شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

ملڪ جو 1973ع وارو آئين، بنيادي حق ۽ انساني حقن جي تعليم


شام 08 لڳي 10 منٽ -اربع 03 جون 2020  306 
image-1

حصو پهريون

ول ڊيورانٽ چيو هو ته ”سائنس ماڻهو کي علم ڏئي سگھي ٿي پر ڏاهپ صرف فلسفو ڏي ٿو.“ ڪنهن ڏاهي چيو هو ته “دنيا ۾ هر ماڻهو فلسفي آهي، ڇو ته هر ماڻهو جي ڪا نه ڪا سوچ ويچار هوندي آهي، هر ماڻهو جو ڪنهن به مسئلي تي ڪو نه ڪو نقطه نظر هوندو آهي، تنهنڪري اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته دنيا جي سڀني علمن جي ماءُ فلسفو آهي، ٻيا سڀئي علم فلسفي منجهان نڪتا آهن.” جڏهن ته حقيقت اها آهي ته فلسفو ڏکين معاملن، ڳالهين ۽ شين کي آسان ڪري پيش ڪري ٿو. جڏهن اسان پنهنجي موجوده نصاب تي نظر وجھون ٿا ته اهو ئي نصاب اسان جي ابن ڏاڏن، مون سميت اسان جو ايندڙ نسل به اهو اسڪولن ۾ پڙهي رهيو آهي، اها به حقيقت آهي ته اڄ توهان پنهنجي موجوده نسل کي جيڪا به تربيت، علم ۽ سمجھه ڏيندئو ته ان جو واضح نتيجو توهان کي سماج ۾ ملندو. سماج جي اوسر، بيهڪ ۽ بنياد اسان جي علم، صحيح ڄاڻ تي ٻڌل هوندو آهي، سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جا رويا فڪري، علمي،  ادبي ۽ سائنسي ڄاڻ تي ٻڌل هوندا ته اهو سماج ترقيءَ جي راهه تي گامزن هوندو پر جيڪو سماج جاگيرداري، غير سائنسي سوچ ۽ بيخبري تي ٻڌل هوندو ته ان سماج جا رويا، سوچون، ارادا ۽ عمل به ان جاگيرداري سوچ تي بيٺل نظر ايندا، پوءِ ڀلي ان جو نظريو انقلاب ۽ جمهوريت سان لاڳاپيل هجي پر اها سوچ ظاهري طور ٺيڪ هوندي پر مجموعي طور ڪنهن چلڪڻي پني وانگر ماڻهو کي گش ڪري ويٺي هوندي. مون کي يادگيري ٿي اچي ته جڏهن مون ٻارهون درجو پاس ڪيو ته مون وٽ ۽ منهنجي مائٽن وٽ روايتي طور ڪيريئر جي چونڊ ڪرڻ لاءِ ٻه رستا هئا، منهنجو پٽ ڊاڪٽر ٿيندو يا اهو انجينئر ٿيندو، جڏهن مون نائين ڪلاس کان وٺي ٻارهين درجي تائين نصاب ۾ شامل جيڪي به ڪتاب پڙهيا هئا، اهو  ساڳيون مدي خارج نصاب موجوده دور جو نوجوان پڙهي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ پهرين درجي کان وٺي اٺين درجي تائين نصاب ۾ شامل سبجيڪٽ جهڙوڪ سماجي اڀياس، اسلاميات، رياضي، سائنس، انگريزي، سنڌي، اردو ۽ ٻيا سبجيڪٽ ملندا پر توهان کي پاڪستان جو 1973ع جو آئين ان ۾ بنيادي حق خاص طور پهرين باب جو تعارف ۽ ان ۾ شامل شقون (Articles) 8 - 28 تائين، باب ٻيو پاليسي جا اصول (Principles of Policy ۾ شامل شقون 40-29 انساني حق (Human Rights)، انساني حقن جو عالمي پڌرنامو (Universal Declaration of Human Rights)، گڏيل قومن جو چائيلڊ رائيٽس ڪنوينشن (Child Rights Convention)، اسان جي ابتدائي نصاب ۾ شامل ناهن.

“ڪنهن به ملڪ جي نظام تعليم ۾ نصاب جي بنيادي اهميت هوندي آهي. نصاب (Syllabus/Curriculum) شاگردن جي ذهن سازي، ڪردار ۽ روين جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اسان جيڪو به پنهنجي ٻارن کي پڙهايون ۽ سمجهايون ٿا ان جو واضح جهلڪ سماج ۾ نظر ايندي آهي، بدقسمتي سان پاڪستان جو شمار ان ملڪن ۾ ٿئي ٿو جتي انساني حقن، آئيني ۽ بنيادي تعليم جي حوالي سان ڪڏهن به ڪي خاطر خواه ڪوششون ناهن ورتيون ويون آهن. چار ڏهاڪن ۾ حڪومتن  ۽ ماهر تعليم نئين نسل کي مذهبي سانچي ۾ وجھڻ جي ڄاڻي واڻي ڪوشش ڪئي آهي، ان جو نتيجو اسان جي سامهون آهي پر ان کان وڌيڪ پريشاني ان ڳالهه جي آهي ته اسان وٽ ڪنهن به سياسي جماعت جو منشور ۽ ايجنڊا ۾ ڪٿي به انساني حقن جي تعليم ترجيهه ۾ شامل ڪونهي، تنهنڪري اسان جي حڪومتن، سياسي جماعتن ۽ ماهر تعليم کي هن ڳالهه جو احساس ڪرڻ گھرجي ته انساني حقن جو عالمي پڌرنامو ۽ آئين ۾ شامل بنيادي حقن کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گھرجي بلڪه شاگردن کي اهو ٻڌائڻ گھرجي ته ماڻهن جو ۽ رياست جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟

ان سان گڏ اها ڳالهه به اهم آهي ته جديد دور ۾ ملڪ جي ترقي جو معيار اهو ناهي جو ان وٽ زمين ڪيتري آهي، هٿيار ڪيترا آهن يا انهن وٽ فوج ڪيتري آهي؟ بلڪه ان رياست جو معيار هن ڳالهه تي هئڻ گھرجي ته اتي انساني حقن جي بنيادي صورتحال ڪهڙي آهي؟ اتان جي ماڻهن کي بنيادي حق ڪيتري حد تائين ميسر آهن؟ رياست ۽ ماڻهن جو پاڻ ۾ رشتو ڪيترو مضبوط آهي، ان پسمنظر ۾ انساني حقن جي تعليم جي اهميت اڃا به وڌي ٿي وڃي. نصاب ۾ انساني حقن جي تعليم شامل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت به آهي. اسان کي ابتدائي جماعت کان اعليٰ جماعت تائين شاگردن کي انساني حقن جي تعليم ڏيڻ گھرجي پر ائين به وڌيڪ بهتر ٿيندو ته شاگردن کي عالمي منشور ۽ ان جون شقون پڙهڻ سان گڏوگڏ تخليقي انداز، سبق ڀرين ڪهاڻين جي صورت ۾ پڙهائڻ گھرجي ۽ ان سان گڏ انساني حقن جي تحريڪ سان جڙيل ڪردار جي صورت ۾ به تعليم ڏني وڃي ته جيئن ان جي دلچسپي به وڌي ۽ نه صرف انساني حقن جي تعليم ملي بلڪه اهي انساني حقن جا متحرڪ ڪارڪن ۽ سٺا شهري به ٿي سگھن.” (عاصمه جھانگير اڳوڻي چيئر پرسن پاڪستان ڪميشن براءِ انساني حق) جي آرٽيڪل مان ترجمو ڪيل “نصاب مين انساني حقوق کي تعليم شامل کرنا کتنا اهم هي؟” ڪتاب همارا نصاب اور انساني حقوق کي تعليم (جون 2017ع صفحو نمبر 11 کان 12 تائين)

       اچو ته هيٺ تفصيلي طور وضاحت ڪريون:

*     آئين ڇا آهي؟

*     پاڪستان جو 1973ع جو آئين (بنيادي حقن جو پهرين باب جو تعارف آرٽيڪل 6 کان 28 تائين)

*     پاليسي جا اصول(آرٽيڪل 29 کان 38 تائين)

*     انسان حق/انساني حقن جو عالمي پڌرنامو

*     ڪيريئر ڪائونسلنگ

1-آئين ڇا آهي؟

آئين هڪ قسم جو سماجي معاهدو آهي، جيڪو رياست، سماج ۽ ماڻهن کي پاڻ ۾ ملائي يا گڏ ڪري ٿو. (جڏهن پاڪستان جي آئين کي سپريم سمجھيو ٿو وڃي ته پوءِ 1973ع جي آئين جي بنيادي ڄاڻ نصاب ۾ شامل ناهي، اسان جي نوجوانن کي آئين، انساني حقن جي تعليم کان ڇو پري رکيو ويو آهي؟

2- بنياي حق ڇا آهن؟

بنيادي حق پاڪستان جي 1973ع جي آئين باب پهريون شق نمبر 8 کان 28 تائين شامل آهن جن ۾ پاڻ ڪجھه شقن جي باري ۾ وضاحت ڪنداسين:

شق نمبر 9: شخصي حفاظت (سلامتي)

شق نمبر 10: گرفتاري ۽ نظر بنديءَ جو بچاءَ

شق نمبر 11: غلامي، زبردستي پورهيو وغيره منع آهي

14 سالن کان گھٽ ڄمار واري کي ڪنهن به ٻار کي ڪنهن به ڪارخاني ۾ يا کاڻ ۾ يا ڪنهن ٻي جوکي واري ڪم (ڌنڌي) سان نٿو بيهاري سگھجي.

شق نمبر 16: گڏجاڻي جي آزادي

شق نمبر 19: تقرير جي آزادي وغيره

شق نمبر (A) 19: ڄاڻڻ جو حق

شق نمبر 25: شهرين جي برابري

شق نمبر (A) 25 تعليم جو حق

رياست 5 سالن کان وٺي 16 سالن جي عمر جي ٻارن کي مفت ۽ ضروري تعليم مهيا ڪندي، پر قانون موجب (ارڙهين ترميم کان پوءِ تعليم، صحت ۽ ٻيا کاتا صوبن جا اسم آهن).

3- پاليسيءَ جا اصول

پاليسي جا اصول آئين جي باب ٻي ۾ بيان ٿيل آهن جنهن ۾ پاڻ ڪجھه اهم شقن تي وضاحت هيٺ ڪنداسين:

شق نمبر 33: تنگ نظري ۽ ٻين ساڳين تعصبن جو خاتمو

حڪومت، شهرين ۾ تنگ نظري، نسلي، قبائلي، فرقيواراڻه ۽ صوبائي تعصب جو خاتمو آڻيندي (همت افضائي نه ڪندي).

شق نمبر 34: قومي زندگي ۾ عورتن جو ڀرپور حصو (شرڪت)

 اهڙا قدم کنيا ويندا ته جيئن عورتن کي قومي زندگي جي سڀني دائرن ۾ ڀرپور حصي وٺڻ جي ضمانت هجي.

شق نمبر 35: ڪٽنب (خاندان) جي حفاظت وغيره

حڪومت، شادي، ڪٽنب، ماءَ ۽ ٻارن جي حفاظت ڪندي

شَق نمبر 36 اقليتن جي حفاظت

حڪومت، اقليتن جي جائز حقن، واسطن ۽ انهن جي وفاقي ۽ صوبائي نوڪرين ۾ واجبي نمائندگي جي حفاظت ڪندي.

شق نمبر 37: سماجي انصاف کي ترقي وٺرائڻ ۽ سماجي براين جي پاڙ پٽڻ

(الف) خاص خبرداري سان، پٺتي پيل طبقن يا ايراضين جي تعليمي ۽ اقتصادي ناتن کي ترقي وٺرائيندي.

(ب) جهالت کي ختم ڪندي ۽ سانوي تعليم کي گھٽ ۾ گھٽ عرصي اندر مفت ۽ لازمي ڪرڻ جو بندوبست ڪندي.

(ث) هنري ۽ پيشيواراڻي تعليم کي عام ڪندي ۽ لياقت جي بنياد تي اعليٰ تعليم کي سڀ ڪنهن جي پهڇ اندر ميسر ڪندي.

(د) گھٽ خرچ سان جلد انصاف ڪندي

شق نمبر 38: ماڻهن جي سماجي، اقتصادي ۽ خوشحالي جو واڌارو

(ب) ملڪ جي موجود وسيلن مطابق سڀني شهرين لاءِ ڪم جون سهولتون، مناثب زندگاني، واجبي آرام ۽ فرصت پيدا ڪندي،

(د) اهڙن شهرين کي جنس، ذات، مذهب يا نسل جي ويڇي رکڻ کانسواءِ، جيڪي مستقل يا عارضي طور ڪمزوري، بيماري يا بيروزگاري سبب گذران نٿا ڪري سگھن (يا پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ ڪمائي نٿا سگھن) بنيادي ضرورتون جهڙوڪ کاڌو، ڪپڙو، گھر، تعليم، طبي امداد مهيا ڪري ڏيندي.

(ع) فردن جي وچ ۾، جن ۾ اهي به شامل آهن، جيڪي پاڪستان جي نوڪرين جي مختلف طبقن ۾ آهن، آمدني ۽ ڪمائي جو تفاوت گھٽائيندي.

(ف) جيترو جلد ٿي سگھي، اوترو وياج کي ختم ڪندي .

(هلندڙ)

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment