شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 20 - آڪٽوبر - 2020ع

پهرين جولاءِ ون يونٽ ٽٽڻ جو ڏينهن


شام 05 لڳي 44 منٽ -اربع 01 جولاءِ 2020  283 
image-1



پاڪستان هڪ گهڻ قومي رياست آهي. جناح صاحب ۽ پاڪستان جي اسٽبليشمينٽ کي شروع کان ئي اها ڄاڻ هئي. پاڪستان جي وجود کان اڳ ۾، شامل ٿيندڙ اِڪاين سان ڀرپور واعدا ڪيا ويا هئا جنهن ۾ سندن ٻوليءَ ثقافت، ادب ۽ مذهب تي ڪابه پابندي نه مڙهڻ جي حتمي ڳالهه ڪئي وئي هئي پر پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ مسلم ليگ پنهنجي ڪيل واعدن کان انحرافي ڪئي. ان نتيجي ۾ ڇا ٿيڻو هو سان کين چڱي طرح خبر هئي. ڪجهه سياسي ڪتابن ۽ حوالن مطابق نومبر 1947ع تي اقتصادي معاملن واري تڏهوڪي صلاحڪار سرآرچي بالڊ رولينڊس جناح صاحب کي صلاح ڏني ته ملڪ جي اولهه حصي جي سڀني علائقن کي ملائي هڪ صوبو ٺاهيو وڃي. انهيءَ تجويز کي جناح صاحب منظور ڪندي چيو هو ته اها تجويز وقت کان اڳ آهي ان ڪري ٿوري وقت کان پوءِ ان کي عمل ۾ آندو وڃي. اولهه پاڪستان کي هڪ صوبي بنائڻ جا حامي جن جو تعلق پنجاب سان هو جناح صاحب کي انهيءَ تجويز تي عمل ڪرڻ لاءِ چوندا رهيا.
انهي عرصي دوران جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو ته سنڌ جي اسيمبلي جيڪا مسلم ليگ جي پارٽي سان اڪثريت رکندڙ هئي ڪراچيءَ کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو پر سنڌ صوبائي مسلم ليگ سان اختلاف رکندي مرڪزي پاڪستان ۽ قانون ساز مسلم ليگ اسيمبلي ڪراچيءَ کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪندي سنڌ اسيمبلي جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو. هڪ وفد جيڪو جناح صاحب ڏانهن زيارت موڪليو ويو انهيءَ کي جناح صاحب طرفان ناڪاري جواب مليو. اهڙي طرح لاهور-ڪراچي-مهاجر-پنجابي مستقل مفادن جي علمبردارن طرفان اولهه پاڪستان جي سڀني صوبن کي گڏائي ون يونٽ جي وڪالت شروع ڪئي وئي. پنجاب جي حڪمرانن کي اهو ڊپ هو ته اوڀر پاڪستان ۾ يونائيٽڊ فرنٽ جي چونڊجي اچڻ کان پوءِ کين لاءِ هڪ وڏو دڙڪو هو. باقي رهيل ٽي صوبا جيڪڏهن اوڀر پاڪستان جو ساٿ ڏيندا ته پنجاب اڪيلو رهجي ويندو. تنهن ڪري اولهه پاڪستان جي سڀني صوبن کي ملائي ون يونٽ قائم ڪيو وڃي. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪراچي مان شايع ٿيندڙ ڊان اخبار جيڪا مسلم ليگ جي سرڪاري ترجمان هئي ان خيال جي پٺڀرائي ڪئي ۽ اهو چيو ته صوبايت ڦهلجي رهي آهي تنهن ڪري صوبا ختم ڪيا وڃن ۽ اولهه پاڪستان جي 34 ضلعن کي گڏائي هڪ صوبو ٺاهيو وڃي. انهي سڄي ڳالهه جي مڪمل پٺڀرائي اسڪندر مرزا ۽ ايوب خان ڪري رهيا هئا. 14 آڪٽوبر 1955ع تي ملڪ جي آئين سازن اسيمبلي وسيلي ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو، مٿئين ڳالهه ڪرڻ جو اصل مقصد اهو آهي ته مسلم ليگ جي مرڪزي قيادت جي ذهن ۾ اولهه پاڪستان جي هڪ يونٽ ڪرڻ جو خيال اڳ ۾ ئي موجود هو فقط سرڪاري طور تي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. جنهن جو جواز اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي وچ ۾ پئرٽي برابري جيڪا اقتصادي ۽ معاشي بنيادن تي هئي، ڄڻايو ويو. پنجاب جي تڏهوڪي وزيراعليٰ محمد خان دولتانه هڪ وحداني حڪومت جو منصوبو پيش ڪيو جنهن کي ننڍن صوبن رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ان طرح سان تختي لاهور سڄي ملڪ تي راڄ ڪندو ۽ صوبن جي اقتصاديات ۽ ٻيون ملڪيتون ۽ صنعتون پنجاب جي حوالي ٿينديون ۽ انهيءَ سان قومن جي ٻولي ثقافت ۽ ادب جو خاتمو ٿي ويندو. ان وقت جي سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي رهنما سائين جي.ايم.سيد اسيمبلي ۾ صوبن جي هڪ ڪرڻ جي خيال جِي سخت مخالفت ڪئي ۽ چيو ته مستقبل جو قانون جيڪو اسيمبلي اڳي ئي پاس ڪيو آهي ون يونٽ جي سخت نندا ڪري ٿو ۽ اهو منصوبو تاريخ جي سڄي ڌارا ۽ مزاج کي ٽوڙي مروڙي ڇڏيندو. انهيءَ ڳالهه جي پٺڀرائي ڪندي سنڌ جي ڪجهه سياستدانن هاري رهنما ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، عبدالقادر محمد هاشم گزدر، قاضي فضل الھ پاڪستان مسلم ليگ خواتين سنڌ ون يونٽ ٺاهڻ جي سختي سان مخالفت ڪئي. پيرزادي عبدالستار چيو ته هن قسم جو قدم ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهائيندو ۽ هڪٻئي جي خلاف وڌيڪ نفرتون پيدا ٿينديون. آڪٽوبر 1954ع آخر ۾ گورنر جنرل غلام محمد پيرعلي محمد راشدي کي سڏائي عبدالستار جي وزارت ڊاهڻ ۽ محمد ايوب کهوڙي جي وزيراعليٰ بنائڻ جي آڇ ڪئي. جڏهن ته پيرزادي عبدالستار صاحب تي 110 ميمبر مان 76 ميمبرن ان تي اعتماد اظهار ڪيو ۽ ون يونٽ خلاف اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو پر ان کان اڳ 8 نومبر 1954ع تي ئي گورنر پيرزادي صاحب جي حڪومت کي ڊس مس ڪري ڇڏيو ۽ ايوب کهوڙي کي وزارت ٺهڻ لاءِ چيو ويو جيڪو 11 ڊسمبر 1954ع تي مسلم ليگ جو متفقه ليڊر چونڊيو ويو. انهيءَ کان پوءِ اجلاس ۾ 98 ڄڻن ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ وڌا. ون يونٽ جي مخالفت ۾ جن ووٽ ڪيو انهن ۾ عبدالحميد جتوئي، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، پير الاهي بخش ۽ خورشيد احمد شامل هئا. جڏهن ته سائين جي.ايم.سيد کي اڳ ۾ ئي گرفتار ڪري قيد رکيو ويو. اهڙي طرح سنڌ مٿان ون يونٽ مڙهي سنڌ کي دنيا جي نقشي تان ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سنڌ جي زرعي زمين جيڪا سکر بئراج، مکي ڍنڍ، ڪوٽڙي بئراج، گڊو بئراج جي حدن اندر هئي سا سرڪاري اهلڪارن، ڪامورن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ماڻهن کي الاٽ ڪئي وئي. لکين ايڪڙ زمين ڀڳڙن جي مٺ ڌارين جي حوالي ڪيون ويون. سنڌ ۾ غيرمنصفانه ڍلون اوڳاڙيون ويون سنڌ جون سڀئي ترقياتي رٿائون بند ڪيون ويون سنڌ جي شهرن ۾ سنڌين لاءِ داخلائون بند ڪيون ويون سنڌي پريس تي پابنديون لڳايون ويون. نوڪرين ۾ مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو. شريف ڪميشن ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي تعليمي سرشتي جي هيٺين درجن تائين محدود ڪيو ويو. اهڙي طرح هڪ تاريخي قوم کان سندس مڪمل طرح سڃاڻپ کسي وئي.
سنڌ اندر سائين جي.ايم سيد جي اڳواڻي ۾ ون يونٽ کي ڊاهڻ لاءِ اينٽي ون يونٽ فرنٽ ٺاهيو ويو جنهن ۾ پيش پيش ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، خان عبدالغفار خان، عبدالصمد خان اچڪ زئي شامل هئا. انهي کان سواءِ هاري اڳواڻ، ڪامريڊ فيض محمد، محمد ابراهيم جويو، محمد عثمان ڏيپلائي، سوڀو گيان چنداڻي، شيخ اياز، رسول بخش پليجو ۽ ٻين دانشورن، شاعرن، اديبن، استادن، وڪيلن ۽ شاگردن ون يونٽ خلاف سرگرميون شروع ڪيون. جن کي گرفتار ڪري ڪيترائي سال جيلن ۾ قيد رکيو ويو. هر طرح سان کين سختيون ۽ تڪليفون ڀوڳڻيون پيون سندن مٿان ڪافرن ۽ هندستان جي ايجنٽن جا الزام لڳايا ويا. جويي صاحب کي سنڌ بدر ڪيو ويو. 4 مارچ تي شاگرد تحريڪ جي جدوجهد به ون يونٽ خلاف هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿي. جڏهن ته سائين جي.ايم.سيد پاران قائم ڪيل بزمِ صوفياءِ سنڌ جي پليٽ فارم تان سڄي سنڌ جي عوام پنهنجي تاريخي سڃاڻپ لاءِ ميدان ۾ ڄمي بيٺيءَ ۽ نيٺ 28 نومبر 1969ع يحيٰ خان ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو. اهڙي طرح سنڌ جو عوام سوڀارو ٿيو. اڄ سنڌ جون موجوده حالتون ون يونٽ کان بدتر آهن، انهي جذبي ۽ قومي ٻڌيءَ جي ضرورت آهي جيڪا ون يونٽ جي دور ۾ سنڌ جي عوام ۾ هئي.
مرحوم غلام رباني آگرو صاحب" ماڻهو شهر ڀنڀور جا "ڪتاب ۾ لکي ٿو :
سنڌي ادبي بورڊ صفحو 300 – 302
”مهراڻ“ اخبار، سنڌ دوست اديبن ۽ سياستدانن کي هندوستاني ايجنٽ، ڪميونسٽ ۽ ڪارا ڪافر ڪوٺيندي هئي. ان جوايڊيٽر سردار علي شاه هو، جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو پڪو دوست هو! حيدر بخش جتوئيءَ جي ڏنل نعري ”جيئي سنڌ“ لاءِ چوندو ته اهو ”جئه سنڌ“ آهي. جڏهن ته جيئي سنڌ تحريڪ لاءِ چوندو هو ته اها به جئه سنڌ تحريڪ آهي.
اديبن جي محاذ آرائي وئي زور وٺندي. 1965 ع واري جنگ لڳي، سرڪار پرست اديبن اياز تي درخواستون ڪرائي، کيس هندوستاني ايجنٽ قرار ڏيئي، جيل ۾ وجهايو، قدرت جي غيبي هٿن جون آڱريون هميشه جنبش ۾ آهن. ٿيو ائين ئي، جيئن ڀٽائيءَ فرمايو آهي.
سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾
اياز جي ”مخالف اديبن“ جي انهن ئي ”ڪارنامن“ ۽ ”مهراڻ“ ۽ ”عبرت“ اخبارون جي وچ ۾ پوڻ ڪري، سنڌ ۾ اهڙو ڪوبه شهر ڪونه رهيو، جتي اياز جو نالو نه پهتو بلڪ، سنڌيت جي تحريڪ سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙ جي وئي سوين هزارين چراغ روشن ٿي ويا. فتح آخر سنڌ – دوست اديبن ۽ سياستدانن جي ٿي!
اياز جا اڪثر ڪتاب ڇپائڻ جويي صاحب جي ذميواري هوندي هئي هڪ دفعي جويي صاحب اياز جا به ڪتاب سنڌ يونيورسٽي پريس ۾ ڇپائڻ لاءِ ڏنا. هڪڙو ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ ۽ ٻيو ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ پر، مون کي چيائين ته ”ناشر جو فارم تون ڀر“ مون ائين ئي ڪيو. ڪتابن جا پروف پاڻ پڙهيائين ۽ مٿين نظرداري به حسب دستور، ڪيائين. خرچ اياز ڀريو. مون کي ڪابه ڪل ڪانه هئي ته منجهن ڇا لکيل آهي. اڳتي هلي ڪري ڪن سنڌي سٻاجهڙن سرڪاري کي چغلي هنئي، ته منجهن اسلامي وحدت يعني ون يونٽ جي خلاف مسالو آهي. سرڪاري ٻئي ڪتاب ضبط ڪيا.
ڊاڪٽر بلوچ بورڊ جو ميمبر ۽ سنڌ يوينورسٽي جو پروفيسر هو. بورڊ جي ميٽنگ ۾ اعتراض اٿار يائين ته، ”سنڌي ادبي بورڊ جو هڪ عملدار آهي ٻئي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي پريس مان ڇپائي شايع ڪري، يونيورسٽيءَ تي به حرف آندو آهي. سو، ان معاملي جي انڪوائري ڪري، فيصلو ڪيو وڃي“.
بهرحال، ڊاڪٽر صاحب جي اٿاريل اعتراض تي، مرحوم رحيم بخش ميمڻ، ڊپٽي ڊئريڪٽر ايڊوڪيشن حيدرآباد يونيورسٽي پريس ۾ ”اياز جي ڪتابن“ جي ڇپائيءَ جو انڪوائري آفيسر مقرر ٿيو. جويي صاحب جو دوست هو، ان ڪري مون کي به ڀائيندو هو. مون کي آفيس ۾ سڏي، اياز جي ڪتابن جي اشاعت بابت ڪل خوشيءِ ۾ پڇا ڪيائين. مون کيس سڄي حقيقت ٻڌائي. پر پنهنجيءَ رپورٽ ۾ بچاءُ رڳو جويي صاحب جو ڪيائين. مون تي ڪرم قدرت ڪيو. ٿيو هيئن ته سائين غلام مصطفى شاهه اوچتو سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿي آيو.
بورڊ جي ميٽنگ ٿي. جنهن ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي اٿاريل اعتراض وارو اسم به ايجنڊا تي رکيل هو، پر هاڻي ڪنهن جي مجال هئي، جو سائين غلام مصطفى شاهه جي موجودگيءَ ۾ اکر ڪڇي! ميٽنگ ۾ ميمبر ته موجود هئا پر، هر ڪو هيڏي هوڏي واجهائڻ لڳو ڄڻ ته اهو اسم ميٽنگ جي ايجنڊا تي غلطيءَ سان اچي ويو هو. شاهه صاحب جي هڪڙيءَ ئي مڪمل سان ڳالهه اتي جو اتي ختم ٿي وئي!
بهرحال، منهنجي جند ته ڇٽي وئي! پر، قدرت جي ڪارخاني ۾ عجب راز ۽ اسرار آهن. اياز جي انهن ڪتابن تي بندش پئي ته سنڌ جا اديب ۽ شاعر ٻن ڪيمپن ۾ ورهائجي ويا: ”سنڌ دوست“ اديب هڪ طرف ٿيا ۽ سرڪار پرست اديب(PRO ESTABLISHMENT) ٻئي طرف هئا. جي ون يونٽ جا به حامي هئا ۽ ان کي ”اسلامي وحدت“ سمجهندا هئا.
سنڌ جي بزرگ اديبن ۽ شاعرن ۾ مولانا غلام مصطفى قاسمي، پير حسام الدين راشدي "محمد ابراهيم جويي ۽ شيخ اياز" سان سنئون سنڌو ساٿ ڏئي بيٺا.


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment