شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

خلاصہ قرآن - ٽيهون سيپارو - عم


شام 03 لڳي 50 منٽ -خميس 28 مئي 2020  176 
image-1

هن سيپاري ۾ ننڍيون وڏيون 37 سورتون آهن. جيئن ته ھن ۾ سورتن جو تعداد گهڻو آهي ۽ هڪ ننڍڙي مضمون ۾ هر هڪ جو الڳ الڳ خلاصو بيان ڪرڻ سان مضمون ڊگهو ٿي ويندو ان ڪري سيپاري جو مجموعي خلاصو پيش ڪجي ٿو:
هن سيپاري جون سڀ سورتون سواءِ ٽن جي مڪي آهن ۽ مڪي سورتن ۾ هيٺين ٽن موضوعن تي بحث ٿيل آهي
توحید: توحيد ۾ وري هيٺيون ڳالهيون شامل آهن:
-هن ڪائنات جو ڪو خالق، مالڪ ۽ منتظم هجڻ. هن موضوع تي ڳالهائيندي مخاطَب اهي آهن جيڪي مورڳين ڪنهن خدا جي وجود تي يقين نه ٿا رکن ۽ چون ٿا ته هيءَ ڪائنات هڪ خودڪار سرشتي تحت وجود ۾ آئي ۽ ان سرشتي تحت ئي هلي پئي. الله سائين هن ڪائنات جي مختلف اڪائين ڏانهن اشارو ڪندي هڪ مافوق الفطرت ذات جي وجود ڏانهن اشارو ڪري ٿو (ڏسو سوره الغاشية آيت 17-20).
-اهو خالق، مالڪ ۽ منتظم الله آهي، سولن لفظن ۾ ائين چئجي ته اها مافوق الفطرت ذات جنهن جي موجودگي ڏانهن ڪائنات جا مختلف مظاهر اشارو ڪن ٿا، اها ذات الله جي ذات آهي. (ڏسو سوره نبأ جو شروعاتي ۽ آخري حصو ۽ سوره نازعات آيت نمبر 25-33).
-الله اڪيلو آهي. الله سائين مختلف پاسن کان پنهنجي اڪيلي هجڻ جو اظهار ڪيو آهي:
ڪجھ ماڻهو الله کي خدا ته مڃين ٿا پر اهي سمجهن ٿا ته الله کي اولاد آهي جيئن عيسائي عيسى عليه السلام کي الله جو پٽ سمجهن ٿا يا مڪي جا ڪجھ ماڻهو فرشتن کي الله جون ڌيئرون چوندا هئا ته الله سائين ان ڳالھ کي سختي سان رد ڪيو آهي ته سندس ذات ۾ ڪير شريڪ نه آهي يعني نه هن ڪنهن کي ڄڻيو آهي نه پاڻ ڪنهن مان ڄڻجيو آهي، بلڪ هو اهڙي قسم جي ضروريات کان پاڪ آهي (سوره اخلاص). ان کي توحيد في الذات چئبو آهي ۽ الله جي ذات ۾ ڪنهن کي شريڪ ڪرڻ کي شرڪ في الذات چئبو آهي.
ڪجھ ماڻهو وري الله کي سندس ذات ۾ ته يڪتا سمجهن ٿا پر سندس صفات ۾ شرڪ ڪن ٿا يعني سمجهن ٿا ته الله واري صفات جو حامل ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو مثال جيئن الله هر ڳالھ ڄاڻي ٿو تيئن ٻي ڪا ذات به آهي جيڪا اهڙو ئي علم رکي ٿي جهڙو الله يا جيئن الله ٻڌي ۽ ڏسي ٿو تيئن ئي ٻيو ڪو به ٻڌي ۽ ڏسي ٿو پر الله سائين جڳھ جڳھ تي ان ڳالھ جو اظهار ڪيو آهي ته هو پنهنجي صفات ۾ يڪتا آهي، سندس صفات لا محدود، هميشہ قائم رهندڙ ۽ خود حاصل ڪرده آهن (سوره البروج، التين، العلق، الفيل، قريش) جڏهن ته ڪائنات ۾ ٻي ڪابه اهڙي هستي نه آهي جنهن جي ڪنهن هڪ صفت ۾ به مٿيون ٽئي خوبيون هڪ ئي وقت موجود هجن. تنهن ڪري الله جي صفات ۾ ڪنهن کي شريڪ ڪندڙ شرڪ في الصفات جو مرتڪب ٿئي ٿو.
توحيد جو ٽيون پهلو اهو آهي ته جڏهن ڪا به هستي نه الله جي ذات ۾ برابري ڪري سگهي ٿي نه صفات ۾ ته پوءِ عبادت ۽ پڪارڻ جي لائق به صرف الله جي ذات آهي. نبي صلي الله عليه وسلم جن جي دور ۾ اهو چلن به عام هو ته ماڻهو ڪجھ شخصيتن جي پوڄا ڪندا هئا ۽ جڏهن کانئن سوال ڪبو هو ته جڏهن توهان الله کي خدا مڃيو ٿا ته پوءِ هنن جي پوڄا ڇو ٿا ڪيو؟ ته سندن جواب هوندو هو ته اسان انهن جي عبادت ان ڪري ڪيون ٿا ته جيئن اهي اسان کي الله جي ويجهو ڪن ته الله سائين سمجهايو آهي ته اهي پاڻ توهان وانگر ٻانها هيا، اهي توهان جي سڏ کي نه ٿا ٻڌي سگهن، توهان سڌو سنئون الله کي پڪاريو ۽ ان کان سواءِ ٻين کي خدا نه بڻايو. توحيد جي هن پهلو جي خلاف ورزي يعني الله سان گڏ ٻين جي به پوڄا ڪرڻ کي شرڪ في حق العباده چئبو آهي.
رسالت: رسالت جي باب ۾ هيٺيون شيون سمجهايون ويون آهن:

-الله تعالى رسالت جو سلسلو حضرت آدم علیہ السلام کان شروع ڪيو ۽ مختلف ادوار ۾ مختلف علائقن ۾ الله سائين نبي مبعوث ڪيا، کين وحي ڪئي ۽ هنن به الله جو پيغام ماڻهن تائين پهچايو. يعني رسالت ۾ پهريون نڪتو رسالت کي ثابت ڪرڻ آهي ته اها ڪا انوکي ڳالھ نه آهي ته ڪنهن انسان کي الله سائين پنهنجو پيغام پهچائڻ لاءِ منتخب ڪري، ان مان امت کي اهو سمجھائڻ به مقصود آهي ته نبي صلي الله عليه وسلم جن ڪا ڳالھ پنهنجي طرفان نه چئي رهيا آهن ۽ نه ئي ڪا بلڪل نئين ڳالھ ڪري رهيا آهن بلڪ نبي صلي الله عليه وسلم جن جو نبي ٿيڻ نبوت ۽ رسالت جو تسلسل آهي جيڪو آدم عليه السلام کان شروع ٿيو.
-ٻئي نمبر تي نبي صلي الله عليه وسلم جن جي سچائي ۽ سندس اعلى اخلاق جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ھن وقت الله جي طرفان موڪليل رسول محمد صلي الله عليه وسلم آهي.
-رسالت جي باب ۾ آخري ۽ اهم ڳالھ اها ٻڌائي وئي آهي ته پاڻ صلي الله عليه وسلم جن آخري نبي ۽ رسول آهن، کانئن پوءِ نه ڪو رسول ايندو ۽ نه نبي.
آخرت: قيامت جا مختلف مرحلا بيان ڪيا ويا آهن:

-هڪ وڏي ڌماڪي سان هي ڪائنات تباھ ٿي ويندي، تمام جاندار مري ويندا (سوره نازعات، ڪُوِرت، القارعه). قرآن مجيد ۾ هن کي صور ۾ ڦوڪڻ به چيو ويو آهي.
-ٻيو دفعو صور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ سڀ مُردہ زنده ٿي ويندا ۽ الله جي سامهون حاضر ٿيندا (سوره نبأ). هن کي بعث بعد الموت چئبو آهي يعني موت کان پوءِ ٻيهر زندگي ملڻ. هن جي باري ۾ قرآن ۾ ڪافي جڳهن تي بحث ٿيل آهي. هي تمام اهم معاملو آهي ڇو جو آخرت تي ايمان هن سان لاڳاپيل آهي. نبي صلي الله عليه وسلم جن جڏهن آخرت، جزا ۽ سزا جو ذڪر ڪندا هئا ته منڪرن جو پهريون اعتراض اهو هوندو هو ته پھريون ته اسان کي اهو سمجهاء ته انسان جڏهن مري کپي وڃي ٿو، ان جي جسم جو ڪو حصو باقي نه ٿو رهي ته اهو ساڳيو انسان ڪيئن ٻيهر اٿي کڙو ٿيندو؟ ان ڪري بعث بعد الموت جيتوڻيڪ آخرت جو حصو آهي پر قرآن ۾ ان کي ڪافي جڳهن تي الڳ سان ۽ تفصيل سان سمجهايو ويو آهي ۽ معترضين جي اعتراضن جا جواب ڏنا آهن. پٺين سيپارن جي خلاصي ۾ اسان جڳھ جڳھ تي ان جو ذڪر ڪري آيا آهيون.
-سڀني انسانن کي سندن اعمال ناما ڏنا ويندا جن ۾ دنيا ۾ ڪيل سندن اعمال درج هوندا (سوره الانشقاق).
-اعمال جو وزن ڪيو ويندو (القارعه) يعني هڪ خاص ڪسوٽي تي اعمال کي پرکيو ويندو.
-آخري مرحلو جزا ۽ سزا جو آهي. جڏهن هر انسان پنهنجا اعمال پنهنجي سامهون ڏسندو ۽ وزن مان به خبر پوندس ته سندس اعمال جي ڇا وقعت آهي ته ان جي بنياد تي جنت جي نعمتن يا جهنم جي عذاب جو مستحق ٿيندو (الانفطار 13-16).
انهن ٽنهي موضوعن کي مختلف مثالن، پٺين قومن جي احوال، نبين سان ڪيل سندن سلوڪ ۽ ان جي نتيجي ۾ کين ملندڙ جزا ۽ سزا سان سمجهايو ويو آهي. يعني توحيد، رسالت ۽ آخرت تي ايمان رکندڙن جون صفات ۽ کين حاصل ٿيندڙ اجر، جڏهن نه مڃيندڙن جي بري انجام جو ذڪر آهي. الله سائين کان دعا آهي ته اسان جي قرآن تي ايمان کي مضبوط ڪري، ان کي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، اسان کي انهن منجهان بڻائي جيڪي ڪامياب ٿيندا نه ڪه انهن منجهان جيڪي ناڪام ٿيندا. آمين يارب العالمين. وما توفيقي الا بالله عليه توكلت وإليه انيب.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment