شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 17 - اپريل - 2021ع

سنڌي پورهيت ماڻهن جي سئو سالن جي مزاحمت


شام 04 لڳي 43 منٽ -سومر 22 مارچ 2021  81 
image-1


فيبروري مهيني 1843ع جي قبضي تي سنڌ جي ماڻهو جيڪي مسلسل غيرسياسي، بدانتظامي حڪومت جي هيٺ زندگي گهاري رهيا هئا. انهن هڪ ڀيرو مزاحمت ڪئي ۽ سنڌ واسين جو لشڪر مير شير محمد جي اڳواڻي ۾ سنڌ مان ڌارين جي پاڙ پٽڻ لاءِ گڏ ٿيو. 11 مارچ 1843ع ۾ دٻي جي هنڌ سخت جنگ لڳي جنهن ۾ سنڌ اندر اڄ به مزاحمت جي علامت بڻيل جرنل هوش محمد شيدي شهيد ٿيو. ان جنگ کانپوءِ به مير شير محمد ٽالپر خاموش ٿي نه ويٺو انگريزن سان باقاعده گوريلا ويڙه جي شروعات ڪيائين. اها گوريلا ويڙه هلندي رهي. انگريزن پنهنجي چالن سان ميرصاحب جي پاسي وارن ماڻهن کي لالچائڻ لاءِ مشهور ڪالونيل طريقو درٻار ۾ حاضري ڏئي جاگيرون وٺو، ائين ميرصاحب جا کوڙ ماڻهو کيس ڇڏيندا وڃي انگريزن جي درٻار ۾ حاضري ڀرڻ لڳا. مير صاحب ڪرنل لارنس جي دوستاڻي پيشڪش تي پنهنجي شرطن تي سنڌ واپس وريو. انهن ۾ هڪ شرط هي به هئي ته انگريز مونکي ڪنهن به اهڙِي مدد لاءِ نه چوندا جنهن ۾ مونکي پنهنجي عوام سان وڙهڻو پوي. ٻيو جيڪي سنڌ جا ويڙهو، مير ٽالپر انگريزن جي قيد ۾ آهن انهن کي آزاد ڪيو وڃي. مير شيرمحمد ٽالپر جي اها مزاحمتي تحريڪ 1854ع ۾ پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. مير شيرمحمد ٽالپر بنيادي طور ڪنگري جي پير صاحب پاڳاري جو معتقد هو، ان سڄي گوريلا ويڙه ۾ پير صاحب جا مريد پڻ گڏ هئا.

پير پاڳاري جي خانقاه جي بزرگن جي  انگريزن ۽ خيرپور جي ميرن سان ڇڪتاڻ رهي. جنهن جا اثر باقاعده 1860ع ۾ تڏهن ظاهر ٿيا جڏهن انگريزن پير صاحب پاڳاري تي ٻه قتل جا الزام ۽ هڪ قتل جي سازش جو الزام هنيو، ان حوالي سان پير صاحب کي ڪورٽن ۾ گھرائڻ ڪيسن ۾ نالو شامل ڪرڻ تي حر جماعت ۾ تمام گھڻي ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي. ڪالونيل مائينڊ سيٽ جو پهريون اصول ”وڙهايو ۽ حڪومت ڪيو“ ته جڏهن گادي تي ويٺل پير انگريزن کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن پير صاحب جي خاندان جي ٻين ماڻهن سان ويجهڙائپ رکڻ شروع ڪئي ۽ خاندان جون اندريون خبرون وٺندا رهيا. خاندان جي اندر ڏڦيڙ پوڻ جي شروعات ٿي. پير صاحب پاڳارا جڏهن پنهنجن مريدن ڏانهن روحاني سفر تي نڪرندا هئا ته هزارن، لکن جي انگ ۾ مريدن جو گڏ ٿيڻ انگريزن کي خطرو محسوس ٿيندو هو. ان ڪري انهن پير صاحبن کي حڪم جاري ڪرڻ شروع ڪيا ته اسان جي ضلعي مان نڪري وڃو امن امان کي خطرو آهي. اهڙي روش، هلت تي اڳ ئي ڪروڌ ۾ ورتل سنڌي ماڻهو کانئن وڌيڪ نفرت ڪرڻ لڳا ته اسان جي پيرن کي اسان کي اسان جي پنهنجي ڌرتيءَ تي چر پر کان روڪيو ٿو وڃي. انهن حالتن جي ڪري 1880ع تائين حالتون انتهائي خراب ٿي ويون. انگريزن مکي جي علائقن مان صدين کان وٺي مالڪي جو حق رکندڙ مالوند ماڻهن کان پن چري جي نالي تي ٽيڪس مڙهيو جيڪو هڪ مذاق جوڳو عمل ليکيو ويو. پر انگريزن انهن مان فائدا ورتا ته مقامي ماڻهن مان هندو سيٺ واپارين کي ٽيڪس جو ٺيڪو ڏنو، جنهن تي مقامي ماڻهن ۾ هڪ ٻئي لاءِ نفرت جي شروعات ٿي، انگريزن جو بنيادي مقصد اهو ئي هو شورش پيدا ڪجي پوءِ جواز پيدا ڪري ڪارروايون ڪيون وڃن.

رتنا گري

ان صورتحال کي پروفيسر محمد عمر چنڊ پنهنجي ڪتاب “حر تحريڪ” ۾ هن ريت واضح ڪري ٿو، “پير صاحب پاڳاري حزب الله شاهه (تخت ڌڻي) جي گاديءَ وارا ٻائيتاليھه سال (1848ع کان 1890ع تائين) خيرپور جي ميرن ۽ انگريزن جي عملدارن سان مقابلي ۾ گذريا. 1893ع کان وٺي تقريبن 1898ع تائين ٿرپارڪر، سانگھڙ ۽ خيرپور ۾ مارشل لا جو راڄ رھيو ۽ پير صاحب پاڳاري جي مريدن تي تمام وڏيون سختيون ٿيون، ايتري قدر جو سردار خانبھادر محمد يعقوب جڏھن سيپٽمبر 1898ع ۾ حيدرآباد جو ايڪٽنگ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٿرپارڪر جو ڊسٽرڪٽ ميجسٽريٽ ھو ته ھن سنڌ جي ڪمشنر کي ھڪ خط لکي سفارش ڪئي ته سنڌ جي انھن علائقن ۾ جتي حر رھن ٿا مجرم قبيلي وارو ايڪٽ (ڪرمنل ٽرائبز ايڪٽ) لڳايو وڃي. ان ايڪٽ جو مطلب اھو ھو ته جيڪو چوي ته آءٌ پير صاحب پاڳاري جو مريد آھيان يا حر آھيان ته اھو ماڻھو پنھنجي چوڻ مطابق ئي مجرم ثابت ٿيو ۽ حڪومت کي حق ھوندو ته ان نئين لڳايل قانون مطابق ان ماڻھوءَ کي سزا ڏئي. ٻيو قانون اھو لڳايو وڃي ته جيڪي ماڻھو پاڻ کي حر سڏائين ٿا، انھن کي ملڪ بدر ڪري ڏورانھن علائقن ۾ سرحد، پنجاب، راجسٿان، مھاراشٽر ۽ دکن ۾ لوڙھن (Concentration Camps) ۾ رکيو وڃي. حالانڪه حر ڪنھن ھڪڙي قبيلي سان تعلق رکندڙ نه ھئا ۽ نڪي پير صاحب پاڳارن جا جيڪي مريد ھئا سي سڀئي حر حڪومت جي خلاف تحريڪ يا بغاوت يا جُرمن ۾ ملوث ھئا.”

پهرين حرتحريڪ ۽ سنڌ ۾ پهرين مارشل لا

1890 ع ۾ جڏهن پير سيد حزب الله شاه شهيد ٿيا ته پير علي گوهر شاه گادي نشين ٿيا. ان کان اڳ جڏهن پير حزب الله شاهه جڏهن گادي تي ويٺا هئا ته ان وقت انگريزن جي اندروني سازشن جي ڪري جماعت اندر تنظيم سازي جو رجحان تيزي سان وڌي رهيو هو، جماعت محسوس ڪيو ته سندن پيرن خلاف انگريز جي سازش وڌي رهي آهي، ان ڪري حڪم صرف پير جو مڃڻو آهي. سلام صرف پير کي ڪرڻو آهي. باقي سيد خاندان جي ڀلي پير صاحب جو ڀاءَ ڇو نه هجي، ان جي عزت ڪرڻي آهي پر پير صرف گادي تي ويٺل کي مڃڻو آهي ان کي ان وقت فرق جماعت ڪوٺيو ويو هو. پير صاحب حزب الله شاهه پنهنجي حياتي ۾ فرق جماعت تي سختيون ڪيون هيون، ان فرق جماعت جي فقيرن کي درگاهه شريف تي اچڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي هئي. جڏهن پير صاحب علي گوهر شاهه ثاني تخت نشين ٿيا، پاڻ انهن فقيرن تان پابندي لاهي ڇڏيائين. پير صاحب جڏهن پنهنجي والد بزرگوار پير حزب الله جي ٻارهين ٿيڻ کان پوءِ جماعت ۾ روحاني دوري تي نڪتو تڏهن به انگريزن مٿس پابندي مڙهي ڇڏي جن حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو.

پھرئين حر تحريڪ جي مارشل لا ۽ جھيڙي لاءِ ميدان ھموار ڪيو ويو. انگريزن ڪو موقعو وڃائڻ نه ٿي چاهيو. اندروني طور سازشن جو اهڙو ڄار وڇايو ويو جو پير صاحب جي مريدن کي ويجهن خليفن تي سختيون ڪيو ويون. انگريزن جي ان عملي تي فقير ماٺ ڪري نه ويٺا انهن باقاعده مزاحمت ۽ انگريز جي حڪمن جي انحرافي ڪري سانگهڙ جي علائقي ۾ پنهنجي رٽ کي هلائڻ لاءِ پير صاحب جي خليفي وريام فقير خاصخيلي رلي واري جي پٽ بچو کي بادشاھه ڪيائون، پيروءَ کي وزير ڪيائون، خميسي کي ڪوٽوال ڪيائون، فتلو ڏاھريءَ کي قاضي ڪيائون.

1896 ع تائين انهن ٻارنهن ٻهروٽين جي مزاحمت جاري رهي. ان وقت جماعت حڪمت عملي تحت پيرصاحب کي ان جنگ کان ٻاهر رکي پاڻ ويڙهاند شروع ڪئي، جيئن تاثر اهو وڃي ته پير جو ان ويڙهه سان ڪجهه نه وڃي. انگريز سرڪار ان وقت مقامي ماڻهن خلاف رڻ ٻاري ڏنو ڪير پير صاحب جو مريد آهي ڪير نه انهن وٽ سڀ برابر هئا. ان کانسوا مقامي ماڻهن ۾ جاسوسن جا ٽولا ڀرتي ڪيا ويا. زندگي موت جي سنهي تار تي سفر ڪندڙ انهن جوڌن وٽ گنجائش نه هئي جو ڪنهن جاسوس کي برداشت ڪن. اهو ئي انگريز چاهيو ٿي ته حالتون ڪيئن به ڪري حرن جي ۽ پير صاحب خلاف بيهن. اهڙين حالتن جي حوالي سان پروفيسر محمد عمر چنڊ صاحب پنهنجي ڪتاب ” حر تحريڪ “ جيڪو چنڊ صاحب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب کان انٽرويو ڪري لکيو آهي، ان ۾ لکي ٿو ته “پير صاحب علي گوھر شاھه ثانيءَ کي حڪومت وارن چيو ته اوھان کي گرفتار ڪنداسون نه ته اوھان انھن ٻھروٽين جون ٻانھون ڏيو. پير صاحب اھو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته رعيت اوھان جي آھن ۽ اوھان جي رويي جي ڪري ائين ڪن ٿا. ھاڻي اوھان ڄاڻو اھي ڄاڻن. پوءِ پير صاحب کي گرفتار ڪري حيدرآباد ۾ آڻي نظربند ڪري رکيائون. پوءِ اتي وڏا بار جيڪي ٿي سگھن ٿا سي پير صاحب تي وڌائون. زباني دڙڪن جا بار وڌائون، ٻين ڳالھين جا، تمام گھڻا ڪي بار وڌائون. پوءِ جڏھن فقيرن کي انھن ڳالھين جي خبر پئي ته چيائون ته ”ھاڻي ھيءُ اسان جو مرشد آھي. سندس طبيعت به ٺيڪ نه ٿي رھي. سو اھڙي ڪا ڳالھه ڪجي جو پير صاحب تي بار نه اچي. پوءِ جيڪڏھن اسان کي پيش پوڻ جو حڪم ڪري ته کڻي پيش به پئون.“  ان ساڳي ڪتاب ۾ چنڊ صاحب انگريزن جي عملدار ڊپٽي ڪمشنر سردار  يعقوب جو حوالو ڏئي لکي ٿو ته انگريزن جي نيت ڇا هئي، انهن جو مقصد ڇا هو.

درگاهه شريف

“سردار محمد يعقوب، جيڪو ان زماني ۾ ڊپٽي ڪمشنر ھو، پنھنجي خط ۾ لکي ٿو ته حڪومت جي عزت انھيءَ ۾ ڪانھي ته پير صاحب جي چوڻ تي ماڻھو پيش پون. حڪومت جي عزت انھيءَ ۾ آھي ته حڪومت پاڻ انھن ماڻھن سان سختيءَ سان ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي. انگريزن جون اهي چالون رهيون هڪ پاسي پير صاحب جي مٿان سختيون، ذهني طور عتاب رکيو ويو. ٻي طرف مقامي ماڻهن خلاف سخت کان سخت ڪارراويون جاري رهيون. ان مزاحمت جو منطقي انجام بچو بادشاهه جي گرفتاري ڏيڻ کان پوءِ شهادت ماڻڻ ۽ پيرو وزير ۽ ٻين پاران ڪامياب معرڪا ڪري انگريز جي ملٽري جي جولاسنگهه ۽ ان جي پٽ جهڙن آفيسرن کي ماري شهادت ماڻي. ان دوران انگريزن لوڙها قائم ڪيا. پير علي گوهر شاهه جن جي وفات کانپوءِ سندس ئي ٽئين نمبر ڀا شاه مردان شاهه اول کي گادي تي ويهاريو. ان جي دور ۾ انگريزن جا لوڙها قائم ٿيل هئا. جماعت تي سختيون هيون. پر انهن سختين جي شدت اها نه هئي، ان وچ ۾ انگريزن بلوچستان مان ماڻهو آڻي اچي آباد ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو. جن حرن کي لوڙهن ۾ وڌو ويو هو انهن جي علائقن ۾ اهي بلوچ آباديون ڪرايون ويون. پير شاه مردان شاهه جماعت جي ديني تعليم لاءِ مدرسا وغيره قائم ڪيا. ٻي عالمي جنگ لڳي چڪي هئي. ان دور ۾ ڪجهه لوڙها کڄڻ شروع ٿيا هئا. ان حوالي سان پروفيسر محمد عمر چنڊ لکي ٿو ته ”اڳي ائين ڪونه ھو جو لوڙھن ۾ رھي ماڻھو پنھنجي آزاديءَ جي خود گھُرَ ڪن. اھا ڳالھه ھاڻي پير صاحب شاھه مردان شاھه جي زماني ۾ پيدا ٿي.”

1921 ع ۾ شاه مردان جن جو انتقال ٿيڻ کانپوءِ پير سيد صبغت الله شاهه المعروف سورهيه بادشاهه ٻارھن سالن جي عمر ۾ گادي نشين ٿيا. سنڌ جي طاقتور ۽ منظم ترين جماعت جي پير جنھن جي اڳين گادي نشينن ۽ جماعت جي مزاحمتي ڪردار کان ڊنل انگريز سرڪار سورهيه بادشاهه جي گادي تي ويهڻ وقت ئي سازشن جو ڄار وڇائي، گادي تي ويهڻ وقت جهيڙو ڪرايو. جڏهن ته انهن ۾ ناڪامي کانپوءِ سندس ھر سرگرمي تي اک رکي وئي. جاسوسي نيٽ ورڪ جو اهڙو ته ڄار وڇايو ويو جو سندس ذاتي ملازمن مان جاسوس ڀرتي ڪري پگهار تي مقرر ڪرايا ويا. سورهيه بادشاهه ويهن سالن جي عمر ۾ قدم رکيو ته ڄڻ ته انگريز سرڪار جي مشينري ان انتظار ۾ هئي. سندس خلاف پھريون ڪيس 1929ع ۾ انگريزن طرفان مقرر ڪيل جاسوس ابراهيم ڪوري جيڪو سورھيه بادشاهه جو ملازم طور اتي رکيل ھو، جنهن ننڍي هوندي کان سورهيه بادشاه سان گڏ راند روند پڻ کيڏي هئي، ابراهيم ڪوري جنھن جي ماءُ درخواست داخل ڪرائي ته سورھيه بادشاهه منهنجي پٽ کي قيد ڪري رکيو آهي. ان تي انگريزن پاران پير صاحب جي رھائش گاهه تي پھچي اڳواٽ طئي ٿيل اسڪرپٽ تحت ابراهيم ڪوري کي ھڪ بند صندوق مان برآمد ڪري اتي پيل ميرن جي دور جي خانداني ھٿيار کڻي بنا لائسنس جي ھٿيار رکڻ سميت سورھيه بادشاهه جي مٿان ابراهيم ڪوري جي ماءُ جي قتل جو جڙتو قتل جو ڪيس به داخل ڪيو ويو. جيڪو وڏين ڪوششن باوجود پير صاحب تي بيهاري نه سگهيا. اهي صرف ڪيس نه هئا پر انگريزن جي پوري رٿابندي هئي، ان ۾ هنن جو خيال هو ته اهڙا ڪيس داخل ڪري يا ته کيس ڦاسي جي سزا ڏني وڃي يا وري ڪا وڏي عرصي جي ڊگھي سزا ڏئي پير صاحب کي سنڌ بدر ڪيو وڃي. انهن ڪيس ۾ سورھيه بادشاهه خانبهادر محمد ايوب کھڙي جي معرفت قائد اعظم محمد علي جناح کي پنهنجي بچاءَ جو وڪيل ڪيو. انگريز پنهنجي پوري رٿابندي جي باوجود پهرين رٿا تي عمل نه ڪرائي سگهيو ان ڪري ٻي رٿابندي تي مڪمل عمل ڪندي ڏهه سال سزا ڏني وئي. بعد ۾ قائداعظم ٻيھر سنڌ جي چيف ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي جنهن ۾ اٺن سالن جي سزا ٻڌائي رتنا گيري جي جيل ۾ موڪلي ڇڏيو. جيلن ۾ رهڻ دوران سورهيه بادشاه جي مطالعي ۾ تمام گھڻي تيزي ڏسجي ٿي، پير صاحب خط لکي مختلف ڪتاب گھرايا. انهن ڪتابن ۾ سياسي، سماجي، مذهبي، جاگرافيائي علمن جا ڪتاب شامل آهن. انهن جيلن ۾ رهڻ دوران سڀاش چندر بوس جي جدوجهد کان متاثر ٿي سوين نوجوان به جيلن ۾ پهتا هئا. جن سان ڪچهرين 20 سالن جي عمر ۾ ويل انتهائي ڪچي عمر جي نوجوان جي زندگي ۾ وڏي تبديلي آندي. ان دوران سورهيه بادشاهه پنهنجو دفاع هڪ سنجيده سياسي ورڪر جيان ڪيو آهي. رتنا گيري جيل ۾ سورهيه بادشاه سهولتن نه ملڻ تان بک هڙتال پڻ ڪئي. ان حوالي سان پنهنجي ويجهن سان ملاقاتن جي پڻ خواهش رکي. نصير اعجاز جي ڪتاب ”دي حر فريڊم فائيٽر“ ۾ پير صاحب جي سر شاهنواز ڀٽي ۽ ٻين سياسي توڙي پنهنجي جماعت جي ماڻهن کي لکيل خطن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.

گورنر هيو

 بنگال جي مختلف جيلن ۾ ڇھه سال قيد بند رکيو ويو. اٺن سالن جي سزا مان ٻه سال جيل جي جيلن جي قاعدن تحت ختم ڪري 1936ع ۾ پير صاحب کي آزاد ڪيو ويو. ان کانپوءِ پير صاحب واپس پير ڳوٺ رھائش اختيار ڪئي جنھن ۾ پير صاحب اتي پير ڳوٺ گزيٽ نالي اخبار جاري ڪئي. پير ڳوٺ گزيٽ سنڌي مسلمان - هندو اتحاد جي پرچار اخبار طور جاري ڪئي وئي. پير ڳوٺ ۾ هندو - مسلم اتحاد جي ڪري ڳئون جي گوشت تي پابندي هنئي وئي هئي. پير صاحب پاڻ ان اخبار ۾ هندو - مسلم اتحاد بابت پنهنجا ويچار ڇپائيندو رهيو. پير ڳوٺ ۾ پنجائت قائم ڪري ماڻھن کي ذاتي مسئلا پنھنجي پنجائت ۾ حل ڪرڻ جو چيو. پنجائت کي جديد بنياد تي شهري مسئلا حل ڪرڻ لاءِ خود مختيار ڪيو ويو. سورهيه بادشاهه جي واپسي تي مسلم ليگي اڳواڻن کيس مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ  زور ڀريو، جنهن جو تفصيلي ذڪر سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. پير صاحب پاڳاري مجاھدن جي ڀرتي جو سلسلو پڻ شروع ڪري ڏنو هو. ڪانگريس جا اڳواڻ پڻ پير صاحب سان ملاقاتون ڪندا رهيا. ان وچ ۾ مسجد منزل گاهه جو واقعو به ٿي ويو، جنهن ۾ پير صاحب وڏي سياسي بصيرت سان پيرڳوٺ پنهنجي اثر رسوخ وارن علائقن ۾ امن امان بحال ڪرائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. گڻگ بنگلي مان نڪري پير ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو ته خيرپور ويجھو پير صاحب سورھيه بادشاهه کي گرفتار ڪري لقمان اسٽيشن تان ڪراچي موڪليو ويو. جتي انگريز گورنر ھيو ڊائو جون 1941ع ۾ پير صاحب سورھيه بادشاهه کي ملاقات لاءِ سڏيو ھو. جنھن بعد ان گورنر مسلسل وائسراءِ کي لک پڙهه ڪري سورھيه بادشاهه خلاف ڪاررواين کان آگاهه ڪندو رھيو. ان وقت پير صاحب سورھيه ان وقت جي وزير داخلا سر غلام حسين ھدايت الله کي چيو ته کيس ڪجھه ڏينهن جي اجازت ڏني وڃي جيئن ھو پنھنجي ذاتي ڪم ڪار اڪلائڻ لاءِ ڳوٺ وڃي. غلام حسين ھدايت الله اھو معاملو گورنر ڏانھن موڪليو، گورنر ھيو ڊائو وائسراءِ کي وري 8 آگسٽ 1941ع تي خط لکيو ته سورھيه بادشاهه کي سنڌ مان بيدخل ڪيو وڃي. جڏهن ته ان حوالي سان غلام حسين ھدايت الله چيو ته ھو ضمانت ڏئي ٿو ته پير صاحب کي وڃڻ ڏنو وڃي. پر انگريز گورنر ھيو ڊائو جي من ۾ ٻيو ڪجهه ھو. ان پير صاحب کي گرفتار ڪرائي اڻڄاتل ھنڌ ڏانھن منتقل ڪرايو.گورنر ھيو ڊائو 24 آڪٽوبر 1941ع تي وائسراءِ خط لکي آگاهه ڪيو ته پير کي کنڀي گم ڪيو آهي. ان کانپوءِ پير صاحب سورھيه کي مسلسل ٻه سال گم ڪيو ويو. جنھن جو ڪنھن کي به پتو نه ھو، سورھيه بادشاهه شايد پھريون سنڌي ھو جنھن کي مسنگ پرسن چئي سگهجي ٿو. ان کانپوءِ سنڌ جي حر جماعت خلاف قھري ڪارروايون ڪيون ويون. سازشن تحت حر جماعت کي مک سياسي ڌارا کان ڪٽڻ لا ان وقت ڪانگريس جي وڏي ليڊر سيتل داس کي 14 مئي 1942ع تي قتل ڪرايو ويو. ان ڏينهن کان ٽن ڏينهن کان پوءِ 16 17 مئي جي رات جو لاھو ميل ريل ڪرائي وئي، ان ريل ۾ ان وقت جو وزير اعظم سنڌ الله بخش سومرو به سوار ھو جنھن کي حيدرآباد اسٽيشن تي ڄام جان محمد لاھي وٺي ويو. اھا ريل ٽنڊي آدم ويجھو جلال مري وٽ ڪرائي وئي، جنھن ۾ وزير غلام حسين ھدايت الله جي پٽ کي ماريو ويو. ان کانپوءِ پھرين جون 1942ع تي مارشل لا لاڳو ڪري حر جماعت خلاف قھري ڪارروايون ڪيون ويون.ان وچ ۾ سنڌ اسيمبلي مان حر ايڪٽ پاس ڪيو ويو. جنھن تحت انساني حقن جي لتاڙ ڪئي وئي. لکين حرجماعت جي ماڻهن کي لوڙھن ۾ قيد ڪيو ويو، ڳوٺن کي ساڙيو ويو. سورھيه بادشاهه خلاف مڪمل ڪيس جوڙي جنوري جي پھرين ھفتي ۾ سيھوني کان جھاز وسيلي حيدرآباد جي فوجي ھوائي اڏي تي لاھي بند گاڏي ۾ سوار ڪري حيدرآباد جيل جي کولي ۾ قيد ڪيو ويو. ان کان پوءِ پير صاحب جي مٿان بغاوت جو ڪيس داخل ڪري فوجي عدالت ۾ مارشل لا قانون تحت ڪيس کي ھلايو ويو. پير صاحب کي پنهنجي مرضيءَ جو وڪيل ڪرڻ به نه ڏنو ويو. فقط اڍائي مھينن کي مختصر عرصي ۾ ڪيس ھلائي ھٿ ٺوڪيا ڪيس مڙھي 20 مارچ 1943ع تي صبح جي وقت حيدرآباد جي جيل ۾ شھادت جو جام نوش ڪرايو ويو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment