شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 29 - نومبر - 2020ع

سنڌ ۾ مدرسن جي ڪريل تعليمي معيار جا ڪارڻ


صبح 12 لڳي 28 منٽ -جمعو 13 نومبر 2020  74 
image-1

سنڌ ۾ مدرسن جي تعليم ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي تائين تعريف جوڳي هئي. ان کان پوءِ ان جو آهستي آهستي معيار ڪرندو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ اڄوڪي فارغ التحصيل مان ڪنهن علمي ڳالھ ڪرڻ جي اميد ته ٺهيو پر انهن ۾ ديني تبليغ ڪرڻ جي صلاحيت نه هجڻ سان گڏوگڏ ڪنهن شرعي مسئلي جي ڄاڻ به نه آهي

جيئن ته اهو ضروري نه آهي ته جيڪو استاد مدرسي ۾ تدريسي عمل ۾ بهتر ھجي ته اهو سماجي طور تي به سرگرم هجي، ۽ ان کي مختلف ماڻهن سان سياسي گفتگو جو شوق يا فن ھجي، يا ان کي ڪنهن سياسي پارٽي ۾ دلچسپي هجي يا ان پارٽي جا گڻ ڳائيندو هجي. هڪ استاد ٿيڻ يا هجڻ لاءِ اهي مهارتون هجڻ لازمي به نه آهن. جيڪڏهن استاد لاءِ جديدترين مهارتن جي هجڻ تي به نظر وجھبي ته ان ۾ به استاد جو سياسي هجڻ غير ضروري آهي

خاص طور تي سنڌ جي مدرسن ۾  مذهبي سياسي پارٽين ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ پير ڄمائڻ شروع ڪيا. جنهن ۾ مدرسي جي استادن تي اها ڳالهه عائد ڪئي وئي ته استاد ان سياسي عمل ۾ پاڻ به حصو وٺن، سٺا سياسي ڪارڪن ٿين ۽ ماڻهن کي به ان ۾ شموليت لاءِ بيدار ڪن، ان عمل کي مذهبي رنگ پڻ ڏنو ويو. مدرسي جي استادن لاءِ پوءِ تعلقي ۽ ضلعي سطح تي مذھبي سياسي پارٽين جا ننڍا ڍانچا ٺاهيا ويا، جنھن ۾ مختلف استادن کي عهدا ڏنا ويا، جهڙوڪ، ضلعي جو امير، تعلقي جو امير، ديھ جو نمائندو، وغيره. آهستي آهستي مدرسن ۾ ديني ۽ اسلامي شريعتن جي بحثن جي جاءِ پارٽي جي فلاحي ڪمن ۽ مشورن ورتي. سٺن استادن جي جاء پارٽي جي عهديدارن ورتي، سٺو استاد هونئن ئي سياست ۾ سرگرم نه هو، نه ئي ان کي عهدي جي لالچ هئي

عوام جي ثواب جي نيت سان ڏنل چندي مان پارٽي جا جلسا ڪرايا ويا. اتي جڏهن انهن استادن جا نعرا لڳايا ويا جيڪي سٺا مبلغ نه پر سياسي پارٽي ۾ سرگرم هئا، کين ميڊيا جي ساهتا حاصل ٿي ۽ ماڻهن جي ڳالهين جو مرڪز بڻيا. هاڻي اتي معاشرتي عزت جو معيار مٽجي ويو. سٺن پڙهائڻ وارن استادن جي عزت گهٽجندي وئي. مدرسن ۾ اهو ٻڌايو، سمجهايو ۽ احساس ڏياريو ويو ته پارٽي جو سٺو ورڪر ۽ حمايت ڪرڻ وارو ئي سٺو مسلمان ۽ اسلام جي خدمت ڪرڻ وارو آهي.جن جلسن ۾ عالم واعظ ڪري ماڻهن کي اسلام جي احڪامن ۽ قرآني قصن کان آگاه ڪندا هئا ۽ حديث جا درس ڏيندا هئا، هاڻي اتي صرف پارٽي جا نعرا ۽ ان جو شان ٻڌايو پيو وڃي، پارٽي جي بقا کي اسلام جي بقا سمجهايو پيو وڃي. اهڙن جلسن ۾ مدرسي جي طالبن جي شرڪت به يقيني بڻائي وئي. انهن سرگرمين نه صرف مدرسن جي تدريسي عمل جي ڪاڪردگي متاثر ڪئي پر طالبن جي دين سکڻ واري شوق جو رخ موڙي ڇڏيو ۽ مدرسن ۾ پڙهائڻ وارن استادن کي گهٽ نگاه ۽ اٻوجھ سمجھو ويو

آهستي آهستي مدرسن جي درسي نظام جي جاءِ پارٽي جي پرگهور ۽ ڪمن ورتي.جنهن جي نتيجي ۾ مدرسي مان پڙهي فارغ ٿيل طالبن وٽ نه ڪا ديني ڄاڻ آئي نه ڪو هنر، سواءِ سياسي ڄاڻ ۽ پارٽي جي حمايت ڪرڻ جي. انهن صرف اهو سکيو ته ماڻهن کي پنهنجو گراهڪ ڪيئن بڻائجي ته جيئن ماڻهو سندن ضرورتن کي الله ۽ رسول جي اطاعت سمجهي پورو ڪن. اهي هر جگھ تي هن حديث جو حوالو ضرور ڏيندا ته العلماء ورثة الانبياء، "علماء نبين جا وارث آهن". ڇا اها حديث اهڙي طريقي واري مرحلي مان پڙهي نڪرڻ وارن لاءِ آهي؟ 

اسلام ۾ مذهبي عملن کي بجا آڻڻ لاءِ پيشاور هجڻ جو تصور ڪونھي، هر مسلمان کي نماز پڙهڻ ۽جنازو پڙهائڻ سان گڏ پنهنجي اولاد جو نڪاح پڙهائڻ به اچڻ گهرجي. جيسيتائين اسان پاڻ قرآن ۽ ان جو تفسير ۽ حديثن جا ڪتاب نه پڙهندا سين تيستائين اسان قرآن جي حڪمت ۽ روحاني فيض کي نه پرائي سگهنداسين، پوءِ اسان جو مثال ائين ئي هوندو جيئن بغير انٽرنيٽ جي موبائل فون

جيڪڏهن مدرسي جي طالبن کي سياست کان پري رکيو وڃي ۽ انهن کي مدرسي ۾ ديني تعليم سان گڏوگڏ ماضي وانگر هنر به سيکاريا وڃن، تہ پو اسان جو معاشرو اهڙن ماڻهن تي مبني ٿي ويندو جيڪي ايمانداري ۽ ديانتداري سان معاشري جي خدمت سان گڏ ماڻهن جي عملي طور اصلاح به ڪرڻ وارا هوندا. اهڙي طرح اسان هڪ بهترين معاشري جو ٻيهر بنياد وجهي سگھون ٿا ۽ نتيجي جي طور تي آسان ۽ سڪون واري ز ندگي گذاري سگھون ٿا

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment