شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 17 - اپريل - 2021ع

يورپ جي سنڌي ڪميونٽي طرفان منعقد ڪيل ورچوئل ڪانفرنس


شام 03 لڳي 46 منٽ -خميس 17 ڊسمبر 2020  422 
image-1



يورپ ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽي طرفان گذريل آچر 13 ڊسمبر تي “سنڌ ڪلچر ڊي” جي مناسبت سان هڪ عاليشان ورچوئل ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ پوري يورپ ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽيءَ جي نهايت ئي پڙهيل، ڳڙهيل، اسڪالرز، ريسرچرز ۽ ڪاروباري شخصيتن ورچوئل نموني سان شرڪت ڪري پنهنجن تجربن آڌار پنهنجي پنهنجي شعبي جي حوالي سان تمام بهترين، پريڪٽيڪل ۽ اثرائتي ڄاڻ مهيا ڪئي ۽ سنڌ جي ماڻهن خاص ڪري تعليم يافته نوجوان طبقي جي باري ۾ انهن کي يورپ ۾ اعليٰ تعليم، روزگار ۽ خاص ڪري اسڪالرشپس جي حوالي سان نهايت ئي مفيد ۽ بنيادي ڄاڻ شيئر ڪري سنڌي نوجوانن ۾ اتساهه جو جذبو پيدا ڪرڻ جي نهايت ئي شاندار ڪوشش ڪئي. جنهن جي هن وقت سنڌ ۽ سنڌي نوجوان طبقي کي شخت ضرورت آهي. يورپ ۾ رهندڙ هيءَ سنڌي ڪميونٽي انهن اعليٰ تعليم يافته، ريسرچرز، اسڪالرز ۽ پي ايڇ ڊي هولڊرز تي مشتمل آهي، جن ۾ پوري يورپ جي ملڪن ۾ پنهنجي محنت جي ٻل تي پنهنجون صلاحيتون مڃرائي اسڪالرشپس ذريعي پنهنجون ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊيز جون ڊگريون حاصل ڪري چڪا آهن ۽ سنڌ جي انهن باصلاحيت نوجوانن مان مان ڪجهه اڃا پي ايڇ ڊيز جون ڊگريون وٺڻ لاءِ يورپ جي نهايت ئي معتبر ۽ دنيا جي ناليوارين يونيورسٽين ۾ اڃا پڙهي رهيا آهن. هن ڪانفرنس ۾ جرمني، آسٽريليا، سوئيٽزرلينڊ، هنگري، ناروي، فرانس، اٽلي، يونائيٽيڊ ڪنگڊم، سوئيڊن، فن لينڊ، آسٽريا ۽ ٻين ملڪن مان اسڪالرز شرڪت ڪري سنڌي نوجوانن کي پنهنجن تجربن جي بنياد تي پريڪٽيڪل ڄاڻ مهيا ڪئي ته ڪهڙي نموني سان مستقبل ۾ اڳتي وڌي سگهجي ٿو.

شاهه جا راڳي

ان سڄي ڪانفرنس ۾ زندگي ۽ مستقبل سان لاڳاپيل اهم موضوعن تي پراڊڪٽو بحث ڪيو ويو. ريسرچرز، اسڪالرز ۽ يورپ ۾ رهندڙ ڪامياب سنڌي ڪاروباري ماڻهن پنهنجن تجربن جي بنياد تي تمام ڪارآمد ڳالهيون ڪيون. اعليٰ تعليم، روزگار، اميگريشن، اسڪالرشپ ۾ اپلاءِ ڪرڻ واري مڪمل عمل ۽ انهن جي مڪمل شرطن ۽ لوازمات تي تمام اڪيڊمڪلي ۽ پروفيشنلي طريقي سان گائيڊ لائين ڏني وئي. ان ڪانفرنس ۾ سنڌ جي سريلي فنڪار سيف سميجو ۽ نوجوان اڀرندڙ راڳي وقار ملاح وقفي وقفي سان ڪلام ٻڌائي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.

هن ورچوئل ڪانفرنس کي منعقد ڪرڻ ۾ جنهن نوجوان جو تمام گهڻو اهم ڪردار رهيو، اهو آهي جرمني ۾ رهندڙ اياز محمود، جيڪو سنڌ جو هڪ قابل نوجوان آهي، جنهن پنهنجي اعليٰ تعليم جرمني مان ئي حاصل ڪئي آهي ۽ هاڻي اتي ئي رهي سنڌ جي نوجوانن جي پنهنجي هڪ يوٽيوب چينل ۽ ورچوئل نموني سان سنڌ جي شاگردن جي رهنمائي ڪري رهيو آهي. ان کانسواءِ جن اسڪالرز حصو ورتو ان ۾ جرمنيءَ مان سارنگ جوکيو، فن لينڊ مان سنجي ڪمار، سئيٽرزلينڊ مان رفيق وساڻ، هنگري مان احد خان، ناروي مان ڊاڪٽر عمير نجيب، آسٽريا مان علي عباس، هنگري مان سيم سنڌي، فرانس مان ڊاڪٽر ڪامران ڪنڀر، ايسٽونيا مان ڊاڪٽر يار محمد، اٽلي مان صدام شيخ، سوئيڊن مان ڊاڪٽر علي حسن سوڍر، يونائيٽيڊ ڪنگڊم مان ڊاڪٽر شاهده عبدالله دايو، شنڪر لال، واجد علي، منظر حسين، مهتاب علي، عادل علي، فهد قريشي ۽ غلام مرتضيٰ شرڪت ڪئي. انهن سڀني سنڌي اسڪالرز پنهنجن تجربن آڌار اڪيڊميڪ حوالي سان ۽ مستقبل جي موقعن جي باري ۾ سنڌ جي نوجوانن کي تمام مفيد ڄاڻ ۽ مشورا ڏنا. هيءَ ڪانفرنس ڇهن مختلف ۽ دلچسپ سيشنز تي مشتمل هئي، جن جو تفصيل هيٺ بيان ڪجي ٿو.

جامي چانڊيو

سڀ کان پهرين تعارفي سيشن جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان شروع ڪئي، ان کانپوءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي مومن علي جي ٽيم طرفان لائيو پيش ڪئي ۽ ان کانپوءِ هن سيشن جي خصوصي مهمان سنڌ جي ناليواري اديب جامي چانڊيو سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلچر جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته دنيا ۾ هر ڪلچر پنهنجي سماجي بيهڪ ۽ سماجي پيداوار مان ئي جنم وٺندو آهي. ڪلچر صرف ڪپڙا پهرڻ جو نالو ناهي، پر سماج جا خيال، فڪر، آدرش، قدر، احساس ۽ سماجي ريتون رسمون به ڪلچر جو حصو آهن. جنهن کي ئي زندگي جو طرز عمل چئبو آهي. دنيا جي اهڙي ڪابه قوم ناهي، جنهن جو سمورو ڪلچر بهترين ۽ مثبت هجي، ڪلچر جيئن ته ڪنهن به سماج جو منفي ۽ مثبت لاڙن جو مجموعو هوندو آهي. جنهن به سماج مان جيڪو ڪلچر اڀري ٿو، ان ۾ جتي تمام روشن خيال، حسين، انسان دوست ۽ تخليقي پاسا هوندا آهن ته ساڳئي وقت دنيا جي هر ڪلچر ۾ منفي پاسا به هوندا آهن ۽ ان حوالي سان مجموعي طور تي ڪلچر پرستي ڪو بهتر رويو ناهي، پر ڪلچر جا اهي پاسا فائديمند هوندا آهن، جيڪي پراگريسو، انسان دوست، امن دوست، انصاف دوست، روشن خيال هوندا آهن.

ڪانفرنس ۾  پرڏيهه مان شرڪت ڪندڙ

جامي وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي هن وقت تائين جيڪا تاريخ لکت جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهي، اها ٽن دورن تي مشتمل آهي. انهن ٽن دورن ۾ سنڌ جو ڪلچر هڪڙي ڊائنامڪ شڪل ۾ پئي تشڪيل ٿيو آهي ۽ جڙيو آهي. اسان کي 1500 سالا دراوڙ دور ملي ٿو، جيڪو اسان جي تاريخ جو هڪ حسين دور آهي. ان کانپوءِ سنڌ ۽ ننڍي کنڊ ۾ آرين جو دور آهي، جيڪو به تقريبن 1500 سالن جو دور آهي، آرين سنڌ جي ثقافت کي پنهنجو رنگ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. آرين جي زماني کانپوءِ سنڌ ۾ پنجين صدي عيسوي کانپوءِ هن وقت تائين مختلف دور رهيا آهن، جن جو سنڌي ڪلچر تي تمام گهڻو گهرو اثر رهيو آهي. سنڌ سدائين لاهن چاڙهن وارن دورن مان گذري آهي، سنڌ ڪڏهن غلامين جي شڪل اختيار ڪندي رهي ته وري ڪڏهن آزاد ٿيندي رهي، تاريخ ۾ ڪڏهن وري غلام ٿيندي رهي ته وري حصن ۾ به ورهائجندي رهي ۽ وري گڏجندي به رهي. پر سنڌ جي تاريخ جو اهو ڪمال آهي ته ان هزارين سالن جي سڄي تاريخي سفر کانپوءِ به سنڌ هڪ وطن طور اڄ اسان وٽ موجود آهي.

اياز محمود جرمني مان

جامي چانڊيو سنڌي ڪلچر جي مثبت پاسن تي ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ کي هڪ شڪل ۾ ڏسجي ته شاهه لطيف جو جيڪو فڪر ۽ فلسفو آهي، اهو سنڌ جي ثقافت جو مڪمل ڳر ۽ جوهر آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ جو هڪ اهڃاڻ آهي. ڇاڪاڻ ته شاهه جي شاعريءَ ۾ روشن خيالي به آهي ته ان ۾ تخليق به آهي. ان ۾ حسن ۽ جمال به آهي ته ان ۾ پنهنجي وطن ۽ پنهنجن ماڻهن جي مالڪي به آهي ۽ زندگي ڏانهن تمام حسين رويا به شاهه جي شاعريءَ ۾ موجود آهن.

اسحاق سميجو

سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جو جيڪڏهن ڪو نچوڙ ۽ جوهر آهي ته اهو عبداللطيف ڀٽائي جي شڪل ۾ اسان کي مليو، ان کانسواءِ 20هين صديءَ جي سنڌ جي مفڪرن جو به سنڌي ڪلچر ۾ پنهنجو پنهنجو نهايت ئي اهم ڪردار رهيو آهي. جامي سنڌ جي تاريخ تي ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سنڌ دنيا جي انهن تمام ٿورڙن خطن مان هڪ آهي، جن ڪڏهن به دنيا جي ٻين ماڻهن جي خطن کي فتح نه ڪيو، هتان جي ماڻهن ڪڏهن به ٻين قومن تي حملا نه ڪيا آهن، سنڌ جي ماڻهن تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجي وطن جو دفاع ته ڪيو آهي، پر خطن جي قومن ۽ ماڻهن جي ڪڏهن به بدخواهي ناهي ڪئي. ان جو ثبوت موهن جي دڙي ۽ ٻين قديم آثارن جي هن وقت تائين ٿيل کوٽائين مان ملي ٿو ته هن وقت جي کوٽائين مان انهن مان ڪي به هٿيار ناهن مليا، اهو سنڌ جي تاريخ جو هڪ حسين پاسو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ثقافت ۾ جيڪا انسان دوستي، امن دوستي ۽ لطيف جي ”عالم سڀ آباد“ ڪرڻ وارو جيڪو پاسو آهي، اهي سنڌ جي ڪلچر جا بنيادي قدر آهن، جيڪي اسان کي نظر اچن ٿا. هن 21هين صديءَ ۾ اسان کي گهرجي ته اسان جي جيڪا تاريخي حيثيت ۽ ورثو آهي، ان کي برقرار رکندي، هن جديد دور جي تقاضائن موجب پنهنجي ڪلچر جي مثبت لاڙن کي محفوظ ڪندي، اڄوڪي عالمي دور جي تقاضائن موجب سائنس، ٽيڪنالاجي، علم ۽ فهم ذريعي پاڻ کي وڌيڪ جوڙڻ کپي.

رفيق وساڻ سئٽرزلينڊ مان

سنڌ جي بهترين ڪالم نگار، ريسرچر ۽ سوئيٽرزلينڊ جي يونيورسٽي آف برن ۾ صوفي ازم تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ اينٿروپالاجسٽ رفيق وساڻ “سوئيس گورنمينٽ ايڪسيلنس اسڪالرشپ پروگرام” جي حوالي سان ٻڌائيندي چيو ته هيءَ اسڪالرشپ دنيا جي لڳ ڀڳ 100 ملڪن جي شاگردن لاءِ آهي، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي. هيءَ اسڪالرشپ تقريبن سڀني ڊسيپلينس ۾ ڏني پئي وڃي، جنهن ۾ سوشل/نيچرل سائنس ۽ ميڊيڪل سائنس شامل آهن. هيءَ اسڪالرشپ ماسٽرس، پي ايڇ ڊي ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ لاءِ ڏني ويندي آهي، هيءَ اسڪالرشپ فلي فنڊيڊ آهي. هن اسڪالرشپ ذريعي پي ايڇ ڊي جو عرصو 3 سال آهي. پي ايڇ ڊي لاءِ بهترين ريسرچ پروپوزل ئي اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. هن اسڪالرسپ جي ايپليڪيشن لاءِ سوئيٽرزلينڊ جي يونيورسٽين جي پروفيسرز جو ايڪسيپٽنس ليٽر تمام ضروري هوندو آهي، جنهن کانپوءِ ئي ڪاميابي يقيني بڻجندي آهي. هن اسڪالرشپ ۾ اپلاءِ ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته پنهنجي فيلڊ سان لاڳاپيل اتان جي يونيورسٽين جي پروفيسرز سان اي ميل ذريعي ڪميونيڪيشن ڪري پنهنجي ريسرچ جي حوالي سان انهن سان ڊسڪس ڪري، ڪنهن به هڪ پروفيسر کان ايڪسيپٽنس ليٽر وٺجي. هن اسڪالرشپ لاءِ پاڪستان ۾ موجود سوئيٽرزلينڊ جي ايمبيسي ۾ پهرين درخواستون جمع ٿينديون آهن ۽ اتان ئي آفيشل طريقي سان اهي ايپليڪيشنز ايمبيسي سوئيٽرزلينڊ ٽرانسفر ڪندي آهي.

سنجي ڪمار فن لينڊ مان

رفيق وساڻ سنڌ جي تصوف ۽ صوفي ازم تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو تصوف ڏاڍو پروگريسو آهي. سنڌ جي صوفي ازم ۾ رواداري، امن پسندي، برابري ۽ انسانيت جو پيغام آهي. رفيق وساڻ سچل سرمست جي بيت “جوئي آهيان سوئي آهيان، هندو مومن ناهيان” جو حوالو ڏيندي چيو ته سچل جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي پروگريسو صوفي ازم جو پسمنظر جهلڪي ٿو، جيڪو ڪنهن به مذهب، فرقي کان بالاتر آهي. ننڍي کنڊ ۾ خاص ڪري جيڪو تصوف آهي، اهو ٻين مسلم خطن جي تصوف کان مختلف آهي، سنڌ ۾ گهڻو ڪري تصوف شاعراڻي ۽ ادب جي صنف ۽ ميوزڪ جي ڪلچرل ايڪسپريشن جي صورت ۾ موجود آهي. رفيق وساڻ سنڌ جي صوفي ازم ۽ آئيڊينٽٽي تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ جيڪو صوفي شناخت وارو بيانيو آهي، ان ذريعي پاڪستان ۾ وڌندڙ بدامني ۽ انتهاپسنديءَ کي روڪي سگهجي ٿو.

ڪانفرنس ۾ ناروي مان ڊاڪٽر عمير نجيب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته يورپ جي هن وقت ڪل آبادي 743 ملين آهي ۽ يورپ هن وقت ترقي جي حوالي سان دنيا جو معاشي حب آهي، هتي نوجوانن لاءِ مستقبل جا تمام گهڻا موقعا ميسر آهن، سنڌ جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ گهرجي.

گل ميتلو انگلينڊ مان

هن پوري ورچوئل ڪانفرنس کي منعقد ڪرڻ ۾ جرمنيءَ ۾ رهندڙ سنڌ جي جنهن نوجوان اياز محمود جو تمام گهڻو اهم ڪردار رهيو. هن جرمني ۾ اعليٰ تعليم جي موقعن ۽ نوڪرين جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪي نوجوان جرمني اچڻ چاهين ٿا ته سڀ کان پهرين اهي پاڪستان ۾ ئي جرمن ٻولي جو ڪورس ڪري اچن ته انهن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. جرمن ٻولي لاءِ اي ون ۽ اي ٽو ليول جا ڪورس پاڪستان ۾ رهي ڪري ئي سکي سگهجن ٿا، ائين ڪرڻ سان نوجوانن کي هتي اچڻ کانپوءِ انهن کي معاشي حوالي سان تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ انهن کي اسڪالرشپس آساني سان ملي سگهن ٿيون. جيڪڏهن نوجوان اهي ئي لينگويج ڪورس جرمنيءَ ۾ ئي اچي سکندا ته اهي انهن لاءِ تمام مهانگا ثابت ٿيندا ۽ انهن تي تمام گهڻو پيسو به لڳندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جرمنيءَ ۾ هن وقت نوڪرين جا به تمام گهڻا موقعا ميسر آهن. خاص ڪري ڪووڊ-19 کان پوءِ هن وقت جرمنيءَ ۾ نرسن جون 65 هزار جايون خالي آهن، سنڌ جي نياڻين کي خاص طور جرمن لينگويج ڪورس سکي ڪري اپلاءِ ڪرڻ گهرجي. اياز محمود وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جرمنيءَ ۾ آءِ ٽي، مڪينيڪل، سافٽ ويئرز ۾ نوجوانن لاءِ تمام گهڻا موقعا ميسر آهن. جرمني دنيا جو هڪ اهڙو ملڪ آهي، جيڪو ايجوڪيشن فري ۽ ميڊيڪل فري ملڪ آهي، دنيا جون ٽاپ ليول جي گاڏين ۽ ٻين مختلف شين جون ڪمپنيون جرمنيءَ ۾ ئي آهن. هايئر ايجوڪيشن کانپوءِ نوڪرين جا امڪان به تمام گهڻا هوندا آهن. ان سان گڏ جرمنيءَ جو ڪلچر تمام بهترين آهي.

ڊاڪٽر شاهده انگلينڊ مان

سيف سميجو

يونائيٽيڊ ڪنگڊم مان ڊاڪٽر شاهده ڳالهائيندي چيو ته سڀ کان پهرين نوجوانن کي پنهنجي مستقبل جي باري ۾ ڪليئر اميج ٺاهڻ گهرجي ته انهن کي ڪرڻو ڇا آهي؟ ان کان پوءِ ملڪن ۽ يونيورسٽين جي ڪورسز کي پنهنجي فيلڊ سان ڀيٽي انهن ۾ اپلاءِ ڪجي. دنيا جون تقريبن يونيورسٽيون انڊيوائيڊيوئل اسڪالرشپس به مهيا ڪن ٿيون. جن جي باري ۾ نوجوانن کي پنهنجي چاهه سان اڳتي اچي اپلاءِ ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر شاهده خاص ڪري سنڌ جي نياڻين لاءِ پيغام ڏيندي چيو ته سنڌ جون نياڻيون جيترو ممڪن ٿي سگهي دنيا جي ترقي يافته ملڪن ڏانهن پنهنجي اعليٰ تعليم لاءِ اچن، انهن لاءِ هتي هر قسم جو محفوظ ماحول آهي ۽ مستقبل جا تمام گهڻا روشن موقعا نڪرن ٿا.

يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۾ 20 سالن کان مقيم علي ميتلي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ جيترا ماڻهو رهن ٿا، اوترا ئي سنڌي ماڻهو پوري دنيا جي ٻين مختلف خطن ۾ به رهن ٿا. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪڙو اهڙو نيٽ ورڪ هجي، جنهن ذريعي انهن ٻاهر رهندڙ سنڌين کي گڏ ڪجي ۽ ملي جلي باقي سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل جي باري ۾ به سوچجي ۽ انهن جي هر حوالي سان سهائتا ڪجي ۽ انهن کي گائيڊ لائين ڏجي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته دنيا جي 150 ملڪن ۾ سنڌي آرگنائيزيشنز آهن، تنهنڪري هڪ اهڙي گڏيل پليٽ فارم جي تمام گهڻي سخت ضرورت آهي، جنهن ذريعي سنڌ جي نوجوانن جي هر طرح سان سهائتا ڪري سگهجي.

سنجي ڪمار ڳالهائيندي چيو ته اڄڪلهه فري ۽ مفيد انفارميشن جي تمام گهڻي کوٽ آهي، هن پليٽ فارم ذريعي اسان جي اها ئي ڪوشش آهي ته نوجوانن کي مفيد، ڪارآمد ۽ وقتائتي فري انفارميشن مهيا ڪجي ته جيئن اهي پنهنجو مستقبل سنواري سگهن. اٽلي مان سيم سنڌي ڳالهائيندي چيو ته اٽلي ۾ اسڪالرشپ جا تمام گهڻا موقعا آهن، هتي آسان طريقي سان آن لائين ايپليڪيشنز ذريعي اپلاءِ ڪبو آهي، نوجوان هن طرف راغب ٿين.

هن ڪانفرنس ۾ هڪ سيڪشن شاعري پڙهڻ لاءِ به مختص ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ مان ڊاڪٽر اسحاق سميجو، خليل ڪنڀار ۽ علي دوست اعجاز شرڪت ڪري بهترين شاعري پڙهي پيش ڪئي.

جيڪڏهن مجموعي طور تي هن ورچوئل ڪانفرنس تي سرسري جائزو وٺجي ته، پوري يورپ ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽي طرفان سنڌ جي ڪلچر ڊي جي حوالي سان هيءُ هڪ شاندار ايوينٽ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پوري يورپ ۾ ۽ دنيا جي ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ پنهنجي اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ پي ايڇ ڊي اسڪالرز پنهنجن تجربن، ڪارآمد مشورن، ڪاميابي جي رازن تان پردو کنيو ۽ سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل جي باري ۾ پنهنجا ڪارآمد مفيد مشورا ڏنا، جيڪا قابل تعريف ڳالهه آهي. سنڌ جي نوجوانن کي هن وقت ڪيريئر ڪائونسلنگ جي تمام سخت ضرورت آهي ۽ سنڌ جي نوجوانن کي به گهرجي ته اهي پنهنجو وقت وڃائڻ بدران پنهنجي مستقبل جي باري ۾ سوچي سمجهي سنجيدگي سان اڳتي وڌن ته ڪاميابي توهان جا قدم چمندي.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment