شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 17 - اپريل - 2021ع

آيا صوفيا ميوزيم کان مسجد تائين


شام 06 لڳي 03 منٽ -خميس 11 فيبروري 2021  172 
image-1


آيا صوفيا استنبول ۾ جامع مسجد سلطان احمد ويجهو قائم هڪ تاريخي عمارت آھي جيڪو پهرئين چرچ هيوتاريخ ٻڌائي ٿي ته هن چرچ جو تعميراتي ڪم  532 ق. م ۾ بازنطيني بادشاه شروع ڪرايو هو جيڪو ستن سالن جي عرصي ۾ 537 ۾ مڪمل ٿيو۽ ان سال ئي عوام لئه کوليو ويو هيو

آيا صوفيا يوناني ٻولي جو لفظ آھي جنهن جي معنى حڪمت خداوندي آهي. جڏهن تهذيبن جي تاريخ پڙھجي ٿي ته سميري ۽ بابلي تهذيب مان ٿيندي جنهن وقت مصري تهذيب تي نظر وجهجي ٿي ته انهن جي انجنيئرنگ حيران ڪندڙ نظر اچي ٿي جيڪا اڄ به مصري اھرامن جي شڪل ۾ موجود آھي.

آيا صوفيا

آيا صوفيا جي اڏاوت ۾ به ترڪي انجنيئرن سان مصري انجنيئرس جي مهارت شامل آھي. آيا صوفيا اهڙي عاليشان عمارت آھي جيڪا پنهنجي پاڻ ۾ ڪيتريون ئي ڪائناتون سمايو بيٺي آھي. دنيا مان لکين سياح هن عمارت کي ڏسڻ لاءِ اڄ به پھچن ٿا ۽ ڏسندي ئي داد ڏيڻ بنا رهي نه ٿا سگهن.

تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا هي عمارت 916 سال چرچ رهي آھي ۽ جڏهن خلافت عثمانيه قسطنطيه تي قبضو ڄمايو ته هنن انهي عمارت کي چرچ مان تبديل ڪري مسجد جو نالو ڏنو. ۽ اها 418 سالن تائين مسجد رهي، جڏهن 1934ع ۾ جديد ترڪي جي باني مصطفى ڪمال اتاترڪ جي حڪومت قائم ٿي ته هن مسجد کي ختم ڪري ميوزم کي ٻيهر مسجد ۾ تبديل ڪرڻ واري فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي.

آيا صوفيا جو اندريون منظر

اهڙي فيصلي جي عالمي ميڊيا تي توثيق ٿيڻ کانپوءِ دنيا ۾ وڏو ڌمچر مچي ويو هو. موجوده عدالتي فيصلي موجب آيا صوفيا سلطان فاتح محمد ٽرسٽ جي ملڪيت آھي ۽  مسجد لاءِ وقف ڪيل آھي ۽ اهڙي هڪ دستاويز ۾ ٽرسٽ پاران لکيل آھي ته آيا صوفيا کي مسجد کان سواءِ ڪنهن به ٻئي ڪم لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو. واضح رهي ته استنبول ۾ قائم هي عمارت ڇهين صدي ۾ جسٽنيئن اول جي دور ۾ تعمير ٿي هئي ۽ هڪ هزار سالن تائين هي دنيا جي سڀ کان وڏي چرچ جي حوالي سان سڃاتي ٿي وئي.

هڪ وقت اهو به هو جڏهن اردوان ۽ ترڪي يورپي يونين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ منٿون ڪندا هئا. يورپي يونين ۾ شموليت لاءِ ترڪي ڪوششن جي شروعات 1987ع کان شروع ڪيو هو پر اردگان جي پهرين دور حڪومت (2005) ۾ انهن ڪاوشن ۾ گهڻي تيزي آئي ۽ 2016ع ۾ اهي ڳالهيون ناڪام ٿي چڪيون هيون.

آيا صوفيا ميوزيم به رهي

ان هوندي به اڄ ترڪي آمريڪا جي اکين ۾ اکيون ملائي اهي فيصلا پيو ڪري جيڪي آمريڪا لاءِ زهر جي ڍڪ برابر آهن،  اردوان جي به ساڳي حالت آھي. اردوان تي جڏهن ڏکيو وقت هو هن ڪابه اٻھرائپ ڪانه ڪئي ڇو ته اردوان ان وقت سياسي توڙي معاشي حالتن پٽاندر ان پوزيشن ۾ نه هو. هونئن به ڳالهين کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ ڪجهه شيون طئه ڪرڻ ضروري هونديون آھي.

 پنهنجي ملڪ جي بقا ۽ سالميت کي هر لحاظ کان محفوظ ڪرڻ، ملڪي معيشت کي مضبوط ڪري ان جو نفعو عوام تائين پهچائڻ ۽ ٻين تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي پيرن تي بيهڻ پهريون قدم هوندو آھي.

آيا صوفيا جو هڪ منظر

 اهي ٽي اهڙا بنيادي شرط آھن جن کانپوءِ ئي ڪا رياست ئي پنهنجي هدف لاءِ اڳتي وڌي سگهي ٿي. اهو هوندو آھي Logical Expansion نظرياتي توسيع پسندي. اهو ئي رستو طيب اردوان اختيار ڪيو ۽ اڄ وچ اوڀر ۾ لڳل باهه کان ترڪي محفوظ آھي ۽ ترڪي 11 نمبر فوجي طاقت وارو ملڪ شمارجي ٿو.

ترڪي مالي اعتبار سان دنيا جي 19هين نمبر تي وڏو شاهوڪار ملڪ به آھي ته اهو بحري جهازن کان ويندي ڊرون طيارن تائين سمورا جنگي سامان پاڻ ٺاهي رهيو آھي ٻاهرين دنيا تي هاڻ گهٽ ڀاڙڻ لڳو آھي اردوان رڳو حڪمت عملي بدران تڪڙ ۾ جذباتي فيصلا ڪري ها ته کيس حڪومت جو تختو آڳاٽو اونڌو ٿي چڪو هجي ها جيئن مصر ۾ اخوان المسلمين سان ٿيو هو، پر هن صبر ۽ استقلال سان هڪ طويل پر زورآور رستو اختيار ڪيو. اڄ جيڪڏهن ترڪي جون عدالتون اهڙو فيصلو پاڻمرادو ڪري سگهڻ جي همت رکن ٿيون ته ان پويان اردوان جي ٻن ڏهاڪن جي محنت شامل آھي.

 آئون جڏهن ترڪي آئي هيس ته مون مختلف جڳهين تي ڪمال اتاترڪ جون لڳل تصويرون ڏٺيون هيون ۽ هن جون خوبيون توڙي خاميون عوامي حلقن ۾ ٻڌيون هيون

هي ترڪي جو سيڪيولر حڪمران هو. اهڙو سيڪيولر نه جيڪو صرف آزادي پسند هجي بلڪه صرف ۽ صرف اسلام دشمن پاليسين تي عمل ڪرڻ وارو هن نماز تي به ذري گهٽ پابندي هنئي هئي ۽ چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته هن کي اتاترڪ جو لقب به ان ڪري ئي مليو هو ته ترڪي ۾ اسلامي شعائر جو ستياناس ڪرڻ سان گڏوگڏ ترڪي کي ترقي ناهي ڪرڻ ڏيڻي. ترڪي جي معدنيات کي ڪڍي ان مان ناڻو ڪمائڻ جو سوچڻ به ناهي ڏيڻو ۽ هن انهي فرض ۾ ڪابه ڪوتاهي ڪانه ڪئي هئي.

آيا صوفيا مسجد

جيئن ته خلافت عثمانيه ۾ عالم خطيب حافظ فقيه وغيره جون ڊگريون تسليم ٿيل هيون. هن ايندي ئي سڀ منسوخ ڪري ڇڏيون جنهن سان پڻ هڪ وڏو عوامي حلقو مايوسي جو شڪار ٿيو. مٿان جڏهن آيا صوفيا جو فيصلو مسجد مان ڦيري ميوزيم وارو ڪيو ويو ته عوام ويتر بدظن ٿي پيو ۽ بغاوت شروع ٿي وئي. اردوان ان کي ٻيهر مسجد جو درجو ڏئي پاڻ جمعي جي نماز ۾ شريڪ ٿي عوام جون دليون کٽي ورتيون.

مونکي ياد آھي هڪ ڀيري آئون پاسي ۾ ھيس آيا صوفيا مان مغرب جي آذان آئي ۽ ماڻھو جذبات ۾ اظھار تشڪر جا لڙڪ لاڙي رهيا هئا. آيا صوفيا کي مسجد ۾ تبديل ڪرڻ استنبول جي ڪاميابي آھي ۽ استنبول جي ڪاميابي ترڪي جي فتح آھي. ڇو ته آيا صوفيا کان سواءِ استنبول اڻپورو آھي.

ڪجهه ڏهاڙا اڳ آئون ميرانيلي مسجد ويس جتي هڪ شھري جذبات مان ترڪي جو جهنڊو لهرائي رهيو. هو آيا صوفيا واري فيصلي تي جذبات جو اظھار ڪري رهيو هو. ان وقت ٻنهي مسجدن مان آذان اچي رهي هئي ۽ منهنجي اکين مان پڻ ڳوڙها ڳڙي پيا هئا. مون کي يقين نه پئي آيو ته اڄ به خلافت عثمانيه جي نشاني آيا صوفيه زنده آھي. قومون ٻاهريون ڪوبه دٻاءُ قبول ڪرڻ بدران پنهنجي سڃاڻپ ائين برقرار رکنديون آهن.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment