شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 29 - نومبر - 2020ع

تعليم جي نالي تي معصوميت سان ظلم


صبح 01 لڳي 55 منٽ -اربع 28 آڪٽوبر 2020  418 
image-1

جديديت جي تحفن منجهان هڪ تحفو ارلي چائلڊھڊ ايجوڪيشن آهي جنهن جو مطلب آهي ٻار کي انتهائي ننڍي عمر کان ئي اسڪول اماڻڻ. ان کي نرسري، پري نرسري، ڪي جي، مونٽيسري ۽ پلي گروپ جهڙا خوبصورت نالا ڏنا ويا آهن. ٻار اڃان صحيح طرح سان ڳالهائڻ به نه سکي ٿو جو مائٽ سندس لاءِ اسڪول ڳولهڻ شروع ڪن ٿا.

اسان جي معاشري ۾ والدين کي ننڍن ٻارن (3-5 سال جي عمر) کي اسڪول موڪلڻ  جا گهٽ ۾ گھٽ ھيٺيان سبب ذھن ۾ ھوندا آھن:
1. تعليم ڏيارڻ

 2. اسڪول وڃڻ جي ھيروجهڻ

 3. ٻارن مان 5-6 ڪلاڪ جان ڇٽي تہ پنھنجا ٻيا ڪم ڪار ڪجن.

پھرين ٻن سببن ۾ والدين جي ٻار سان سچائي ظاھري تہ نظر اچي ٿي، پر ڇا واقعي اھا ٻار سان سچائي آهي يا والدين جي طرفان لاشعوري ۾ مٿس ڪا زيادتي تہ نہ ٿي رهي آهي؟ ننڍي عمر جي ٻار کي  بنيادي طور تي هڪ پنهنجي والدين جي سنگت ۽ صحبت وڻندي آهي ۽ ٻيو پنهنجي هم عمر ٻارن جي. باقي عارضي طور تي ڪنهن ٻئي سان بہ وقت گذاري ويندو آهي.

ان ڳالھ جي مڃڻ کان ڪو بہ انڪار نہ ڪندو ته جڏهن ٻار پاڻ کي غير محفوظ ۽ ڀؤ واري حالت ۾ ڏسندو آهي ته هو پيء کان به وڌيڪ ماء کي مدد لاءِ ياد ڪندو آهي. ننڍي عمر ۾ اسڪول وڃڻ جي صورت ۾ڀؤ واري ڪيفيت کي بار بار منھن ڏيڻ وقت والدين جو ٻار سان ساڻ نه هئڻ، ٻار جو والدين مٿان ھڪ مخصوص ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ وارو اعتماد ختم ٿي ويندو آهي. اھا وڌندڙ ڪيفيت ٻار کي مايوس، لاچار ۽ ذھني دٻاءُ جو شڪار ڪندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ سندس تعليمي شوق گهٽبو ويندو آهي.

ٻئي پاسي اسڪولن ۾ جيڪي استاد گهٽ ھوشيار ۽ بي صلاحيت ھوندا آھن انھن کي ننڍن ٻارن کي پڙهائڻ جو ڪم ڏنو ويندو آهي، صرف ان ڳالهه کي مد نظر رکندي تہ نصاب سولو آهي ۽ اھو هر استاد پڙهائي ويندو. اڳ ۾ ٻار جون پنھنجيون پريشانيون گهٽ ھيون جو مٿس اھو نا اهل استاد ٿاڦيو ويو ۽ کيس اهو احساس ڏياريو ويو ته هن ماڻهوء سان هر حال ۾ تو کي نڀائڻو آهي، ۽ ان جي غلط ۽ صحيح عملن ۽ عقيدن مطابق تو کي پابنديء سان ھلڻو آهي.

ننڍو ٻار ھڪ نئين ميويدار ٻوٽي جي مثال آهي. ان کي فيالحال سٺي غذا جي ضرورت آهي. ان جي تيستائين حفاظت ڪرڻي آهي جيسيتائين ھو مٽجندڙ موسمن ۽ ھوائن سان پاڻ منهن ڏئي وڃي.
ننڍي ٻار لاءِ پھريون اسڪول سندس
گهر هوندو آهي، ۽ ان جا پھريان استاد ان اسڪول ۾ ان جا والدين هوندا آھن. والدين کي پھريان پاڻ  کي سکيا وٺڻ کپي ته ٻارن لاءِ ڪھڙي غذا بھتر آهي؟ کين گهر ۾ بھترين ماحول ڪيئن ڏجي ته جيئن ٻار پنهنجي گهر ۾ پاڻ کي محفوظ سمجهن؟  ٻارن کي معاشرتي بيمارين، جھڙوڪ ٻين جي گلا ڪرڻ، ٻين کان پاڻ کي مٿاھون سمجهڻ، ٻين جا عيب ڪڍڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ اهڙن ٻين انيڪ خراب عملن کان بچائڻ والدين جي ذميواري هوندي آهي. پراين شين کي پنهنجو سمجهڻ به ٻار والدين جي رويي مان سکندو آهي.

ننڍي ٻار جي ذهن ۾ هڪ بالغ جي مقابلي ۾ شين کي سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جو وڌيڪ تجسس هوندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هو "ڇو" سان سوال پڇندو آهي. هو ڄاڻڻ چاھيندو آهي ته ڪنهن به عمل جي پويان ڪھڙا سبب ۽ دليل آ ھن. والدين "ڇو" واري سوال جو جواب يا ته ان ڪري نه ڏيندا آهن ته سندن موڊ صحيح نه ھوندو آھي يا وري سوچيندا آهن ته اھو ھن جي سمجه واري دائري کان ٻاهر آهي. ھر "ڇو" جو جواب عمر مطابق ڏئي سگهجي ٿو. دراصل والدين جو اھو
رويو ٻار کي اھو سيکاري ٿو ته هر سوال جو جواب ضروري ناهي ته ڏجي ۽ ٻار جي ڳالهائڻ ۽ ڳالھ کي سمجهڻ جي صلاحيت  کي پڻ گهٽائي ٿو.

تعليم جو مقصد لکڻ، پڙھڻ، ۽ حساب سکڻ ته آهي ئي آهي پر تعليم جو خاص مقصد اهو هوندو آهي ته پاڻ سان ۽ ٻين سان بھتر نموني ڪيئن معاملو ڪجي؟ ٻين جي دليلن کي ڪيئن سمجهجي ۽ پنهنجو دليل ٻين کي ڪيئن سمجهائجي؟ پنهنجي شخصيت جي اصلاح ڪيئن ڪجي؟ اهي سڀ شيون ٻار اسڪول کان وڌيڪ پنهنجي ماء پيء کان سهڻي نموني سکي سگهي ٿو. اولاد جي پرورش انسان کي ھڪ سٺو انسان ٿيڻ جو موقعو پڻ ڏيندي آھي، جيڪو اسان لاشعوري ۾ کيس ننڍڙي عمر ۾ اسڪول موڪلي ضايع ڪري ڇڏيندا آھيون. 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment