شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 05 - آگسٽ - 2020ع

ڪائنات جي مرڪز بابت نظريا ۽ سائنسي حقيقت


شام 07 لڳي 08 منٽ -ڇنڇر 13 جون 2020  311 
image-1

 

انسان شروع کان ئي پنهنجي سوچ لوچ آهر ڪائنات جي ڳجهارت کي حل ڪرڻ جي ڪوششون ڪندو رهيو آهي. اڄ به آسماني جسمن تي ۽ ڪائنات جي آخري ڇيڙي کي ڳولي لهڻ جي سائنسي تحقيق جاري ساري آهي. هن وقت جي وهڪري ۾ ڪائنات بابت ڪافي ڳالهيون سامهون آيون آهن ۽ اڃا به مستقبل ۾ ڪافي ڳالهيون سامهون اينديون. قديم زماني ۾ سج ۽ چنڊ گرهڻ بابت ماڻهن جا نظريا مختلف وهمن موجب هوندا هئا، جيئن ڪي ماڻهو ان کي ديوتا جو ناراضپو يا ڏمر سمجهندا هئا ۽ ان وقت عجيب رويا اختيار ڪندا هئا. ايستائين جو ماڻهو جي قربانيءَ به ڪندا هئا ته جيئن ديوتا راضي ٿئي. چين ۾ هڪ قبيلو اهڙو به هو جنهن جا ماڻهو چنڊ ۽ سج گرهڻ مهل اهو سمجهندا هئا ته چند يا سج کي آسماني ڪُتي چَڪ هنيو آهي ۽ اهو تڏهن ٺيڪ ٿيندو، جڏهن ڪُتو ان مان وات ڪڍندو. بهرحال اڄ اسان هن ليک ۾ ٻن نظرين کي بحث هيٺ آندو آهي جن ۾ پهرئين نظريي کي جيوسينٽرڪ نظريو Geocentric theory  چيو وڃي ٿو. اهو نظريو ڪافي پراڻو نظريو آهي. يوناني لفظ جيو جي معنيٰ ڌرتي ۽ سينٽر معنيٰ مرڪز آهي. فلڪياتي سائنس جي شروعاتي ۽ وچئين دؤر ۾ اها ڳالهه عام طور مڃي ويندي هئي ته هيءُ ڌرتي سموري ڪائنات جو مرڪز آهي. زمين محرڪ يعني حرڪت ۾ نه آهي، پر ٻيا آسماني جسم جهڙوڪ سج، چند، سيارا ۽ تارا چُرپُر ڪندي نظر اچن ٿا. اهڙيءَ ريت اها ڳالهه رائج هئي ته اهي فلڪي جسم هڪ گول مدار تي ڌرتيءَ جي چؤڌاري گردش ڪندا رهندا آهن.

دراصل ان نظريي کي مقدس ڪتاب بائبل مان سچ ثابت ڪيو ويندو هو ۽ عام ماڻهن ۾ مقبول نظريو جيوسينٽرڪ هو. ايئن وري ڪائنات بابت ٻيو نظريو جنهن کي هيليوسينٽرڪ نظريو Heliocentric theory  پيش ڪيو. ان نظريي موجب ڌرتي نه پر سج مرڪز آهي. شمسي نظام ۾ ڌرتي سميت ٻيا سيارا سج جي چؤڌاري پنهنجي پنهنجي مدار ۾ گردش ڪندا رهندا آهن. مختلف وقتن ۾ ان نظريي کي هٿي ملندي رهي.

فڪلياتي سائنس جو قديم ۽ وچون دؤر :

يوناني ۽ رومن فلڪياتي سائنس ۾ تقريبن 4 قبل مسيح صديءَ ڌاري ڌرتيءَ جي گولائي کي ته مڃو ويو، پر زمين جي روزاني گردش کي ۽ سج جي چؤڌاري کي عام طور تي قبول نه ڪيو ويو هو. 4 قبل مسيح ۾ فيثاغورثي سائنسدان ان نظريي تي تحقيق ڪندا رهيا تان جو ان نظريي کي سڀني کان پهرين ايرسٽاڪس 3 قبل مسيح صدي ۾ پيش ڪيو، پر بدقسمتي سان اهو سائنس جي ترقيءَ جو وچ وارو زمانو هو ۽ سندس نظريي تي ڪنهن ڌيان نه ڏنو. هت اِها ڳالهه به واضح ڪندو هلان ته ايرسٽاڪس ئي ڌرتيءَ جي قدبت، سج، چنڊ ۽ ڌرتي جي وچ واري مفاصلي جا نظريا ڏنا. هن اهو پڻ ٻُڌايو ته سج ڌرتي کان ڇهه کان ست ڀيرا جسم ۾ وڏو آهي ۽ وڏي جسم ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪشش هوندي آهي. پر 2 عيسوي صدي تائين پٽولمي جي جيوسينٽرڪ نظريي واري ماڊل کي قبول ڪيو ويو هو.

قديم هندستان ۾ فلڪياتي سائنس :

قديم زماني ۾ آرياڀاٿا سيارن جو هڪ ماڊل پيش ڪيو جنهن ۾ هن ڌرتيءَ کي پنهنجي مدار ۾ چرخي وانگي حرڪت ڪندي ٻُڌايو، پر سندس همعصر سائنسدانن هن جي نظريي کي رد ڪري ڇڏيو. اِهو اُهو سائنسدان هو، جنهن چنڊ ۽ سج گرهڻ جي وقت ٻُڌايو ۽ چنڊ جي گردش جي ڳالهه به ڪئي.

مسلمان جي فلڪياتي سائنس جو وچون دؤر :

مسلمان سائنسدانن ڪجهه وقت لاءِ پٽولمي جي جيوسنٽرڪ واري نظريي کي قبول ڪيو، پر 10ع صدي ۾ السجي اِها ڳالهه قبول ڪئي ته زمين پنهنجي مدار تي حرڪت ڪري ٿي. پوءِ السجي ۽ البيروني چنڊ ۽ ستارن جي اُوچائي معلوم ڪرڻ جو انداز معلوم ڪري ورتو، جنهن کي الزراقي Astrolabe چئبو آهي. انهن ٻُڌايو ته چنڊ ۽ ستارا اسان کي انڪري گردش ۾ نظر ايندا آهن ڇو ته ڌرتي حرڪت ڪري ٿي.

نئين جاڳرتا جو دؤر :

اهڙي ريت يورپ ۾ نئين جاگرتا يا نشاة ثانيه جي زماني ۾ ڪوپرنيڪس پنهنجي ڪتاب On the revolution of heavenly spheres  ۾ 1543ع ۾ هيليوسنٽرڪ ماڊل پيش ڪيو. هن سندس ڪتاب ۾ ڪافي مسلمان سائنسدانن جا حوالا پڻ ستعمال ڪيا آهن.

جديد سائنسي نظريا :

ان هيليو سينٽرڪ نظريي کي ايتري آساني سان قبول نه ڪيو ويو ڇو ته ڪليسا ان جي مخالفت ۾ هو. انڪري جو مقدس ڪتاب بائبل ۾ اهو لکيل آهي ته سج اڀري ۽ لهي ٿو ۽ ڌرتي هڪ جاءِ تي ڄميل آهي ۽ اها حرڪت نٿي ڪري. اهڙي ريت اهو نظريو پيش ڪرڻ وارن کي مذهب مخالف سمجهيو ويو. ڪن کي ته موت جي به سزا ڏني وئي. بهرحال اڄ به ايتري جديد سائنسي دؤر ۾ ڪجهه ماڻهو ان ڳالهه جي مخالف ڪندا ۽ ان کي ڪافرن وارو نظريو سمجهيو وڃي ٿو، پر ايئن بلڪل به نه آهي ترڪي جي بهترين سائنسدان ڊاڪٽر هلوڪ نُربڪي سندس ڪتاب Verses from holy Koran and facts of Science  ۾ واضح طور هليوسينٽرڪ نظريي کي ثابت ڪندي ۽ ڪتاب جي باب 8 ۾ مضبوط دليل پيش ڪندي لکي ٿو ته زمين جي گردش جي ڳالهه اسلامي نظريو آهي. قرآن جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته سورت نمل جي آيت نمبر 88 ۾ چوڏهن سئو سال اڳ اسان کي اهو ٻُڌايو ويو ته اوهان جبلن کي ڏسو ٿا ۽ سمجهو ٿا ته اهي هڪ هنڌ ڄميل آهن، پر اهي به ڪڪرن وانگي چرپر ڪن ٿا. پاڻ وڌيڪ لکي ٿو ته جيڪڏهن اسان ظاهري طور ڏسون ته جبل زمين تي سڪون واري حالت ۾ نظر اچن ٿا، پر جڏهن زمين گردش ۾ آهي ته پوءِ جبلن جي به چُرپر ثابت ٿئي ٿي. اهڙي نموني جديد سائنس ثابت ڪيو آهي ته هيءُ سموري ڪائنات مسلسل گردش ۾ وڌندي ويجهندي رهي ٿي. جيئن شمسي نظام ۾ 8 گرهه آهن. اهي سڀ سيارا ٻن مختلف نمونن سان گردش ڪندا آهن: هڪ گردش پنهنجي محور اندر هوندي آهي جنهن کي اسان عام ٻولي لاٽون واري گردش سمجهون ان گردش جي به رفتا هڪ سياري کان ٻئي سياري جي مختلف هوندي آهي. ان گردش سان ڏينهن رات جو چرخو ڦرندو آهي. ڌرتيءَ تي 24 ڪلاڪ ڏينهن ۽ رات هوندي آهي. ايئن عطارد تي ڏينهن رات ڌرتيءَ تي ذري گهٽ ٻن مهينن جي برابر آهن. زهره تي ڏينهن رات جو چڪر 5832 ڪلاڪن ۾، مريخ تي 25 ڪلاڪن ۾، يورينس 17 ڪلاڪن ۾، نيپچون 16، زحل 11 ۽ جوپيٽر 10 ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿئي ٿو. اِهي گرهه يا سيارا سج جي چؤڌاري پنهنجي پنهنجي مدار ۾ گردش ڪندا ٿا. جيئن مريخ سيارو سج جي چؤڌاري 88 ڏينهن پنهنجو چڪر پورو ڪري ٿو، زهره 225 ڏينهن ۾ ۽ ڌرتي 365 ڏينهن ۾ هڪ چڪر مڪمل ڪري ٿي. ڌرتيءَ جو چنڊ وري ڌرتيءَ جي چؤڌاري 29 يا 30 ڏينهن هڪ چڪر مڪمل ڪري ٿو. مريخ ٻن سالن ۾، جُوپيٽر 12 سالن ۾، زحل 29 سال ڇهه مهينن ۾، يورينس 84 سالن ۾ ۽ نيپچون گرهه 165 سالن ۾ سج جي چوڌاري هڪ چڪر مڪمل ڪري ٿو. اها گردش اتي ختم نٿي پر اڃا به اڳتي وڌي ٿي جنهن ۾ اسان جو شمسي نظام ڌرتي ۽ ٻين ستارن سميت Milky way کير ڌارا هڪ ٻئي مدار ۾ گردش ڪري رهي آهي ۽ اهو هڪ چڪر پنجويهه ڪڙور سالن ۾ مڪمل ٿيندو آهي. ايئن وري مختلف کير ڌارائون جي گردش ڪهڪشائن جي چؤڌاري روان دوان آهي ۽ ان جي ڳڻپ اربين سالن تي مشتمل آهي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment