شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 20 - آڪٽوبر - 2020ع

پاڪستان ۾ وڌندڙجنسي ڏاڍائي جا واقعا ۽ ادارن جي ڪارڪردگي


شام 04 لڳي 33 منٽ -آچر 27 Sep 2020  161 
image-1


هن وقت پاڪستان دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي، جيڪو ائٽمي طاقت هئڻ جي باوجود به هر قسم جي سياسي ۽ سماجي بحرانن جي آماجگاهه بڻيل آهي. زندگي سان لاڳاپيل هر شعبو هن وقت بحران جي ور چڙهيل آهي. پاڪستان جن سياسي ۽ سماجي مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي، انهن ۾ مهانگائي، بيروزگاري، غربت، مذهبي فرقيواريت، چائيلڊ ليبر، گهرو تشدد، خودڪشي، ڪارو ڪاري، انساني حقن جي لتاڙ، ڪرپشن، منشيات فروشي، اغوا جون وارداتون ۽ ريپ جا وڌندڙ ڪيس آهن.

جيئن ليبارٽرين ۾ مختلف قسم جا تجربا ڪيا ويندا آهن، اهڙي ريت پاڪستان جي سرزمين هڪ اهڙي سياسي تجربيگاهه آهي، جتي سياسي حوالي سان 1947ع کان وٺي مختلف تجربا ئي ڪيا ويا آهن ۽ انهن تجربن جي ڪري ئي پاڪستان دنيا ۾ ترقي يافته ملڪن جي صف مان ٻاهر نڪتل آهي. هتي شروع کان وٺي جمهوريت کي پاسيرو رکي ادارن کي پنهنجي مرضي سان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جيتريون توانائيون مختلف تجربن تي ضايع ڪيون ويون آهن، جيڪڏهن اهي سڀ توانائيون پاڪستان کي ترقي وٺرائڻ ۽ هتان جي ادارن کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪتب آنديون وڃن ها ۽ هتان جي عوام جي مستقبل باري ۾ سوچيو وڃي ها ته اڄ پاڪستان دنيا جو هڪ ترقي يافته ۽ معاشي، سياسي ۽ سماجي طور مضبوط ترين ملڪ بڻجي چڪو هجي ها.

هن وقت پاڪستان ۾ جهنگ جو قانون لاڳو آهي، جيڪو ڏاڍو سو گابو واري ڪار آهي. ان کانسواءِ ڏاڍي لا هڪ نظام ته وري هيڻي لا قانون جي پيمائش جا ماپا ئي الڳ آهن، غريب ماڻهو ٻڪري جي چوري ۾ سالن جا سال قيد ٿو ڪاٽي ته اربن ۽ کربن جي ڪرپشن ڪندڙ سياستدان ۽ طاقتور ترين شخصيتون قانون کان مٿانهيون بڻيل آهن. انهن تي ڄڻ ته دنيا جو ڪنهن به قسم جو ڪو قانون لاڳو ئي نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته اهي قانون کان به مٿانهيون شخصيتون ليکيون وڃن ٿيون.

هن وقت پاڪستان ۾ هر ننڍي وڏي ڳوٺ کان ويندي هر شهر ۾ ريپ جا واقعا وڌي رهيا آهن. هر روز اخبارن، ٽي وي چينلن ۽ سوشل ميڊيا تي رپورٽ ٿيندڙ ايڏي وڏي انگ ۾ ريپ جي ڪيسن کي ڏسندي محسوس ٿي رهيو آهي ته هي سماج جنسي ۽ نفسياتي بيمار ٿي چڪو آهي. حڪومتي سطح تي اهڙا ڪي سگهارا پروگرام شروع ڪيا وڃن، جن ذريعي هر ننڍي ڳوٺ کان ويندي هر وڏي شهر ۾ ماڻهن جي جنسي ۽ نفسياتي حوالي سان ڪائونسلنگ ڪئي وڃي. پاڪستان جي تاريخ ۾ اڻ ڳڻيا اهڙا ريپ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جن کي ٻڌڻ سان ئي جسم ۾ ڏڪڻي وٺيو وڃي ۽ انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي پوي ٿو.

2020ع جي ”ساحل“ تنظيم پاران جاري ڪيل سروي موجب هلندڙ سال جي جنوري مهيني کان جون تائين 1489 ريپ جا ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جن مان 173 ڪيسن ۾ ٻارڙن ۽ ٻارڙين سان گينگ ريپ ڪيو ويو، 38 کان مٿي معصوم ٻارڙن کي زيادتي کانپو بيدرديءَ سان قتل به ڪيو ويو، ان کانسواءِ جيڪڏهن گذريل سال 2019ع جو جائزو وٺجي ته ان سڄي سال ۾ ان ساڳئي ئي تنظيم ”ساحل“ پاران گڏ ڪيل انگن اکرن موجب 2846 ريپ جا ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 53 سيڪڙو پنجاب ۾، 30 سيڪڙو ڪيس سنڌ ۾، 7 سيڪڙو ڪيس اسلام آباد ۾، 6 سيڪڙو ڪيس خيبرپختونخواهه ۾، 2 سيڪڙو ڪيس بلوچستان ۾ رپورٽ ٿيا. ان کانسواءِ علائقي جي حساب سان درجابندي ڪجي ته 64 سيڪڙو ڪيس ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ۽ 36 سيڪڙو ڪيس شهري علائقن ۾ رپورٽ ٿيا. انهن ريپ جي وارداتن ۾ 3722 جوابدارن جي سڃاڻپ به ٿي، پر مجموعي طور انهن جوابدارن کي ڪي خاطر خواهه سزائون به نه آيون، انهن سڀني ڪيسن جو جائزو وٺجي ته خبر پوندي ته انهن ريپ ڪندڙ جوابدارن مان 2222 جوابدارن جي شناخت انهن جي پنهنجي ئي واسطيدارن طور ٿي. اهي انگ اکر اهي آهن، جيڪي ميڊيا تي رپورٽ ٿيا، پر انيڪ ڪيس اهڙا به هوندا جيڪي مختلف سببن جي ڪري منظرعام تي به نه اچي سگهندا آهن. مختلف ادارن جي تصديق ٿيل رپورٽن موجب پاڪستان ۾ هر روز گهٽ ۾ گهٽ 8 کان 10 ٻارڙن سان جنسي زيادتي ٿي رهي آهي.

هلندڙ سيپٽمبر جي مهيني جي 9 تاريخ تي لاهور-سيالڪوٽ موٽروي تي هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جنهن پوري پاڪستان سميت انٽرنيشنل ميڊيا تي ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو. ان رات فرانس سان واسطو رکندڙ هڪ ما پنهنجن ٻن ٻارڙن سان گڏ سفر ڪري رهي هئي ته وچ موٽروي تي ان جي گاڏيءَ جو پيٽرول ختم ٿي ويو، جنهن ڪري هن ايمرجنسي نمبر ڊائل ڪرڻ سميت هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ مدد جي اوسيئڙي ۾ ڪار جا شيشا لاڪ ڪري ٻارڙن سان گڏ ڪار ۾ پريشاني واري عالم ۾ ويٺي هئي ته ڦر جي ارادي سان هٿياربندن اچي ان جي ڪار کي گهيريو ۽ ان جي ڪار جا شيشا ڀڄي کيس ۽ سندس ٻارڙن کي ڪار مان لاهي زبردستي انهن کي روڊ کان هيٺ فصل ۾ وٺي وڃي ڦرلٽ ڪرڻ کانپو هٿيارن جي زور تي عورت سان ان جي ٻارڙن جي سامهون ڏاڍائي ڪئي وئي ۽ ان سان گينگ ريپ ڪيو ويو. ان واقعي جي خبر پاڪستان سميت انٽرنيشنل ميڊيا تي باهه جيان پکڙجي وئي ۽ اگهور ننڊ ۾ ستل ادارا سجاڳ ٿيا، عوام طرفان تمام وڏي پيماني تي ان ايڏي بدترين واقعي خلاف هر فورم تي انسانيت جو درد رکندڙ انسان مذمت ڪئي ۽ مجبورن قانون کي به حرڪت ۾ اچڻو پيو. اهڙي نموني ان ڪيس جي پوئواري ٿي ۽ هن وقت تائين اصل مجرم فرار آهي. جيڪا رياستي ادارن جي نااهلي ۽ انهن جي منهن تي چماٽ آهي. ان ايڏي وڏي واقعي ٿيڻ جي باوجود وري سي سي پي او لاهور عمر شيخ بيان جاري ڪيو ته ”موٽروي تي سفر ڪرڻ مهل عورت گهران نڪرڻ وقت پيٽرول چيڪ نه ڪري پاڻ وڏي غلطي ڪئي“. هاڻي جي پوليس ۾ اهڙا ئي غيرذميوار قسم جا آفيسر هوندا ته ملڪ ۾ ته جهنگ جو ئي قانون لاڳو هوندو، اهو ئي وڏو سبب آهي جو پاڪستان ۾ ريپ جا ڪيس ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن.

هن وقت پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ بڻجي چڪو آهي، جتي هر عمر جي عورت ۽ ٻارڙن سان ريپ جا واقعا پيش ايندا رهن ٿا، ايستائين جو هاڻي ته ٻڪرين ۽ ٻلين سان به ريپ جا واقعا رپورٽ ٿي رهيا آهن. اها آهي هتان جي ملڪ جي انساني حقن ۽ جانورن جي حقن جي حالت. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ويجهي ماضي ۾ تمام وڏا ها پروفائيل ريپ جا ڪيس اخبارن جي رپورٽ ٿيندا رهيا آهن، جن جو سرسري جائزو هن ريت آهي.

2002ع ۾ پرويز مشرف واري دور ۾ پنجاب ۾ 30 سالن جي نوجوان عورت مختاران مائي سان پنجائت جي حڪم تي گينگ ريپ ڪيو ويو، جنهن واقعي کي پنجائت طرفان ”عزت جو بدلو“ نالو ڏنو ويو، جنهن تحت مختاران مائيءَ سان ماڻهن جي موجودگي ۾ ان جي ڀا کان عزت جو بدلو وٺڻ لا سندس ڀيڻ سان گينگ ريپ ڪيو ويو ۽ ان جي تذليل ڪئي وئي، ان کانسواءِ پرويز مشرف جي دور ۾ ئي بلوچستان ۾ هڪ ٻيو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ شازيه خالد نالي عورت سان ڊيره غازي خان جي پوليس اسٽيشن ۾ ريپ ڪيو ويو. ان وقت رياست جي ڪرتا ڌرتا پرويز مشرف بيان ڏنو هو ته اڄڪلهه عورتون ماڻهن تي ريپ جو الزام لڳائي، پو ٻاهرين ملڪ وڃي رهائش اختيار ڪري زندگي عيش سان گذارين ٿيون. اها ئي روش رهي آهي هتان جي حڪمرانن جي. ان کانپوءِ وري 2007ع ۾ هڪڙو اهڙو ڪيس سامهون آيو، جنهن انسانيت جا ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيا، 13 سالن جي اسڪول جي شاگردياڻي ۽ سنڌ جي نياڻي ڪائنات سومرو سان چئن ڏينهن تائين گينگ ريپ ڪيو ويو. ان کانپوءِ وري هڪ ٻيو ها پروفائيل ڪيس رپورٽ ٿيو، جنهن کي ملڪ سميت انٽرنيشنل ميڊيا ۾ تمام گهڻي ڪوريج ڏني، ٿيو ائين جو 4 جنوري 2018ع ۾ قصور جي علائقي ۾ 7 سالن جي ننڍڙي ٻارڙي زينب سان جوابدار ريپ ڪري ان کي قتل ڪيو، ڪجهه ڏينهن جي ڳولها کانپو جڏهن ننڍڙي ٻارڙي جو لاش مليو ته وڏي جدوجهد کانپو قانون جا هٿ جوابدار جي گريبان تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ان جوابدار جي عمران علي طور سڃاڻپ ٿي ۽ ان کي گرفتار ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ۽ اينٽي ٽيررزم ڪورٽ لاهور طرفان کيس مجرم قرار ڏيندي ڦاسي جي سزا ڏني وئي ۽ اهڙي ريت جوابدار عمران علي کي ڦاسي تي تختي تي لٽڪايو ويو.

ڏٺو وڃي ته پاڪستاني سماج جنسي بگهڙن ۽ حيوانن سان ڀرجي چڪو آهي، هاڻي ويجهڙ ۾ ئي وري هڪڙو اهڙو واقعو پيش آيو آهي، جنهن انسانيت جا ڪنڌ شرم وچان جهڪائي ڇڏيا آهن. جوهي ويجهو ڳوٺ ڪرم جمالي واسڻ ليلان گوپانگ ٻڪري سميت ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ آئي ته جوابدار جميل نالي شخص ٻڪري سان جنسي زيادتي ڪري فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي رپورٽ پوليس درج ڪري ٻڪري جي ميڊيڪل رپورٽ لا ليٽر جاري ڪيو پر جڏهن ٻڪري کي ميڊيڪل ٽيسٽ لا لائيو اسٽاڪ آفيس آندو ويو ته اتي ڊاڪٽر ئي موجود نه هو. هي آهي اسان جي سماج جو سڄو پسمنظر، هتي هر عمر جي عورت کان ويندي، جانور به محفوظ ناهن.

جيڪڏهن پاڪستاني سماج جو سرسري طور جائزو ورتو وڃي ته خبر پوندي ته جرڳائي نظام پاڪستان کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، هر هنڌ جاگيردارن، سردارن، ميرن، پيرن پنهنجي طاقت جي ٻل تي ڪيٽيون قائم ڪري رکيون آهن ۽ ماڻهن کي ذهني غلام بڻائي رکيو آهي، جيڪو به انهن جي خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي ٿو ته انهن کي هر قسم سان تنگ ڪري خاموش ڪرايو وڃي ٿو. ان کانسواءِ اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو ڏوهاري ماڻهن جي پشت پناهي ڪري رهيا آهن، ۽ وري ان جي ڪري ئي قانون جا هٿ جوابدار جي گريبان تائين پهچي ئي نٿا سگهن.

پاڪستان ۾ هر قسم جو سگهارو قانون موجود آهي، پر هتي سڀ کان وڏو مسئلو اهو رهيو آهي ته ان قانون تي عمل ڪير ڪرائي، ريپ جي حوالي سان به تمام سخت کان سخت قانون موجود آهن، پر ان جي باوجود ڪجهه ڪيسن کانسوا باقي سڀني ڪيسن ۾ جوابدارن کي ڪي خاطرخواهه سزائون به نه اچي سگهيون. ان جي ئي ڪري هتي سيڪس ماڻهن جي دماغن ۾ ڀريل آهي ۽ جنهن کي جتي موقعو ملي ٿو، اهو اتي حيوانن وانگر پنهنجي جنسي حوس پوري ڪرڻ لا ريپ جي لا انسانيت جا ليڪا ئي لتاڙي ٿو ڇڏي، پاڪستان ۾ جيڪي ريپ جي حوالي سان جيڪي سگهارا قانون موجود آهن، مسئلو صرف انهن تي عملدرآمد ڪرائڻ جو آهي.

پاڪستان ۾ ريپ جي حوالي سان ”فوجداري قانون (ترميم) عصمت دري جو جرم 2016ع“ جي نالي سان به هڪ قانون موجود آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن ڪنهن به جوابدار تي ريپ جو ڪيس ثابت ٿئي ٿو ته ان کي ڦاسي جي سزا يا عمر قيد جي سزا تجويز ٿيل آهي. ان کانسواءِ ”وومين پروٽيڪشن بل 2006ع“ به موجود آهي، جيڪو بل 15 نومبر 2006ع ۾ پاڪستان جي نيشنل اسيمبلي طرفان منظور ڪيو ويو. ان بل مطابق به جوابدار کي ڦاسي جي سزا يا عمر قيد جي سزا اچي سگهي ٿي. ان کانسواءِ گينگ ريپ جي صورت ۾ به جوابدارن کي عمر قيد جي سزا يا ڦاسي جي سزا تجويز ٿيل آهي.

هن وقت پاڪستان جو سليڪٽيڊ وزيراعظم عمران خان ڪرسي تي براجمان آهي، لاهور موٽروي گينگ ريپ جي ڪيس کانپو قومي اسيمبليءَ ۾ ريپ جي جوابدار کي خصي ڪرڻ جو بل پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ بهتر قدم آهي، ڇاڪاڻ ته ريپ جي حوالي سان جيترو سخت کان سخت قانون هوندو ۽ وري ان قانون تي عملدرآمد به قانوني طريقي سان ٿيندو ته پو ماڻهن جي ذهنن ۾ قانون جو خوف ويٺل هوندو ۽ اهڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ کان اڳ اهي سئو ڀيرا سوچڻ تي مجبور به ٿيندا ۽ ائين ريپ جي ڪيسن ۾ گهٽتائي به ايندي. پر وري به مسئلو اهو آهي ته هتي ڪهڙي به قسم جو قانون موجود ڇو نه هجي، وري به ڳالهه ان تي عملدرآمد جي آهي ته ان تي عملدرآمد به ٿيندو يا وري هر قانون وانگر سياسي، سماجي اثر رسوخ رکندڙ جوابدار ان قانون جي گرفت کان مٿانهان هوندا. پاڪستاني سماج ۾ تيستائين سڌارو نه ٿو اچي سگهي، جيستائين هتان جا ادارا پنهنجي ڪارڪردگي نه ڏيکاريندا، جيستائين ادارن مان اثر رسوخ، پنهنجا نوازي ۽ ڪرپشن جي عنصرن کي ختم نه ڪيو ويندو، تيستائين مثبت تبديلي اچڻ ممڪن ئي ناهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment