شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 21 - جنوري - 2021ع

اڪرم واهه ۽ آبادگارن تنظيمن ۾ عورتن جي شموليت


شام 03 لڳي 17 منٽ -سومر 11 جنوري 2021  31 
image-1


پاڻيءَ جا وهڪرا نه رڳو تهذبين کي جنم ڏيندا آهن پر اهي زمينون به سيراب ڪندا آهن. پاڻي بنا زندگيءَ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. اهو پاڻي ئي آهي جيڪو هر انساني وجود ۾ رت بڻجي گردش ڪري ٿو ۽ ان کانسواءِ پاڻي وسيلي ئي اسين ڌرتيءَ تي طرحين طرحين جا فصل اپايون ٿا.

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جي حوالي سان سدائين تڪرار پيدا ٿيندا رهندا آهن. هڪ پاسي سنڌو درياهه جو وهڪرو هاڻ ماٺ ٿي ويو آهي ته ٻئي پاسي سمنڊ جو گوڙ وڌي ويو آهي. سامونڊي چاڙهه سبب نه رڳو سنڌ جو جر کارو ٿي رهيو آهي پر ڏهاڪن کان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري ٺٽي ۽ بدين جي پوڇڙي وارا آبادگار پاڻي نه هئڻ جون شڪايتون ڪندا رهندا آهن. اهي آبادگار نه رڳو پنهنجن احتجاجن وسيلي دانهيندا رهيا آهن پر قانوني طور به پاڻي لاءِ واجهائيندا رهيا آهن. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ وارو معاملو ته پنهنجي جاءِ تي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ کي مٿان (پنجاب) کان ئي پاڻي گهٽ ٿو ملي پر جيڪو پاڻي سنڌ ۾ دستياب آهي، ان جي ورڇ به منصفاڻي ٿيندي نظر نٿي اچي. سنڌو درياهه ۾ پهچندڙ پاڻي بئراجن، ڪئنالن ۽ پوءِ واٽر ڪورسن توڙي شاخن وسيلي مختلف ضلعن ۽ تعلقن ۾ پهچي ٿو. پر ان پاڻيءَ جو مقدار آبادگارن تائين پهچندي پهچندي گهٽجي ويندو آهي، جنهن جي ڪري اهي پنهنجون ٻنيون به صحيح نموني آباد نه ڪري سگهندا آهن.

فوٽو : اختر حفيظ

اڪرم واهه سنڌ جي اهم ترين واهن مان هڪ آهي. هن واهه جي ڊيگهه 76 ڏهائي 5 ميل ٻڌائي وڃي ٿي، جيڪو ڪوٽڙي بئراج جي کاٻي ڪناري کان پيئڻ جو پاڻي کڻي ٿو. اهو واهه حيدرآباد کان ٿيندو ٽنڊو محمد خان ۽ بدين ضلعن تائين پهچي ٿو پر هن وقت اهو واهه پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. اڪرم واهه بدين ۽ ٽنڊو محمد خان واسين جي پيئڻ جي پاڻي جون ضرورتون به پوريون ڪريو ٿو، هن وقت اڪرم واهه تي ڀاڙيندڙ آر ڊيون جن ۾ آر ڊي 110، آر ڊي 130، آر ڊي 192، آر ڊي 191، آر ڊي 382 توڙي آر ڊي 131 ۽ آر ڊي 193 شامل آهن. انهن جي حالت بنهه خراب آهي.

اڪرم واهه کي جتي مرمت ۽ پڪو ڪرڻ جي ضرورت آهي، اتي ان ۾ پاڻي جي چڱي خاصي مقدار کي ڇوڙ ڪرڻ جي به ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻي ۾ لاٿ اچڻ ۽ مرمت نه ٿيڻ جي ڪري واهه ۾ موجود پاڻي به ضايع ٿي ويندو آهي. ان واهه مان جيڪي ننڍيون شاخون نڪرن ٿيون، انهن جي حالت به ان ڪري خراب آهي جو ڪٿي انهن جي کاٽي ناهي ٿيل، ڪٿي اهي شاخون رڪارڊ ۾ ته پڪيون ٿيل آهن پر سرزمين تي اهي ڪچيون نظر اچن ٿيون، تنهنڪري پاڻي انهن ڳوٺاڻن تائين پهچي ئي نٿو، جيڪي مندائتا فصل پوکڻ کان پوءِ پاڻيءَ جو انتظار ڪندا رهندا آهن.

سنڌ ۾ آبپاشي نظام جي حوالي سان هڪ پاسي سنڌ جو آبپاشي کاتو ڪم ڪري رهيو آهي، ته ٻئي پاسي وري سنڌ ايريگيشن ائنڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) ڪم ڪري رهي آهي. ٻنهي ادارن جو ڪم پاڻيءَ جي ورڇ کي منصفاڻو بڻائڻ ۽ پوڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ آهي پر جڏهن ڳوٺاڻن کان انهن ادارن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ٿي ته اهي ڪيتريون ئي شڪايتون به ڪن ٿا ۽ پاڻي شاخن تائين نه پهچڻ جي ڪري پريشاني به ظاهر ڪن ٿا. پاڻيءَ تي مقامي آباديءَ کي اختيار ڏيڻ لاءِ سنڌ جي ٽن ايريا واٽر بورڊز (نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ، گهوٽڪي فيڊر ڪئنال ايريا واٽر بورد ۽ ليفٽ بئنڪ ڪئنال ايريا واٽر بورڊ) تي آبادگار تنظيمون يعني فارمر آرگنائزيشن ٺاهيون ويون آهن، جن وسيلي ايف او جا چونڊيل نمائندا ۽ پاڻيءَ جي ورڇ جا ذميوار هوندا آهن ۽ انهن کي پاڻيءَ تي اختيار حاصل هوندو آهن.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

ٽنڊي محمد خان ۾ اڪرم واهه مان نڪرندڙ ٽن شاخن گاجا، ڪنب ۽ بلڙي تي آباد ٿيندڙ زمين جي حوالي سان ڳوٺاڻا الڳ الڳ راءِ رکن ٿا. سندن چوڻ هو ته انهن کي پاڻي صحيح ملي ٿو، ڪنهن وٽ 9 ايڪڙ ٻني آهي ته ڪنهن وٽ 8 ايڪڙ به. پر کين اها به شڪايت آهي ته ٽنڊي محمد خان ۾ پاڻي جي چوري عام جام آهي ۽ ماڻهو لفٽ مشينن وسيلي پاڻي کڻي ويندا آهن، جنهن جي ڪري پوڇڙي وارو آبادگار گهڻو ڀوڳيندو آهي، ڇاڪاڻ ته کيس پاڻي گهٽ ملندو آهي. جڏهن ته شاخن کي لڳل گيٽ سالن کان مرمت نه ٿيڻ جي پاڻي وارا بندي جي ڏينهن ۾ پاڻيءَ جي وهڪري کي سٺي نموني روڪي نٿا سگهن. ڳوٺاڻن جو اهو به چوڻ هو ته ٽنڊي محمد خان واري علائقي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه سم نالا ضرور کوٽي ڏنا وڃن ته جيئن زمينون بنجر ٿيڻ کان بچي وڃن ۽ برساتن دوران پاڻي جو نيڪال سولائي سان ٿي سگهي.

ستار گهراڻو سوشل ايڪٽيوسٽ آهي. هن جو چوڻ هو ته “پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري گهڻو ڪري آبادگار روڊن تي ڌرڻا هڻندا رهندا آهن، جيئن ته ٽنڊو محمد خان واري پاسي سارين جو فصل گهڻو ٿيندو آهي ان ڪري اتي پاڻي جو مقدار به گهڻو گهربل هوندو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسين احتجاج ته ڪندا رهندا آهيون ته ادارن جي ڪن تي جونءِ ڪانه ٿي سري. ان ڪري. سيڊا ۽ آبپاشي کاتي وٽ پاڻي نظام هجڻ ڪري مسئلا پيدا ٿين ٿا، ان ڪري پاڻيءَ جي ورڇ وارو معاملو ڪنهن هڪ اداري وٽ هجڻ گهرجي، جيڪڏهن اهو آبپاشي کاتي وٽ هجي ته بهتر رهندو ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ پاڻيءَ جا سمورا معاملا آبپاشي کاتي وٽ هوندا هئا، جنهن جي ڪري آبادگارن لاءِ ايترا مسئلا نه ٿيندا هئا.”

فوٽو: اختر حفيظ

هن وقت سيڊا پنهنجي ايڪٽ ۾ ايف او عهديدارن ۾ عورتون جي شموليت کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪجهه ترميمون ڪري رهي آهي. ان حوالي سان اسٽرينٿنگ پارٽيسپيٽري آرگنائزيشن (ايس پي او) طرفان ڪجهه سيمينار ۽ تربيتون ڪرايون ويون، جن ۾ عورتن جي پاڻي معاملن ۾ شموليت جي حوالي سان به بحث مباحثا ڪيا ويا. ڇاڪاڻ ته عورت به هن سماج جي اسٽيڪ هولڊر آهي، تنهنڪري ان جو ڪنهن به شاخ تي ٺهندڙ ايف او ۾ عهديدار هجڻ لازمي آهي. هن وقت تائين سنڌ ۾ ٺهندڙ ايف اوز ۾ عورت عهديدارن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عورت پاڻي جي وڏي واهپيدار آهي ۽ کيس اها خبر آهي ته پاڻي بچائي ڪيئن سگهجي ٿو، تنهنڪري ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن عورتن کي ايف اوز ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو ته اهو هڪ ساراهه جوڳو عمل هوندو.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حَيظ

جيڪڏهن ڪنهن به ايف او تي عورت چيئرپرسن هوندي يا ڪنهن ٻئي عهدي تي هوندي ته اها پاڻيءَ جي معاملن کي بهتر نموني ڏسي سگهندي، جيڪڏهن اڪرم واهه تي موجود شاخن تي ٺهيل ايف او ۾ عورتن کي شامل ڪيو وڃي ته اتي موجود پاڻي جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا ۽ اهي پنهنجي پاڻيءَ جي مالڪي پاڻ به ڪري سگهن ٿيون، تنهنڪري شاخن توڙي واهن جي بحالي ۾ عورتن جي شموليت به بنهه گهڻي ضروري آهي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment