوف ڀري خاموشيءَ  جو راڄ پيدا ٿي وڃي ٿو ۽ اهو خوف ڀريو راڄ انسانن کي تمام گهڻي تڪليف پهچائي ٿو. ان تڪليف مان نڪرڻ لاءِ ماڻهو اهڙا گس به وٺن ٿا، جيڪي ملڪ لاءِ ڪنهن به ريت بهتر نه هوندا آهن. ان ڪري ماڻهن کي اظهار جي آزادي ملڻ گهرجي.

پاڪستان ۾ بظاهر ته جمهوري حڪومت آهي پر اسان کي چونڊيل حڪومت ۽ جمهوريت ۾ فرق به سمجهڻ گهرجي. هر چونڊيل حڪومت جمهوري نه هوندي آهي. ڇو ته جمهوريت ته عملي طور پرک هيٺ ايندي آهي. ڪوئي وات سان ڪجهه به چوي ۽ ڪاغذ تي ڪجهه به لکي، چوڻ سان ۽ لکڻ سان هڪ غيرجمهوري حڪومت جمهوري نه ٿي ويندي. اسان کي ياد هجڻ گهرجي ته پاڪستان جو پويون آمر پرويز مشرف به پنهنجي حڪومت کي جمهوري حڪومت چوندو هو پر اها ڪيتري جمهوري هئي؟ ان اندازو ئي نه پر اسان سڀني کي علم به آهي. ساڳي ريت اظهار جي آزادي هجڻ جي دعويٰ ڪرڻ هڪ ڳالهه آهي ۽ اظهار جي آزادي هجڻ ٻي ڳالهه آهي. اظهار جي آزادي عمل ۾ هوندي ته ان جو سماج جي مٿان مثبت اثر به پوندو ۽ ان کي ڪير به کڻي ٽوڪي ۽ تنقيد جو نشانو بڻائي يا نه مڃي پر پاڪستان جي اندر توڙي ٻاهر پوري دنيا مڃيندي ته پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي آهي ۽ اهي ڪنهن به دٻاءَ  ۾ نه ايندا ۽ ان جي مخالف ڪنهن به موقف کي نه مڃيندا. جڏهن ملڪ ۾ اظهار جي آزادي هجي ته ان جو پتو پوري دنيا کي پئجي ويندو. پاڪستان ۾ چونڊيل حڪومتن به اظهار جي آزاديءَ  کي عملي طور قائم ڪرڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي آهي. اسان کي اصل اظهار جي آزاديءَ  بدران نقلي قسم جي اظهار جي آزادي ڏني وئي آهي ۽ اها آزادي اها ناهي، جنهن جو ذڪر آئين ۾ ٿيل آهي ۽ جيڪا جمهوريت جي ڪسوٽي هوندي آهي. جڏهن به ڪا پارٽي پاڪستان ۾ مخالف ڌر جو حصو هوندي آهي ته ان کي اظهار جي آزاديءَ  جو وڏو فڪر هوندو آهي ۽ جڏهن اها پارٽي اقتدار ۾ اچي ويندي آهي ته ان جو اظهار جي آزاديءَ  تي موقف مٽجي ويندو آهي. اها اظهار جي آزادي کي ان مهل پسند نه ڪندي، جڏهن ان جي ڪارڪردگيءَ  مٿان تنقيد ڪئي ويندي آهي. هونءَ  ته پاڪستان هر دور ۾ اظهار جي آزاديءَ  کان محروم رهيو آهي پر هن وقت اها حقيقي اظهار آزادي نه هجڻ جو احساس تمام گهڻو شديد ٿي ويو آهي.

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment