شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

فلسفو ڇو پڙهڻ گهرجي


شام 09 لڳي 11 منٽ -اڱارو 09 جون 2020  670 
image-1

گهڻي ڀاڱي فلسفي جي عام وصف کان هر پڙهندڙ واقف هوندو - پر جڏهن به فلسفي ۾ ڪا سمجهڻ جي ڳالھه ايندي آهي تڏهن گهڻا ئي پڙهندڙ ڪيٻائي ويندا آهن - ڇو جو گهڻن ماڻهن جي ذهن ۾ اهو پيٽرن ٺهيل هوندو آهي ته فلسفو هڪ ڏکيو موضوع آهي -۽ ان کي سمجهڻ لاءِ گهڻو وقت کپي.  ڪهڙي به موضوع کي سمجهڻ لاءِ وقت ئي کپندو آهي  جيڪڏهن ڪنهن به موضوع باريڪ بني سان سمجهڻو آهي ته ان ۾ پنهنجي سموري قوت ڏيڻي پوندي آهي. فلسفو ايڏو ڏکيو ڇو لڳندو آهي،  ڇاڪاڻ ته فلسفي جا بنيادي سوال ئي ڪنهن به ڪچي ذهن کي منجهائيندڙ لڳندا آهن مثال طور تي فلسفي جي بنيادي سوال تي نظر رکجي ته- پهريون سوال خدا جو وجود جو اچي ويندو آهي- ڇا خدا جو ڪو وجود آهي؟زندگي جو مقصد ڇا آهي؟ اسان جو ذهن ڪيئن ٿو ڪم ڪري؟ ٻيا ذهن ڪيئن ٿا ڪم ڪن؟ اسان ڪا شي ڄاڻون ڪيئن ٿا؟ اهڙا کوڙ سارا ٻيا سوال جيڪا فلسفي جا بنيادي آهن. فلسفو هڪ سرگرمي آهي - ڪجهه چوندا ته خيالي ڪجهه چوندا ته عملي - پر اها هڪ مستقل سرگرمي آهي جيڪا ڪنهن به ذهن کي سوچڻ جي سگھ موهيا ڪري ٿي.

اسان مان سمجھ سوچيندڙ ذهنن کي خبر آهي ته پڙهڻ جا ڪيترائي ئي فائدہ آهن. کر ڪجهه موضوع اهڙا آهن جن  موضوعن کي پڙهڻ سان ڪنهن به فرد جي سوچ يا خيال جي اڏام تيز ٿي ويندي آهي - جيئن سائنس ادب ۽ فلسفو - نظرياتي اعتبار کان هر علم فلسفي جي هيٺ اچي ٿو- اها عام چئي ويندي آهي ته "فلسفو سڀني علمن جي ماءُ آهي" پر اهو گهٽ پڇيو ويندو آهي ته فلسفو سڀني علمن جي ماءُ ڇو آهي؟ فلسفي کي سمجهڻ لاءِ اهو ضروري ته انسان جي خيالن جي تاريخ کي سمجهڻو پوندو- فلسفو پڙهندڙ هميشه تنقيدي سوچ جو حامل هوندو آهي - يعني ته سڀني علمن جو تنقيدي جائزو وٺي پوءِ ڪنهن نتيجي ته پڄاڻي ڪجهي. تنقيدي سوچ ئي انسان ذات جي ترقي جو اهم هٿيار رهي آهي ۽ جيستائين دنيا رهندي آهس تنقيدي سوچ ئي اڳيان پنهنجي ارتقا ڪندي ترقي طرف وٺندي ويندي. هتي روايت هٺي ڳالهائجي فلسفو ڪو جادو ناهي جيڪو ڪنهن به ماڻهو کي تنقيدي سوچ رکندڙ يا تخليقي صلاحيتن جو مالڪ بڻائي ڇڏي - پر جيئن ته فلسفو جيڪڏهن ڪنهن کي پڙهڻو آهي ته انهي لاء ان کي فلسفي جو تعارف ۽ فلسفي جي شاخن کي سمجهڻو پوندو.

 

فلسفي جو بنيادي طور تي ڇھ شاخون آهن -  علميات  epistemology

منطق logic

 مابعدالطبيعات metaphysics

اخلاقيات ethics

جماليات aesthetics

سياست political philosophy

هنن شاخن کي بيان ڪرڻ کان اڳ هتي اهو سمجهڻو پوندو ته هي ئي بنيادي علم آهن جنهن جي نتيجي ڪيترائي فلسفي پنهنجو علمي ڪم ڪري چڪا آهن ۽ جاري آهي - اهي سوال جيڪو هر فلسفي بيشتر پڇندو آهي - ڇا آئون ڄاڻان ٿو؟ ڪيئن آئون ڄاڻان ٿو؟ آئون ڪٿان آيو آهيان؟ سٺو ڇا آهي؟ خراب ڇا آهي؟ صحيح ڇا آهي؟ غلط ڇا آهي؟ خوبصورت ڇا آهي؟ جيڪڏهن ڪا شي خوبصورت آهي ته اسين ان کي خوبصورت سمجهي حيراني مان ڪيئن ٿا ڏسون؟ اسين ڇو رد عمل ڪندا آهيون؟ اهڙي کوڙ سارا سوال جن جا کوجنا تنقيدي تخليقي سوچ رکندڙ نوجوان ڪندا آهن.

جن جي جواب ڏيڻ جي اميد رکڻ لاءِ پهرين مٿين شاخن کي سمجهڻ اول آهي.

 (1)

 علميات epistemology

هي اها فلسفو جي شاخ آهي جنهن جو لاڳاپو علم سان آهن - علم جي ڪيتري حد آهي. علم ڪير ڪيترو حاصل ڪري سگهي ٿو - هن شاخ جا چار بنيادي سوال آهن - علم بذات ڇا آهي؟ ڪڏهن اوهان سوچيو هوندو جيڪڏهن اوهان پڙهندڙ آهيو ته - علم ڪيئن حاصل ٿيل آهي يا ٿيندو؟ ڇا توهان وٽ اهو علم آهي ته توهان علم ڪيئن حاصل ڪيو؟ ٻين ماڻهن وٽ علم ڪيئن آيو آهي؟ توهان ڪيئن ڄاڻو ٿا ته توهان ڪجهه ڄاڻو ٿا؟ - هي سمورا سوال فلوقت منجهائيندڙ لڳندا پر جڏهن انهن تي غور سان سوچبو ته توهان خبر پوندي ته علم جي صفت ڪهڙي ٿيندي.

Logic منطق

منطق جو تعلق استدلال سان آهي. منطق ٻن حصن ۾ ورهايل آهن.

Inductive reasoning

استقراري استدلال

يعني ته ڪو استقراري استدلال جي ذريعي ڪنهن مخصوص مشاهدي سان عام نتيجو ڪڍي.

Deductive reasoning

استخراجي استدلال

يعني ته هڪ مخصوص نتيجو يا ڪو فيصلو عام نظريي جي ذريعي ڪڍيو وڃي.

منطق سوچڻ جي صحت کي پرکيندو آهي ۽ ان ئي اصول کي لاڳو ڪندو آهي ڇاڪاڻ ته هر علم کي درست دليلن جي ضرورت هوندي آهي تنھن ڪري هر علم منطق جو محتاج آهي.

 

(3)

Metaphysics

مابعدالطبيعات

هن شاخ جي تعلق انساني فطرت يعني سمورين حقيقتن کي سمجهڻ سان لاڳاپو آهي.

Ontology علم موجودات

۽ علم ڪائنات cosmology

رواجي طور ته مابعدالطبيعات سان لاڳاپيل آهن.

علم ڪائنات cosmology جو لاڳاپو ارتقا ازل ڪائنات جي شروعات سمورين مخلوقن ستارا چنڊ سج ڪهڪشائون کي سمجهڻ لاءِ آهي.

علم موجودات Ontology هن ۾ جيڪو دنيا ۾ شيون آهن انهن جو هڪ ٻئي سان ڪهڙو تعلق آهي. يعني هڪڙي شي ٻئي شي سان ڪهڙي سبب جي ڪري موجود آهي اسان جو ورثو به ان ۾ اچيو وڃي.(جيئن ته هاڻي ماڊرن سائنس پنهنجي جاءِ تي اهو ڪم ڪري رهي آهي ان کان جڏهن سائنسي اڃان انقلاب نه آيو تنهن وقت metaphysics ڄڻ عروج آهي).

اسان الفاظن ۾ مابعدالطبيعات ۾ زمان و مڪان، خدا، هستي، ۽ حقيقت کي پرکڻ شاخ ليکي وڃي ٿي.

 (4) ethics

اخلاقيات

هن کي علم اخلاقيات چيو ويندو آهي جنهن ۾ سٺائي برائي ان جي معيار کي پرکيو ويندو آهي - صحيح غلط انصاف خوشي وغيره.

 (5)

Aesthetics

 هن شاخ ۾ حسن تي بحث ڪيو ويندو آهي جنهن سر سنگيت شاعري فن ۽ خوبصورتي اهم موضوع هوندا آهن.

 (6)

Political philosophy

 علم سياسيات

هن فلسفو جي شاخ ۾ آزادي، انصاف، حق، قانون، نجي ملڪيت ۽ اهو سمورا سماجي مسئلا جيڪي رياست سان لاڳاپيل هجن.

يعني اگر ڪو قانون آهي ته ڇو؟

آزادي ڪهڙي هجڻ کپي؟ ڪهڙي سزا ۽ جزا هجي؟

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment