شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

انفرادي ۽ اجتماعي انتهاپسندي


شام 12 لڳي 01 منٽ -جمعو 05 جون 2020  251 
image-1


”انتهاپسندي مذهب يا ڪنهن مخصوص نظرييلاءِ ناهي هونديبلڪه طاقت لاءِ ٿيندي آهي.“-سلمان رشدي

چاهي مذهب هجي يا ڪو سياسي سماجي نظريو،هر ماڻهو چئي ٿو 'مونکي' ٻڌو ۽ سمجهيو وڃي. جيئن ته هر ماڻهو کي اظهار جي آزادي جو حق هجڻ کپي، پر هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر اها آزادي ڪهڙي آهي؟ اهو حق ڇا آهي؟

انتهاپسندي جي سادن لفظن ۾ معني اها ئي آهي ته پنهنجي پسند مڃائڻ.

پنهنجي پسند جي ڳالھهته ٻار مڃائيندا آهن ڇو تهٻار نابالغهوندا آهن،جن کي گهڻي حد تائين صحيح غلط سٺي خراب جي خبر ناهي هوندي پر جنهن ماڻهو جي وارن ۾ چاندي اچي لٿي هجي،اهو جيڪڏهن پنهنجي ڳالهھ تي هٺ ڌرمي ڪري ڪٽر ٿي پئي،ڇا ان ذهن کي اسين صحتمند ذهن چونداسين؟ يقينن،اها ذهنيت پنهنجي ڪٽرپڻي جهڙي رويي جي ڪري بيمار ذهيت ئي ليکي ويندي.

تاريخ ۾ سدائينباشعور ماڻهو نمايان رهيا آهن،باشعور عوام نه. ڇا اهو سماج يا ملڪ جنهن ۾ اسينرهون ٿا،اتي توهان بلڪل آزاد ٿي ٻين ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري سگهون ٿا؟ اها آزادي نه چئبي،بلڪه ڪٽرپڻوهوندو. پرڇا آزادي جبر جو نالو آهي؟

پر هتي واضح ڪجي ته آزادي هڪ قسم جي ذميواري آهي ڪير به ڪٿي ڪهڙي ملڪ ۾ رهي ڪنهن مخصوص مذهب سان تعلق رکڻ وارن سان متڀيدوارو سلوڪ رکييا انهن ماڻهن جو جيئڻ جنجال نٿو ڪري سگهي.

ان سماج ۾ انتهاپسند ٿيڻ بنههسولو هوندو،ڇو ته جتي جهڙي اڪثريت هوندي ان جو ئي غلبو هوندو آهي. جنهن سماج ۾ مخصوص ماڻهن جي بڇ تي ڪم ٿين،اهو سماج هميشه پوئتي ويندو آهي. هتي ڪير به رڙ ڪري ماڻهن جو هجوم گڏ ڪري ڪنهن به آزاد سوچيندڙ تي 'ڪفر' - 'غداري' جو الزام هڻي سگهي ٿو.ڇا هڪ صحتمند ۽ مهذب سماج جا رهندڙ ماڻهو اهڙي طرح جا عمل ڪري سگهن ٿا؟

گهڻا ئي ماڻهو سماج ۾ پاڻ کي اخلاقي طور بهتر سمجهن ٿا پر جڏهن به ڪا ٻي مختلف ڳالهھ ٿيڻي هوندي آهي تهاها پنهنجي پسند جي اتي انتها ڪري ڇڏيندا آهن. يعني انتهاپسندي تي لهي ايندا آهن

انتهاپسنديءَجا ٻه قسم آهن.

1-   هڪ اها انتہاپسندي،جيڪا فرد جي ذات تائين محدود هجي.

مثال طور: اهو جيڪو سوچي ٿو، سمجهي ٿو يا وري پنهنجي پاڻ انفرادي حد تائين ڪري ٿو.جنهن ۾ ڪنهن ٻئي جو ڪو تعلق نه هجييا تڪليف نه اچي

2-هي انتهاپسندي جو اهو رويو آهيجنهن ۾ اجتماعي ڳانڍاپو هوندو آهي،جنهن ۾ فرد اهو سوچي سمجهي چئي ٿوته جيئن آئون چاهيان اهو ئي سڄو سماج هجي مطلب ته سڀ طور طريقا ائين ئي هجن جيئن اهو پاڻ چاهي.

 

هر ڪنهن جي پنهنجي ذاتي زندگي آهي،ان کي اهو حق حاصل ته اهو ان زندگيءَ جو جشن ملهائيپر ڇا ان وٽ اهو به حق آهي ته جو اهو جشن ملهائيٻين جو جيئڻ حرام ڪري؟ ڪنهن رنگ نسل،ذات مذهب ۽عقيدي جي نالي؟

انسان فاني آهي هر انسان کي مرڻو آهي پر اها زندگي به خطرناڪ جيڪا ٻين انسان کان جيئڻ جو حق کسي وٺي.

 جيڪڏهن ڪير پاڻ کي مهذب سمجهي ٿو ته ان کي آزاد سوچ رکي ٻين کي سوچڻ سمجهڻ ۽ جيئڻ جو حق ڏيڻو پوندو- جيترو اهوپنهنجي پاڻ لاءِ سمجهي ٿو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment