شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 29 - نومبر - 2020ع

عظيم انقلابي اڳواڻ رسول بخش پليجو


شام 12 لڳي 27 منٽ -آچر 07 جون 2020  505 
image-1

 

اڄ سنڌ جي ڏاهي، سياستدان، عالم، مفڪر، قومي عوامي رهنما، اديب، دانشور، استاد، شاعر، نقاد، يگاني تاريخي ڪردار محترم رسول بخش پليجي صاحب جي ٻي ورسي آهي. نيلسن منڊيلا چيو هو ته سياستدان ايندڙ اليڪشن جي باري سوچيندو آهي، جڏهن ته قوم جو رهنما ايندڙ نسلن جي باري ۾ غور ڪندو آهي. هتي سياستدان جي مفهوم صرف اقتداري سياست ڪندڙ ظاهر ٿئي ٿو. رسول بخش پليجو صاحب هڪ قوم جو نه پر سموري دنيا جي مظلوم ماڻهن، قومن، پيڙهيل طبقن جو رهنما آهي. پليجو صاحب سموري عالم جي انصاف تي ٻڌل نئين شڪل ڏسڻ جو خواب ڏسندو هو. اهو سندس لکڻين مان پسي سگهجي ٿو. جهڙي ريت اسين مارڪس، اينجلس، لينن، اسٽالن، مائوزيتنگ، هوچي منهه، فيڊل ڪاسترو، ڪم ال سنگ، چي گويرا ۽ اگستينيتو سميت ٻين قومن جي هيرن کي پنهنجو رهبر سمجهون ٿا. جن پنهنجي علم، عمل، فهم، فڪر توڙي جدوجهد ذريعي دنيا تي نوان نقش ڇڏيا. رسول بخش پليجي صاحب جو ڳاڻيٽو به انهن مهان هستين ۾ ٿئي ٿو. اسان وٽ تحقيق بانبڙا پائي رهي آهي تنهنڪري اسان جي سماج جي عظيم ڪردار تي وري به جيئن لطيف تي پهرين ايڇ ٽي سورلي ڪم ڪيو تيئن پليجي صاحب جهڙي انسان تراشيندڙ گوناگون شخصيت تي به جيسين اهو قلم کڄي تيسين اهڙن ڪردارن کي سڀ طرفو صحيح نموني سمجهي نه سگهبو. پليجي صاحب نئون عالمي سائنسي فڪر ڏنو. جنهن ۾ هن چيو ته دنيا ۾ جتي هڪ ئي وقت جاگيردارڻو، نيم جاگيردارڻو، سرمائيداراڻو، قبائلي سماج مطلب مختلف علائقن ۾ مختلف سماجي نظامن وارو، گهڻ قومي سماجي نظام ۽ ان ۾ قومي ڦرلٽ به هجي ته اهڙي سماج جي تبديلي لاءِ سموري دنيا ۾ پهريون ڀيرو سائنسي بنيادن تي مارڪسي فڪر جي روشنيءَ ۾ سوشلزم جي پهرين ڏاڪي لاءِ قومي عوامي جھموري انقلاب آڻي سگهجي ٿو. انهي جي لاءِ بنيادي تنظيمي، نظرياتي اصول طئه پڻ ڪري ڏنا ته هن فرد جو نالو سموري دنيا اندر ڪو نظر اچي ٿو ته هو صرف رسول بخش پليجو ئي آهي.

تصوير - سوشل ميڊيا

انقلاب آڻڻ لاءِ پهرين فڪري آبياري ڪرڻي پوندي آهي، پليجي صاحب سنڌ جي الجهيل سٽ جي سلجھائي صحيح فڪري لائين ڏيئي وري ان جي آبياري پڻ پاڻ ڪئي. پليجي صاحب فڪري آبياري ڪرڻ دوران وڏي مهارت سان ڪم ورتو، ان هر انهي موقف، سوچ، دستاويز، فن، طريقي جو سهارو ورتو جنهن هن جي فڪري لائين سان ٺهڪندڙ پاليسي توڙي حڪمت عملي جي سپورٽ ٿي ڪئي. پليجي صاحب سموري حياتي نوجوانن، هارين، عورتن جي نظرياتي ۽ انقلابي تربيت ڪئي.  

رسول بخش پليجو صاحب اڪيچار خوبين جي مالڪ هو. پليجي صاحب کي سراج ميمڻ سنڌ جو مني مائوزيتنگ ڪوٺيو. مهتاب محبوب چيو ته ملڪي سطح تي گھٽ ۾ گھٽ اهڙين دانشوراڻين خوبين وارو ڪو ٻيو سياستدان اڃان تائين منهنجي نظرن مان ناهي گذريو. شيخ اياز ساهيوال جيل جي ڊائري ۾ اهو لکيو ته پليجي ۾ هڪ عظيم انقلابي ٿيڻ جو سڀ امڪان آهن جي حالتن انهي کي ساٿ ڏنو ته هو سنڌ جو هوچي منهه ٿي سگھي ٿو. مسعود نوراني اهو لکيو ته آئون پليجي صاحب کي لينن، مائو، هوچو منهه ۽ لي دوئان جو تسلسل سمجھان ٿو. سائين  جي ايم سيد اهو چيو ته جڏهن پليجي صاحب  لکين ماڻهن جا جلسا ڪرايا هئا، تڏهن مون کي اوندهه ۾ روشنيءَ جو ڪرڻو نظر آيو. پر اتي اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته لينن، مائو جو تعلق اتان جي اڪثريت وارين قومن سان هو. جڏهن ته رسول بخش پليجو جو تعلق پاڪستان جي اڪثريت واري قوم سان نه آهي. لينن وٽ ته روس ۾ گھڻو تڻو هڪ ئي نظام سرمائيداري ۽ ٿورو جاگيردارڻو نظام هو. جيڪو سماج جو اڳتي وڌيل نظام هوندو آهي، جڏهن ته مائو وٽ به گھڻو تڻو نيم جاگيردارڻو نظام هو پر سنڌ اهڙو صوبو ۽ پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جتي هڪ ئي وقت مختلف سماجي نظام هلندڙ آهن، انهي ڪري انهن سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي سوچن روين، عملن ۾ ڏينهن رات جو فرق هوندو آهي. مٿين تناظر کي سمجهڻ کانسواءِ پليجي صاحب جي غيري معمولي تاريخي گوناگون شخصيت  ۽ انهي جي ڪارنامن کي سمجھڻ مشڪل هوندو هو. پليجو صاحب پاڪستان جي تاريخ ۾ سياسي حڪمت عملي جو عظيم جرنيل هو. هن ڪجهه به نه هوندي هٿين خالي، پرامن جدوجهد ذريعي ضيا، مشرف جهڙن طاقتور جنرلن کي گوڏا کوڙائي ڇڏيا. پليجي صاحب چيو ته ڪالاباغ نه ٺهندو، نه ٺهيو، پر ڪالا باغ جو ڪيس اهڙي ريت وڙهيو جو اڄ به ڪو سنڌو تي بند ٻڌڻ جي ڳالهه ٿو ڪري ته سنڌ سراپا احتجاج بنجي ٿي پوي. پليجي صاحب چيو ته جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ جي شروعات اڪيلي سر ڪئي پوءِ دور انديشي سان سڀني کي گڏي، تاريخي جدوجههد ڪري ڪاميابي ماڻي. ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرايو، نيلامي بند ڪريو تحريڪ، صحافين جي تحريڪ، عدليا بحالي جي تحريڪ سميت انيڪ فتحون حاصل ڪيون. سنڌ جا سڀئي دانشور، ڏاها، سائينسي بنياد تي تنقيدنگار انهي ڳالهه تي متفق آهن ته رسول بخش پليجو صاحب جي سياسي حڪمت عملي ۾ پاڪستان ۾ ڪوبه ثاني ناهي.

تصوير- سوشل ميڊيا

دنيا جي سياسي انقلابي تحريڪن ۾ مقامي لوڪ ڏاهپ جي مدد ورتي ويئي آهي، انهي جي شاهڪار اصولن کي سياسي تحريڪ جي مکيه اصول طور شامل ڪيو ويو آهي. پليجي صاحب وري لطيف کي انقلابي انداز سان پيش ڪري، قومي هيري ۽ رهبر طور پيش ڪيو. زندگي ڪئين گذارجي، زندگي جا معيار، سماجي قدر، اصول ڇا هجن؟ انهي لاءِ پليجو صاحب لطيف کي رهبر تسليم ڪري، اڳتي وڌيو. پليجو صاحب لطيف جو پارکو هو. پليجي صاحب کان لطيف ٻڌنڌي ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ ماڻهو هاڻي نئون شعر ٻڌي رهيو هجي.

رسول بخش پليجي صاحب سنڌ جي نثري ادب ۾ هڪ نرالي اسلوب طور ڇاپ ڇڏي، جيڪا صدين تائين قائم رهندي. پليجي صاحب نثر ۾ انقلابي اسلوب ڏنو. ان ڪري سائين محمد ابراهيم جويي صاحب پليجي صاحب لاءِ چيو ته هي نثر جو لطيف آهي. جڏهن سائين جي ايم سيد تي رجعت پسندن حملو ڪيو، تڏهن سائين پليجي صاحب جو قلم ئي جو زره بڻجي ميدان ۾ آيو ۽ جڏهن شيخ اياز تي رجعت پسنديءَ جو حملو ٿيو، تڏهن ئي رسول بخش پليجي جو اٿاهه علم هو جنهن ”انڌا اونڌا ويڄ“ جهڙو ڪلاسڪ ادب لکي شيخ اياز توڙي سنڌ جي ترقي پسند ادب ۽ رجعت پسند ادب وچ ۾ ڍال بنجي بيٺو. وري رجعت پسند اٿي نه سگهيا. 

تصوير- سوشل ميڊيا

پليجي صاحب جو وڏو ڪرنامو سنڌياڻي تحريڪ جهڙي تنظيم ٺاهڻ ۽ انهي جي تربيت ڪري، هلائڻ، پليجو صاحب عورت جي آزاديءَ جو ايشيا ۾ موجد آهي. هو اقليتن خاص ڪري اقليتي عورتن جي رهنمائي جا خواب ڏسندو هو، پر انهي جي عملي ڪم ڪندو هو. پورهيت طبقي، پيڙهيل، هيڻن، جي هڏ ڏوکي هو. پليجو صاحب انسان تراشيندڙ هلندڙ ڦرندڙ واحد يونيورسٽي هو. جنهن سنڌ کي اڪثر شعبي ۾ پڙهيل لکيل سمجھو، ڄاڻو قيادت فراهم ڪئي آهي. هو جنهن ماڻهو جي تربيت ڪندو اها ان ماڻهو کي ئي خبر به نه پوندي هئي ته ڪهڙي ڪارروائي ٿي رهي آهي. هو ٻارن سان گڏ ٻارن جي تربيت ڪرڻ لاءِ ٻار هوندو هو، ته ساڳي وقت هو عالمن سان گڏ، انهي جي سوچن، فهمن جا ڇڪا ڇڏائيندو هو. هو وطن لاءِ، قوم لاءِ، پيڙهيل طبقي لاءِ هڪ ضدي ڪردار هو. هو جوکم کڻيندو هو، هو نه رڳو قلمي جنگ وڙهيو پر عملي ميدان ۾ سڀن کان اڳڀرو رهيو. هن زندگي جا 11 سال جيلن جي ڪال ڪوٺڙين ۾ قوم، عوام، وطن ۽ جمهوريت لاءِ وڙهندي گذاريا. هن نوان گس ڏنا، هن جون ڪيل اڳڪٿيون صحيح ثابت ٿيون. روس ٽٽڻ کان پوءِ جڏهن دنيا ۾ مايوسي هئي چيو ويو ته هاڻ سرمائيداري جو دور آهي، بس دنيا ۾ سرمائيداري ئي آخري بهتر نظام آهي، سوشلزم ڪامياب نه ٿيندو، هنبوڇيون هڻي، گهٽ پڙهيل ڪامريڊن کي مايوس ڪيو ويو، پوءِ ڪن وڃي سائي چادر ته ڪن پيلي چادر جي اوٽ ورتي، ڪن وڏيرڪي سياست کي آخري چاڙهي تصور ڪري ان جو حصو ٿيا، ڪي وڃي سرمائيداري ڪوڙڪي ۾ ڦاسي فڪري مخالف سماجي ڪمن ۾ مصروف ٿيا. تڏهن پليجي چيو ته هي بحران عارضي آهي، وري اوڀر اٿندو ۽ سڄي دنيا  جي لاءِ مشعل راه ٿيندو جيڪو اڄ اهو چٽو نظر اچي رهيو آهي.

رسول بخش پليجو صاحب کي رڳو سنڌ جي تاريخي تناظر، سنڌ ۽ پاڪستان ۾ پيدا ٿيل شخصيتن سان ڀيٽ ڪرڻ واري دائري ۾ سوچڻ تاريخ سان وڏي زيادتي هوندي. سموري دنيا جي تاريخ ۾ صرف ٻه ماڻهو نظر اچن ٿا جن ذاتي رشتي کي سياسي، نظرياتي، هڪڙي مقصد ۽ منزل جي رشتي مٿان قربان ڪري ڇڏيو. ان ۾ پهريون ماڻهو سڄي دنيا ۾ ڪارل مارڪس ۽ ان کان پوءِ سموري تاريخ ۾ منهنجي مطالعي پٽاندر صرف رسول بخش پليجو ئي آهي جنهن پنهنجي رشتن بدرانِ نظرياتي لائين ۽ منزل کي ترجيح ڏني آهي. پر هتي ٻنهي جي عمر جي ڏاڪي توڙي حالتن تي به غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.  جڏهن ڪارل مارڪس داس ڪيپيٽل (سرمايو) ڪتاب لکي رهيو هو، انهي دوران انهي جو پيارو پٽ مري ويو هو پر ان وقت دنيا جو اهو عظيم جينيئس (ڏاهو) زندگي جي پڇاڙڪي وقت مان نه گذاري رهيو هو ۽ نه ئي هو ڪنهن تي (dependent) هو. پر ان وقت ڪارل مارڪس جسماني طرح اهڙي پوزيشن ۾ هو جو هو پنهنجي سفر گذر لاءِ پاڻ به ڪجھه ڪري سگھيو پئي ۽ هن کي ڪنهن اولاد يا ٻي ڪنهن جي سار سنڀال جي ضرورت محسوس نه پئي ٿي، جڏهن ته پليجي صاحب ڄمار جي صفا آخري عرصي ۾، سندس پٽ کي فڪري لائين ڇڏڻ ڪري عاق ڪيائين.

تصوير- سوشل ميڊِا

پليجو صاحب سنڌ جي قومي طبقاتي ۽ فڪري مفادن سان سچو هو. مون کي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ صرف هڪڙو ئي ماڻهو نظر اچي ٿو، جيڪو مٿين خوبين جو مالڪ هجي، رسول بخش پليجي جي ڪردار، شخصيت، انهي جي ڪارنامن، هن جي اڪيچار گوناگون خوبين، هن جي علم، ڪم جي ڍنگ، قابليت، بامقصد زندگي، تخيليقي قوت، مڙسي، ويڙهه جي نون طريقن، لکڻ جي اصلوب، سياسي حڪمت عملي ۽ تربيت جي طريقيڪار کي ڏسي حيران ئي ٿي سگهي ٿو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment