شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

انساني خوف جون صورتون


شام 05 لڳي 01 منٽ -سومر 01 جون 2020  335 
image-1

انسان جي سموري ڄمار مختلف منجهائيندڙ ڪيفيتن مان گذرندي آهي. انسان جي ذهني حالت هر وقت هڪ جهڙي ناهي رهندي، مختلف جذبا، مختلف امنگون ۽ مختلف اڌما ان جي ذهن ۾ گردش ڪندا رهندا آهن. هونئن ته جذبا ڪافي آهن پر جيڪڏهن نفسياتي اعتبار سان ڏٺو وڃي ته سڀ کان پيچيده ۽ خطرناڪ جذبو خوف جو هوندو آهي، يعني anxiety  خوف ڇا آهي؟ اهو سوال هر ذهن ۾ ناهي ايندو، بلڪه سوچيندڙ ذهنن ۾ ايندو آهي. خوف کان ڪير به انسان بچي نٿو سگهي. هر انسان کي ڪٿي يا ڪنهن به ريت خوف ٿيندو آهي.

انسان توڙي جانور به خوف واري جذبي جي اثر هيٺ هوندا آهن، بلڪه خوف جذبي سان گڏ هڪ حد تائين ماڻهو جي instinctive تجربن ۾ اچيو وڃي. خوف انسان کان جرئت جو اظهار کسي ڇڏيندو آهي. گهڻا ئي ماڻهو سچ ۽ حق جي ڳالهھ ڪرڻ ۾ ڪيٻائيندا آهن، جڏهن ته انهن کي اها پڻ خبر هوندي آهي ته حق سچ ڇا آهي پر اهو poine phobia جا مريض هوندا آهن. يعني انهن کي سزا جو خوف هوندو آهي ۽ اهو ضروري ناهي ته فقط سزا جسماني ئي هجي، ڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن جسماني اذيتن کان وڌيڪ ذهني اذيتون خطرناڪ ثابت ٿينديون آهن. هر فرد آزاد پيدا ٿئي ٿو پوءِ اهو پيدا ٿيڻ کان پوءِ مختلف سماجي ۽ مذهبي عقيدت، سياسي ۽ اخلاقي خوفن جو شڪار ٿي ويندو آهي.

خوف جو حملو ڪهڙي به ڄمار ۽ ڪنهن به وقت ڪنهن کي به ٿي سگهي ٿو. خوف ننڍو وڏو ناهي ڏسندو، خوف جا هونئن ته ڪافي قسم آهن پر ڏٺو وڃي ته ٻه بنيادي خوف جا قسم ٿيندا آهن.

1-حقيقي خوف Instinctive anxiety

2-غير حقيقي خوف Acquired anxiety

حقيقي خوف هڪ اهڙي قسم جو خوف آهي، جنهن جو تعلق سچ ۽ زندگيءَ جي ڪڙين حقيقتن سان هوندو آهي.

يعني فرض ڪريو؛ توهان هڪ زهريلو نانگ ڏسو ٿا ۽ اوچتو خوف وٺجي ٿا وڃو، پر جڏهن اهو نانگ مري ويندو آهي يا نظرن کان غائب ٿي ويندو آهي ته خوف ختم ٿي ويندو آهي ۽ ڪجهه اهڙا به ماڻهو اوهان کي ملندا جيڪي نانگ جي مرڻ کان پوءِ ان خوف جي اثر هيٺ ڪافي ڏينهن تائين متاثر رهندا آهن. جنهن کي نفسيات جي زاويي سانophidian phobia چيو ويندو آهي.

هي خوف انسان لاءِ فائديمند به هوندو آهي- يعني توهان پنهنجي پاڻ کي خطري کان آگاهه رکندا آهيو. هن وقت ڪورونا وائرس هلي رهيو آهي، جن کي ان مرض جو پتو آهي انهن ماڻهن کي خوف آهي، انهي ڪارڻ ته اهي پنهنجو تحفظ چاهين ٿا، اها سمجهداري آهي ته ڪنهن ٻئي ماڻهو کان پاسو ڪرڻ سماجي ميل جول ۾ ڪجهه عرصي تائين اهو خوف رکڻ ته هي وائرس جان کي جوکي ۾ به وجهي سگهي ٿو، پر جڏهن اهو وائرس ختم ٿي ويندو يا انهي جو علاج نڪري ويندو ته خوف پاڻهي ختم ٿي ويندو.

 انسان ذات اهڙن وائرسن کي اڳ به منهن ڏنو آهي ۽ هاڻي به ڏئي پئي. اڳيان هلي اهڙا ٻيا به خطرناڪ وائرس اچي ويندا جن کان وڌيڪ ڊڄڻ جي ضرورت ناهي بلڪه سمجهڻ جي ضرورت آهي. نفسيات جي ماهر وليم ووڊنٽموجب ”حقيقي خوف instinctive fear انسان جي اندر خطري جو احساس پيدا ڪري ٿو. اصل ۾ انسان کي ان خوفناڪ صورتحال کان پاسو ڪرڻ جي تمنا هوندي آهي، جڏهن اهڙي قسم جي صورتحال ختم ٿي ويندي آهي ته خوف، پنهنجو پاڻ فطري طور ختم ٿي ويندو آهي“.

غير حقيقي خوف  fear anxiety هن کي سولي ٻوليءَ ۾ فوبيا چيو ويندو آهي. انسان انهن شين کان خوف کائيندو آهي جن جو حقيقت سان ڪوبه واسطو ناهي هوندو. مثال طور جن ڀوت، پرين جو خوف -

اهڙي قسم جا خوف بلڪل غير عقلي ۽ غير حقيقي هوندا آهن.فوبيا ۾ انسان کي پاڻ خبر نه پوندي، ان سان ٿي ڇا رهيو آهي. لاشعوري طور اهو ماڻهو پنهنجي پاڻ کي عجيب محسوس ڪندو آهي.

پروفيسر James D جي قول موجب

“phobias are peculiar fears, in which patient are absurd but also unable to explain". (google)

هن مان مراد ائين ئي ٿيندي ته جيستائين خوف جو سبب نه هوندو، تيسائين ان فوبيا جي خبر نه پوندي.

فرد کي پاڻ به خبر ناهي هوندي ته اهو ڪهڙي فوبيا ۾ ورتل آهي، تنهنڪري ماڻهو کي پنهنجي خوف ضرور ڄاڻ هجڻ کپي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment