شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 21 - جنوري - 2021ع

سنڌ جو پر اڻو ۽ نئون پرائمري استاد


شام 07 لڳي 42 منٽ -جمعو 18 ڊسمبر 2020  72 
image-1

سنڌ جو اڄوڪو پرائمري استاد گهٽ ۾ گهٽ بيچلر جي سند سان گڏو گڏ تعليم پڙهائڻ واري سند به رکي ٿو. ان کان علاوه وقت بوقت کيس پڙهائڻ واريون سکيائون به ڏنيون وڃن ٿيون. ان باوجود به سندس ڪارڪردگي تعريف جوڳي نه آهي. جڏهن ته پڙهائي به رڳو ڪنهن هڪڙي درجي واري ڪلاس کي ٿو. انهن استادن مان اڪثريت اهڙن استادن جي آهي جن مان نه شاگرد مطمئن  آهن ۽ نه ئي وري والدين. انهن جي شاگردن متعلق اها راءِ هوندي آهي ته هي ڇوڪرو وري ڪٿي پڙهي سگهندو ڇو ته هن جو پيءُ ئي ڪونه پڙهيو. اهڙي استاد مان شاگردن سان همدردي جي اميد رکڻ به غلط رهندي. هي استاد صرف انهن سان دلچسپي ڏيکاريندو جن جا والدين ڪنهن سٺي عهدي تي فائز هوندا

 جڏهن ته پراڻي دور 1960کان 1995واري پرائمري استاد جي نه ايڏي گهڻي تعليم هوندي هئي، نه ان کي سکيا ڏني ويندي هئي، پر پوءِ به انهن استادن جي ڪردار ۽ پڙهائڻ جي تعريف توهان پنهنجي والدين يا مٽن مائٽن جي واتان ضرور ٻڌي هوندي. اچو ته هن استاد جي پيشيور زندگيءَ تي هڪ نظر وجهون. هن استاد جي تعليم ميٽرڪ کان مٿي نه هوندي هئي، ۽ هي استاد سڄي اسڪول جي سڀني درجي وارن کي پڙهائيندو هو

 پراڻي استاد جي هڪ نمبر خوبي اها هئي ته هو پنهنجي پيشي سان پيار ڪندو هو. شاگردن کي پنهنجائپ جو احساس ڏياريندو هو. جيڪڏهن ڪو مضمون يا حساب سندس گهٽ سمجهه ۾ ايندو هو ته ڪنهن ٻئي استاد کان سکندو هو. روزمره جا نوان اسڪولي، ٻارن جا نفسياتي ۽ معاشرتي مسئلا سکڻ ۽ سمجهڻ ۾ دلچسپي وٺندو هو. معنى هن جو هميشه سکڻ وارو سلسلو جاري هوندو هو. ان جو مطلب ته هو پڙهائڻ سان گڏوگڏ پاڻ کي پاڻ کي به سکيا ڏيندو رهندو هو، جنهن کي اڄڪلهه جي دور ۾  problem-based learning ۽ lifelong learning سڏيو وڃي ٿو. پاڻ کي پاڻ سکيا ڏيڻ وڌيڪ اثرائتي ۽ فائديمند هوندي آهي بجاءِ ان جي جو توهان کي ڪو ٻيو سکيا  ڏيئي. ڇو ته پاڻ مرادو سکيا ۾ شوق ۽ جستجو جا عنصر شامل هوندا آهن

ٻي خوبي ان استاد جي اها هئي ته هو ٻار جي فلاح و بهبود لاءِ ڪم ڪندو هو ۽ ان سان ڪا ذاتي رنجش نه رکندو هو. هن جي محنت ۽ سچائيءَ ۾ ڪوئي شڪ نه هوندو هو . هن جي اها تمنا ڪونه هوندي هئي ته ڪاش ماستري ڇڏي ڪنهن خزاني آفيس ۾ ڪلارڪ ٿي چار پئسا پوئن لاءِ ٺاهيان. والدين کي ان ڳالهه جو يقين هوندو هيو ته معاشري ۾ اسان کان پوءِ هي انسان اسان جي ٻار جي بهتر مستقبل لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. اهو ئي سبب هوندو هو ته جيڪڏهن استاد ٻار کي جسماني سزا به ڏيندو هو ته والدين استاد سان وڙهڻ ته ٺهيو پر منهن ماري به ڪونه ڪندا هئا. اهو استاد ٻين ماڻهن جا سماجي ڪم به ڪندو هو. اها ڳالهه لڪيل ڪونهي ته پيشي سان پيار، خود مرادو سکيا ۽ايمانداري سان ڪم ڪرڻ توهان کي اعلي مقام ۽ مطمئن ۽ ڪامياب زندگي ڏيئي سگهي ٿو، ۽ توهان ٻين ماڻهن لاءِ هڪ زميني ستارو هوندو

هن سڄي تحرير مان اهو مطلب وٺي سگهجي ٿو ته بهترين استاد اهو ٿي سگهي ٿو جيڪو سڄي عمر پنهنجي پيشي سان سچو رهي ۽ وقت سان گڏوگڏ پنهنجي ذات ۾ نئين علمن جي لاٽ ٻاريندو رهي. تدريس جي سکيا وٺڻ ۽ پوءِ ان کي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. دراصل علم تدريس اسان کان اها گهر ڪري ٿو ته اسان وقت سر ان کي پنهنجي ضرورت مطابق عمل ۾ آڻي نئين نسل کي اونداهي مان ڪڍي سگهون 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment