شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 17 - اپريل - 2021ع

وتائي فقير جي باري ۾


شام 06 لڳي 25 منٽ -اڱارو 26 جنوري 2021  201 
image-1

وتائي فقير سان لاڳاپيل جيڪي به ٽوٽڪا آھن، انھن جي سند لوڪ جي زباني ملي ٿي. انھن ۾ وڌاءُ سميت ڪيترو ئي مواد گڏمڏ به ٿي ويو ھوندو... پر جيڪي ڪجھه گفتا، ٽوٽڪا، مزاحيه گفتا، چرچا، طنز ھن جي نالي سان ماڻھن به منسوب ڪيا انھن مان اھو ته اندازو ٿئي ٿو ته اھو سوسائٽيءَ جو گڏيل تصور يا ڪليڪٽوِ اميج ھو. ماڻھن ڪنھن مولوي بدران وتايو جي سڌي سنئين رستي کي پسند ٿي ڪيو. اھي ڪجھه گفتا- نقطا، طنزون، چٿرون، لطيفا وتائي جا نه سھي ماڻھن جي ئي تخليق هئي ته پوءِ سمجھو ته ماڻھن پنھنجي لاءِمذھبي، ۽ سماجي، تصورن وٽان ڳالھين ڳالھين ۾اھڙو وتايو گھڙي ورتو جيڪو ملان مولوي جو ٽوڙ به ھجي ۽ فقير به ھجي. ڇو ته ماڻھن کليو الحاد نٿي چاھيو نه ئي ذھني طور عقيدن جي نالي ۾ سخت گيري ٿي قبول ڪئي. بھرحال پاڻ چئي سگھون ٿا ته اھو سڄو مواد وتائي فقير ھن جي چوڌاري ان وقت جي سماج جو آھي جيڪو زباني طور اسان وٽ اچي پيو.

 اھڙا ڪردار اوھين گڏھن تي ڏسو ٿا. ذومعني جملا، طنز، نصيحت ڀريا نقطا بيان ڪندڙ ملا نصيرالدين به سدائين گڏهه تي چڙھيو. ھن به وتائي وانگر گڏهه جھڙي لوڪ سان عقل جون ڳالھيون ڪيون. ملان نصير الدين وتائي جھڙو ڪردار ھوندي ملان چوايو پر ڇو؟ شايد ھن سخت گيرن کان بچاءُ لاءِ اھو لقب اختيار ڪيو ھجي. پر وتايو ان کان بھادر ھو، جو ھو فقير ٿي سخت گيرن جي سامھون ھوندي عملي طور اھڙيون حرڪتون ٿو ڪري جيڪي حرڪتون ۽ ڳالھيون ھن طالباني دور ۾ ڪوبه ماڻھو نٿو ڪري سگھي.

 ھڪ ڀيرو وتايو گڏهه تي سوار ئي ھو تہ گڏهه مستي ۾ اچي وتائي کي ڊوڙي ڊوڙي ھيٺ ڪيرائي اتي ئي بيھي رھيو. وتايو غيرجذباتي انسان ھو. جذباتي ماڻھو اھڙي موقعي تي جانورن تي تشدد ڪندا آھن. پاڻ کي به ذھني ٽارچر ڏئي رڙيون ڪري جانور کي گاريون ڀونڊا ڏئي پاڳل پڻي جو اظھار ڪندا آھن  پر ھو غيرجذباتي ھو. دانائي انسان وٽ غير جذباتيت جي رستي تان ايندي آھي. وتايو زمين تان ھٿ ڇنڊي اٿيو. ھن مرڪي گڏهه کي فقط اھو چيائين ته ”جيڪو چوڻو ھو سو ته تون اڳي ئي آھين، وڌيڪ ڇا چوان؟“

ھن جي مختصر جملي ۾ گڏهه تي فقط معيار هئي ۽ گڏهه کي گڏهه چوڻ به نه ھو. وتائي جي سھپ به ڪمال جي هئي، نه ته پاڻ وٽ انسان کي آرام سان گڏهه، گڏهه جو پٽ چوڻ عام آھي. عورتن کي ته عام طور مادي گڏهه سان تشبيھه ڏئي سماج زباني جنسي تسڪين حاصل ڪندو آھي. وتايو نه گاريال ھو نه انتقامي ايم پي اي، ايم اين ھو. ھن گڏهه کي گڏهه  به نه چيو. بلڪه ھو مرڪي رهيو هو. گڏهه کي اھو به نه چئي سگھيو جيڪو ھو دل ۾ رکيو ويٺو ھو.

ٿي سگھي ٿو ڪنھن کي وتايو جو انداز صوفين وارو لڳي. ھا! ھن جون ھجتون برابر اھي آھن پر ھو صوفي ناھي. بھتر ٿيو جو ھو صوفي نه ٿيو ...ڇو ته وتايو صوفي ٿئي ھا ته ھن کي گڏهه تان لھي ڪا ڪنڊ جھلي سنجيدگي، رعب ۽ جلال جا سڀ طريقا اختيار ڪرڻا پون ھا. ھن کي عورت سان به نفرت ڪرڻي پوي ھا. ڇو ته سڀ صوفي شاهه لطيف ناھن. صوفي ٿئي ها ته جيئري توڙي مرڻ کان پوءِ ھن کي مجاور، مريد، خلق خليفا به سيڙائڻا پون ھا. ھن کي مزاح تان ھٿ کڻڻو پوي ھا. شايد ھن نٿي چاھيو ته دردن ۾ ورتل لوڪ کي وري صوفياڻي سنجيدگي ۽ شاعري جي منجهائيندڙ رستن تي وٺي وڃجي. ھن ماڻھن کي کلائيندي کلائيندي ڳالھيون سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن مايوسين جو علاج ائين کل چرچي سان پئي ڪيو. ھاڻي ته لافٽر ٿيراپي ڊپريشن جي علاج طور مڃي وڃي ٿي.

 وتايو صوفي ٿئي ھا ته ھن کي ڪير روڪڻ وارو ھو؟ شايد وقت جو ڪو صوفي ئي ھن کي روڪي ھا باقي ته ڪير به نه روڪي ھا. پر وتائي کي تصوف جي جھنگ ۾ رلڻ کان گڏهه تي پنھنجي ئي تر ۾ رلڻ ۾ وڌيڪ مزو ٿي آيو. ھن مزاح کي ئي پنھنجي ڳالهھ ۽ خيال پھچائڻ جو ذريعو بڻايو. جيڪو ڏکيو ڪم صوفي به نٿو ڪري سگھي. ڇو ته صوفي شاعري ۾ ڪجهه به چئي وڃي، ان جون ھزارين معنائون آھن. ڪنھن به مفھوم کي اوھان رد ڪري ان جي ٻي تاويل ڪڍي سگھو ٿا پر وتايو ته ڊائيلاگ، گفتگو، ڳالهھ ٻولهھ ڪري ٿو جيڪا سڌي سنئين آھي. سا به اھڙي انداز ۾ جن تي سالن جي سنجيدگي سجايل صوفي به کلي پوي. جيڪڏهن ٽهڪ نه ڏئي سگهي ھا ته ڪو صوفي ضرور مرڪي ته پوي ھا. شايد کلي چوي ھا ته ”ڇڏيوس فقير کي“ وتائي وٽ تاويلون ناھن. ڳجھيون معنائون ناھن. ھو پاڻ وٽ راز رکڻ جي نفسيات ۾ منجھيل ناھي.

 وتائي جي زندگي ۾ جانور آھن، ماءُ آھي. انڌا، جڏا، گھورڙيا، واڍا، چور، گھر اڳيان ھنگي ويندڙ ٻار، ڪنواريون ڇوڪريون ۽ شادين جا ڪاڄ آھن پر ھن جي زندگي ۾ نه صوفي آھي نه ئي ملان آھي. ھن ٻنھي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي. ھن جو مقابلو به ڪنھن سان نه آھي. ڇو تہ ھن وٽ نمائش لاءِ نه مذھب، نه عقيدو، نه عبادت نه ڪنھن مسجد جو ملان مالڪ ٿي ويٺو، نه صوفي وانگر خانقاهه ھن وٽ. بھتر ٿيو جو ڪنھن صوفي ھن فقير کي ڊسٽرب نه ڪيو نه ته ھن جي طنز کان ھو به شايد ڪونه بچي سگھي ھا..

وتائي مسلمان ٿيڻ کانپوءِ به مذھب کي صوفين جيئن سنجيده ڪٿي ورتو؟ ھن کي صوفين وانگر ٻين کي پنھنجي عقيدن ۾ شامل ڪرڻ يا ڪنھن کي مسلمان ڪرڻ جو شوق نه ھو. ھن پاڻ مسلمان ٿي سوچيو ۽ فيصلو ڪيو ته آئون مسلمان ٿيس، ھاڻي گنج ٿي ويو. بس! ھن جي زندگي ۾ ڪٿي به اوھان کي تبليغ  ڪرڻ  نظر نٿي اچي. ھن وٽ ته صوفي جي ڀيٽ ۾ آھي به ڪجهھ ڪونه... اوھان کي لڳندو ته وتائي وٽ صوفين وانگر تياڳڻ لاءِ به ڪجھه ناھي. تياڳڻ لاءِ ڪجهھ ھجڻ ضروري ھوندو آھي، پر جيڪو تياڳڻ لاءِ ڪجهھ گڏ ئي نٿو ڪري اھو صوفي نه پر وتايو آھي. ھن وٽ گڏهه آھي چڙھڻ لاءِ صوفي گڏهه سواري ڪندي اوھان شايد ئي ڻڌا هجن. صوفي  گھوڙي، شينھن، مڇي، دريا ۽ ھوا تي تہ سواري ڪري سگھن ٿا پر گڏهه جي عوامي سواري فقط وتائي جي حصي ۾ آئي. وتايو صوفي کان وڌيڪ آزاد منش انسان آھي. ھو صوفي کان وڌيڪ عوامي آھي ڇو ته ھو متحرڪ آھي. ھڪ ھنڌ ويٺل ناھي. ھو ماڻھن وٽ ھلي ويندڙ آھي.  (ھلندڙ)

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment