شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

پليجرزم ناول تي هڪ نظر


شام 11 لڳي 30 منٽ -اربع 10 جون 2020  246 
image-1

انساني تاريخ ۾ مختلف انقلاب آيا آهن پر ادب جي ميدان ۾ ناول جو اڀرڻ کي هڪ وڏو انقلاب هو. لڳ ڀڳ ٻه صديون اڳ ناول دنيا ۾ وڌ کان وڌ لکجڻ شروع ٿيو ۽ ويهن صدي ۾ ته ناول ادب جي سڀ کان اهم صنف طور پاڻ کي مڃائي ورتو.

ناول افسانوي نثر جي اها شڪل آهي جنهن ۾ عام پڙهندڙ دلچسپي وٺندو آهي ۽ انهي سان گڏ جيڪي ماڻهو نان فڪشن کي پڙهي بيزار ٿيندا آهن اهي ناول، ڪهاڻيون يا شاعري پڙهي ذهني سڪون وٺڻ جي ڪوشش ڪندا اهن.

ڪو به ناول يا ڪهاڻي سماج جي لڪيل پراسرار ذلتن ۽ انساني حماقت حڪمت کي ظاهر رکڻ جي سگھه رکندي آهي.

ائين ئي تازو ڪليم ٻٽ جو ناول "پليجرزم" پڙهڻ لاءِ مليو، جيڪو مڪمل ابابيل نالي هڪ ادبي ميگ ۾ ڇپيو آهي. پليجرزم لفظ جي معني ادبي چوري آهي. دنيا ۾ جيئن قتل ڪرڻ، چوري ڪرڻ، زوز زبردستي زنا ڪرڻ ڏوھه سمجهيا ويندا آهن ائين ئي ادبي دنيا م "پليجرزم" هڪ انتهائي بي ڍنگو ۽ اهم ڏوھه ليکيو ويندو آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ ادبي چوري هڪ لعنت جيان آهي.

هوئن ته سنڌي زبان ۾ عشق محبت، ظلم بک، بدحالي تي ناول لکيا ويا آهن پر ڪليم ٻٽ سنڌي ادب ۾ اهو ناول نگار آهي جنهن هڪ الڳ ٿلڳ موضوع کي سندس فن سان قلمبند ڪيو آهي.

هن ناول جو مک ڪردار سرمد نالي هڪ ڇوڪرو آهي جيڪو هڪ انگريزي اخبار ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ ان سان گڏ بلاگر به آهي، جنهن جي محبت مينا نالي ڇوڪري سان آهي  ۽ انهي مينا جو پي سنڌ جو وڏو تاريخدان ۽ مفڪر آهي.

جنهن جو ناول م ڪردار حيدري صاحب جي نالي سان ڏنل آهي.

هڪ ڏينهن صبح جو جڏهن سرمد اخبار پڙهڻ شروع ڪري ٿو تڏهن حيدري صاحب جو هڪ مضمون سرمد جي نظر مان گذري ٿو. جنهن تي سرمد سوچڻ لڳي ٿو ته اهو مضمون هن اڳ به ڪٿي پڙهيو آهي ڪٿي پڙهيل آهي. هو ذهن تي زور ڏئي ياد ڪري ٿو  ته اهو مضمون يا مقالو سندس بابا جو لکيل آهي... جڏهن ان ڳالھه جو پتو پوندو ته اهو بي وس ته اخبار کي خط لکي ٿو ته حيدري صاحب جيڪو مضمون لکيو آهي اهو شمس الدين نالي سان ڪجهه سال اڳ لکيو هو.. جنهن جي جانچ پڑتال ٿيڻ کپي.. شروع ۾ هن کي ايڏي موٽ نه ٿي ملي - اهو ٻيهر ان ڪيس کي کڻي ٿو پرنٽ ميڊيا جي بدران اليڪٽرانڪ ميڊيا تي - جتي حيدري صاحب سرمد جي ڳالھه کي رد ڪري ٿو. جڏهن سرمد حيدري صاحب کي دليل ڏيندي اهو زور ڀري ٿو ته اها ادبي چوري آهي جنهن جا حق ان لکندڙ جا هوندا آهن..

هوڏانهن مينا پنهنجي پيءُ جي دفاع ۾ سرمد کي سوشل ميڊيا جي وسيلي ٽارچر ڪري ٿي. سرمد بي وس مجبور ٿيو وڃي پوءِ به هو سندس ڳالهھ تي قائم رهي ٿو.

حيدري صاحب ان جي شڪايتون ڪرڻ لڳي ٿو - حيدري صاحب ان جي پيءُ جو دوست هو - سرمد هڪ ڪهاڻيڪار آهي اهو 30 سالن جو ڇوڪرو جوش ۽ جذبي سان ادب سان محبت ۾ ٻڏل آهي. هن کي ادبي چوري کان چڙ آهي. نتيجي ۾ اهو گهر مان به ڪڍيو وڃي ٿو ۽ ڪجهه وقت تائين ذهني اسپتال ۾ رکيو وڃي ٿو.

ڪجهه وقت کان پو  اهو وري نارمل ٿي معمول تي اچي وري به انهي ادبي چوري جي خلاف مزاحمت ڪري ٿو. ان کان پوءِ سرمد لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيو وڃن، سڀ هن جي خلاف ٿيو وڃن ۽ وري ٻيهر ان کي گهر مان ڪڍيو وڃي ٿو. سرمد جي مينا سان تعلق خراب ٿي وڃن ٿا، مينا سوشل ميڊيا تي ان تي ڇتر ڪرڻ  ۾ رڌل آهي.

سرمد جا ڀائر مٿان ادبي حلقو سڀ هن جي خلاف، سرمد ڄڻ چريو هجي پر پوءِ به اهو ادبي چوري جي ڪڙي ڏوھه کي غلط سمجهي جنگ ڪري ٿو. هڪ ڏينهن جڏهن اهو ثبوت هتي ڪرڻ ۾ مشغول رهي ٿو تنهن وقت هن کي هڪ خبر ملي ٿي، اها خبر جيڪا هن جو زندگي کي زهر ڪري ڇڏيندي ۽ ان تڪليف ۾ سرمد آپگهات ڪري ڇڏي ٿو . هن سان گڏ ان ادبي چوري جو ڪيس به بند ٿيو وڃي.

هن ناول ۾ ڪليم جاندار منظرنگاري ڪئي آهي، هر واقعي کي اهڙي نموني چٽيو اٿيس ڄڻ اهو واقعو اسان جي اکين جي سامهون ٿيندو هجي، ناول جي ڪهاڻي تڪڙا تڪڙا رخ مٽائي ٿي ۽ سرمد جي زندگي ايندڙ هر ڪردار هن لا ڪونه ڪو نئون بحران کڻي اچي ٿو، ڪليم ناول ۾ اسلوب به سهڻو ۽ سادو استعمال ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾ اهڙن موضوعن جي چونڊ ٻيهر هڪ سٺي ۽ جاندار ادب جون راهون کوليندي.

هي موضوع انتهائي اهم آهي خاص طور تي سنڌي ادب ۾ جتي پليجرزم جهڙي ڏوھه کي معمولي سمجهيو ويندو آهي.

هن ناول کي اڃان به وڌائي وڌيڪ لکي سگهجي ٿو. ان هوندي به هن وقت جي حساب سان ڪافي ڪارائتو آهي.  هن موضوع تي وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي. سنڌي لکندڙن کي هن اهم موضوع کي نظرانداز  نه ڪرڻ گهرجي. ڪليم جو هي قدم ناول جي ذريعي عڪاسي ڪرڻ قابل تعريف آهي. هي ناول هر ادب سان لاڳاپيل لکندڙ ۽ پڙهندڙ کي پڙهڻ کپي.


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment