شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 17 - اپريل - 2021ع

ماڻڪ جا ٽي ناوليٽ


شام 02 لڳي 30 منٽ -آچر 28 مارچ 2021  170 
image-1

منير احمد عرف ماڻڪ سنڌي ادب جو اهو ستارو هو، جيڪو چمڪڻ کان اڳ ئي اجهامي ويو. سنڌيءَ جي ڪيترن ئي اديبن جو اهو خيال آهي ته جيڪڏهن ماڻڪ اڄ زنده هجي ها ته سنڌي ادب ۽ خاص طور تي سنڌي ناول ۽ ڪهاڻيءَ جي هڪ سٺي اوسر ٿئي ها. پر موت ۽ هن سماج ماڻڪ کي زندگي ڏيڻ کان نهڪار ڪئي ۽ هِن سماج کي نه سهندي نيٺ ماڻڪ پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.

ماڻڪ جي ٽن ناوليٽن تي ٻڌل ڪتاب ”ٽي ناوليٽ“ وڏو وقت اڳ روشني پبليڪيشنز ڇپائي پڌرو ڪيو هو جنهن ۾ ”رڃ ۽ پڙاڏا“، ”پاتال ۾ بغاوت“ ۽ ”لڙهندڙ نسل“ ناوليٽ شامل آهن، جن تي اسان اڄ هڪ نظر وجهنداسين.

ناول ”رڃ ۽ پڙاڏا“ شبير نالي هڪ عام ڪلارڪ جي ڪهاڻي آهي جيڪو ٻين لکين ماڻهن وانگر نوڪري ڪري گهر هلائي ٿو. شبير جي هڪ مشيني روٽين آهي، گهر کان آفيس، آفيس کان گهر، گهر جو سيڌو سامان وٺڻ، ماني کائي ڪتاب پڙهڻ ۽ تنهن کان پوءِ سمهي پوڻ. پر جيئن ته هي ڪردار ڪنهن عام ليکڪ جو نه پر ماڻڪ جو تخليق ٿيل آهي تنهنڪري هو هن عام زندگي کي جيئن جو تيئن قبول ڪري نه ٿو سگهي. هو بغاوت ڪرڻ چاهي ٿو پر هن سماج جي جوڙل قانونن موجب هو زندگيءَ کي پنهنجي مٿان مڙهيل ۽ ٿاڦيل ڀانئي ٿو.

ناول جي هيرو شبير جي ڀيڻ گهر ڇڏي هلي وڃي ٿي ته هو سندس ان فيصلي کي به سندس زندگيءَ جو ذاتي فيصلو سمجهندي مانُ ڏي ٿو. شبير پنهنجي ڀيڻ کي ڪو پنهنجو ذاتي غلام يا ٻانهي نه ٿو سمجهي پر هن کي انسان سمجهي ٿو. سچ ته اهڙا ”ايبنارمل“ ڪردار فقط ماڻڪ ئي تخليق ڪري سگهي ٿو جيڪي ههڙي رڃ جهڙي سماج ۾ مس فٽ آهن. ناوليٽ ۾ شبير جي هڪ ڏينهن جي روئيداد آهي پر پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو تھ ڄڻ تھ ماڻهو شبير جي پوري حالاتِ زندگيءَ کان واقف ٿي ويو هجي.

ٻيو ناوليٽ ”پاتال ۾ بغاوت“ يوناني ڏند ڪٿا تي ٻڌل آهي جنهن ۾ خداوند زيوس سسيفس کي هڪ ڀاري پٿر کي جبل تي چاڙهڻ جي سزا ڏني آهي. سسيفس جيئن ئي پٿر کي جبل تي چاڙهيندو آهي ته پٿر وري جبل تان لڙهندو اچي زمين تي ڪرندو آهي. ايئن ئي سسيفس مٿان ٿاڦيل اِها سزا هڪ سائيڪل طور هلندي اچي ٿي جنهن ۾ هو پنهنجي زندگي کي بهاهڙو ئي بيهوده ڀانئن ٿو. جيڪڏهن ”پاتال ۾ بغاوت“ کي پهرين ناوليٽ ”رڃ ۽ پڙاڏا“ سان ملايو وڃي تھ غلط ڪو نه ٿيندو ڇا ڪاڻ ته”رڃ ۽ پڙاڏا“ ۾ ماڻڪ جو مک ڪردار شبير به هڪ اهڙو ئي ڪردار آهي جنهن مٿان سماج پاران ساڳي ئي قسم جي سسيفس واري هڪ زندگي گهارڻ واري فضول سزا مڙهيل آهي. هنن ٻنهي ڪهاڻين ۾ دراصل ماڻڪ سماجي طور تي ٿاڦيل زندگي جي عڪاسي ڪئي آهي.

ون يونٽ جي ٽٽڻ کان پوءِ ۽ جنرل ضيا جي مارشل لا سنڌين تي جيڪي اثر ڇڏيا هئا،انهن جي عڪاسي ماڻڪ ”لڙهندڙ نسل“ ۾ ڪري ٿو. حيدرآباد شهر ۾ سيٽ ٿيل هن ناول جو مک ڪردار علمِ سياست ۾ ايم اي جي ڊگري رکندڙ هڪ نوجوان آهي جنهن جي اکين وسيلي ماڻڪ نهايت خوبصورتي سان ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ جي سنڌ جي سياسي صورتِ حال کي پورٽري ڪيو آهي. ان دوران جڏهن سنڌي نوجوان تحريڪون هلائي جيل ۾ ويا ۽ جڏهن ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ نوڪرين جو وارو آيو ته کين خبر پئي ته سڀ نوڪريون ميرن، پيرن ۽ با اثر ماڻهن کي ورهائي ڏنيون ويون ۽ هڪ عام ماڻهو جي هٿ ڪجھه هٿ ڪو نه آيو.

ماڻڪ جي ڪردارن، ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ هڪ اهڙو سماج پورٽري ٿيل آهي جنهن ۾ جڏهن جو چاهي طاقت جي نشي ۾ گهٽ طاقت واري ۽ هيڻي ماڻهو کي ذليل ڪري سگهي ٿو. هن ويڳاڻپ سان ڀرپور سماج ۾ جنهن ۾ انسان زندگي گذاري نه ٿو پر ان جي ابتڙ زندگي انسان کي گذاري ٿي. ”جتي انسان جيئري رهڻ لاءِ نوڪري ڪري ٿو، پگهار وٺڻ لاءِ نوڪري ڪري ٿو، پگهار انهي ڪري وٺي ٿو جو کيس جيئرو رهڻو آهي ۽ جيئرو انهي ڪري رهڻو آهي جو“ .................. تنهن کان پوءِ ماڻڪ هي خال پڙهندڙن لاءِ خالي ڇڏي ٿو ته جيئن هو انهي خال کا پاڻ ڀرين.

ماڻڪ جي ناولن ۾ منٽو جي ڪهاڻين وانگر اسان کي سماج جو اهو اولڙو ملي ٿو جنهن تي عام ماڻهو ڳالهائڻ ۽ لکڻ کان پاسو ڪري ٿو يا لنوائي ٿو.جنس يا جنسي مسئلا، جنسي نفسيات، سماج پاران مڙهيل قدر. سچ به اهو ئي آهي ته ههڙي سماج ۾ زندگي پنهنجي مٿان پڙهيل ۽ ٿاڦيل ئي لڳي ٿي جنهن ۾ ڪنهن به انسان جي پنهنجي ڪا فردي قوت يا وِل استعمال ڪرڻ کان قاصر آهي ۽ کيس صرف ان بيهوده ڳالهھ جو خيال ڪرڻو آهي ته ماڻهو ڇا سوچيندا. اه ڙو سماج جنهن ۾ پوليس وارا ماڻهن جا محافظ نه پر قانون جي ويس ۾ رهزن آهن ۽ جن جي هر ڏوه کي قانون جو تحفظ مليل آهي. اهڙو سماج جتي جيئرا انسان اوور هيڊ پلين هيٺان رهڻ تي مجبور، فُٽ پاٿن تي سمهي ڪنهن امير وڏيري جي گاڏي هيٺان اڇي ڇٿجي وڃن ٿا پر مئل ماڻهن لاءِ قبرستان وڌيڪ ضروري سمجهيو وڃي ٿو.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته زماني پاران هي زندگي مڙهيل ئي تھ آهي. جنهن ۾ سڌا سنوان قانون ٺهيل آهن ته انسان پيدا ٿئي، پڙهي، نوڪري ڪري، شادي ڪري، ٻار ٻچا پيدا ڪري ٻارن کي پڙهائي وڏو ڪري، انهن جا ٻار ڏسي خوش ٿئي ۽ مري وڃي. هن پوري سائيڪل ۾ انسان جي پنهنجي ذاتي خواهش، فردي آزاديءَ ۽ راءِ جي ته ڪا حيثيت ئي ڪا نه آهي. ههڙي سماج ۾ زندگي هڪ حياتي نه پر سسيفس مٿان مڙهيل هڪ بيهوده ۽ وقت کپائيندڙ عمل ئي ته آهي.

ماڻڪ جي ناولن جي ٿيمز ۾ ويڳاڻپ، سماج ۾ مِس فٽ هئڻ، زنده رهڻ ۽ زندگي گهارڻ ۾ فرق، پيڙا، ڀوڳنا، سماج ۾ فرد جو ڪردار ۽ حيثيت، سماجي اڻ برابري، هيڻي ۽ سگهاري جو فرق، سماجي نا انصافي،نراسائي، مايوسي، پيڙا، ڀوڳنا ۽ اڪيلائپ شامل آهن. هن جا ڪردار شايد ڪنهن پڙهندڙ کي منفي بھ لڳن پر حقيقت اِها آهي تھ هي ڪردار منفي هوندي بھ سماج جو حقيقي عڪس آهن.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment