شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

مشڪل کان وڏو شعور


شام 03 لڳي 34 منٽ -خميس 28 مئي 2020  182 

إِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا
بيشڪ ھر مشڪل سان گڏ آساني آهي.
ھيء دنيا ازل کان وٺي واقعات، حادثات ۽ ارتقا جو سلسلو رھي آهي. تخليق ڪائنات يا بگ بينگ کان وٺي ھن وقت تائين ارتقا جو ھڪ سلسلو ھلندڙ آهي. ڌرتي پنھنجي پيٽ ۾ حادثات يا واقعات جي صورت ۾ ڪيترائي راز رکيون ويٺي آهي جن مان گھڻا راز کلي چڪا آهن ۽ گھڻا اڃان کلڻا آهن. ڌرتي تي ٿيندڙ ھر واقعو يا حادثو پنھنجو اثر رکي ٿو ۽ ھڪ قوت رکي ٿو جيڪا ماحول تي ۽ زندگيءَ تي اثرانداز ٿيڻ جي سگھ رکي ٿي، انھن ۾ تبديلي آڻڻ جي سگھ رکي ٿي. اھڙي طرح ماحول ۽ زندگي بہ قوت رکن ٿا. ڪنھن بہ حادثي يا واقعي جي اثر کي پنھنجي وجود ۾ گھٽائڻ يا وڌائڻ جي لاءِ پاڻ ۾ منفي يا مثبت تبديلي آڻڻ گهرجي. ڌرتي جي گولَي تي معدنيات، نباتات حيوانات رھن ٿا جيڪي حادثن، واقعن اثر ھيٺ ردعمل ڪن ٿا جنھن جي نتيجي ۾ انھن ۾ تبديلي اچي ٿي.
ڊائنوسار جو ڌرتي تان ختم ٿي وڃڻ، زهريلي گيسن جي اخراج سبب اوزون ليئر ٽٽڻ ڪري گرمي پد جو وڌجڻ، سونامي، زلزلن، آتش فشان جي ڪري ڌرتي جي مختلف ھنڌن تي ماحولياتي ۽ حياتياتي تبديليون اچڻ ان تبديليءَ جا ڪجھ مثال آهن. ھر حادثي ۽ واقعي جو اثر ڌرتي تي رهندڙ جاندار توڻي غير جاندار تي پوي ٿو ۽ غير ارادي طور تي انھن ۾ تبديليون اچن ٿيون. پر ڌرتي تي ھڪ جيوت اھڙو آھي جيڪو ارادي طور تي پاڻ ۾ حادثي ۽ واقعي جي اثر کي گھٽائي وڌائي بہ سگھي ٿو ۽ پاڻ ۾ يا ماحول ۾ تبديلي جي عمل کي ارادي طور تبديل بہ ڪري سگھي ٿو. اھو جيوت انسان آهي جيڪو ازل کان وٺي پاڻ ۾ ۽ پنھنجي ٻاھر جي دنيا ۾ ارتقا جي عمل کي جاري رکندو آيو آھي.
انسان ۾ اھي قوتون آھن جيڪي ٻي جيوت ۾ ناھن. ھن ۾ شعور جي قوت آهي، ارادي جي طاقت آھي، سمجھ جي طاقت آھي سوچڻ جي صلاحيت آهي ھو ٻين مخلوقات جيان ھر اثر ۽ ھر تبديلي جبري طور قبول ناھي ڪندو. ھو پنھنجا رستا پاڻ منتخب ڪندو آھي. ھن جي اھا صلاحيت ئي آهي جيڪا ھن کي ڌرتي تي شروعات کان وٺي ھن وقت تائين هر حادثي کان پوءِ وڌيڪ طاقتور ۽ اڳ کان بھتر ڪري بيھاريو آهي. ھن ھر حادثي، واقعي مان سکيو ۽ پرايو آھي ۽ پنھنجي ايندڙ نسلن کي ان حادثي کان وڌيڪ طاقتور ڪيو آهي. دنيا جي ھر خطي ۾ اھڙا گھڻائي مثال ملندا جن ۾ قومن پنھنجو پاڻ کي حادثن کان پوءِ اڃان وڌيڪ طاقتور ٿي اسري ڏيکاريو آھي. جن ۾ جاپان جو مثال ڏيڻ ڪافي آهي جنھن جي مٿان ايٽم بم ڪيرايو ويو ۽ ايٽم بم ڪرڻ کان پوءِ سڄي قوم ھڪ ٿي پاڻ کي سنڀالي ورتو، ھنن جي اڌ آبادي معذور ٿي وئي، معيشت تباھ ٿي وئي پر ھنن ان کي چيلنج طور قبول ڪيو ۽ ھڪ مڪمل منصوبي سان اڳتي وڌيا، ھنن ھڪ ھٿ بجائي ٻنھي ھٿن سان لکڻ شروع ڪيو ۽ ھٿيارن جي جڳھ تي اليڪٽرانڪس مارڪيٽ کي سامھون رکندي ان ۾ ايترو اڳتي نڪري ويا جو پابندين باوجود پنھنجي معيشت کي مٿي کڻي آيا ۽ دنيا جي مارڪيٽ ۾ راڄ ڪرڻ لڳا
ڪنھن بہ حادثي جي صورت ۾ ٻن قسمن جا نتيجا ملندا آھن ھڪ سڌا سوان نتيجا جن کي تبديل نہ ٿو ڪري سگھجي ٻيا جن کي تبديل ڪري سگھجي ٿو. مثال جڏھن ڪا خوشي جي خبر پوندي آھي تہ اھا ھڪ سوچ پيدا ڪندي آهي ۽ ان سوچ جي پويان عمل ٿيندو آهي ۽ ان عمل جو نتيجو وري سوچ سان جڙيل ھوندو آھي. خوشي ھجي يا ڏک عمل سوچ ڪرائيندي آهي جھڙي سوچ تھڙو عمل . اھا طاقت انسان ۾ آهي تہ ھو پنھنجي سوچ سان عمل ۾ ۽ نتيجن ۾ تبديلي آڻي سگھي ٿو
مٿي ذڪر ڪيل آيت بہ اسان کي ان طرف ڌيان ڇڪائي ٿي تہ انسان جو ذھن، سوچ ۽ ارادو ھن کي اللّٰه پاڪ جي طرفان عطا ڪيل اھڙيون نعمتون آهن جيڪي ھر مشڪل سان گڏ آساني پيدا ڪرڻ جا اوزار آهن جيڪي ٻين مخلوقات کي عطا ناھن ٿيل. انسان جي سوچ جڏهن صحيح رستي تي ڪم ڪرڻ لڳندي آهي تہ ھن لاءِ پاڻ حيران ڪن نتيجا پيدا ڪندي آھي. ڪنھن سياڻي جي چوڻي موجب حادثاتڪليفون ۽ مشڪلاتون عقلمند انسان کي حقيقت ۾ سنوارڻ لاءِ ھونديون آھن
ڪجھ حادثا قدرتي ھوندا آهن ۽ ڪجھ حادثا وري انسان جا پيدا ڪيل ھوندا آهن ٻنهي صورتن ۾ انسان جو رد عمل انسانيت جي بقا جو ضامن ٿي سگھي ٿو قدرتي حادثن کان بچاء جا اُپاءَ ڪرڻ ۽ پنھنجي غلطين کان سکڻ جي صورت ۾ ڪورونا وائرس واري موجوده صورتحال کي جيڪڏھن قدرتي يا خود انساني حادثو چئجي پوءِ بہ انساني رد عمل ان جي نتيجن کي انساني بقاء ۽ اڃان بہ ڪمال ڏانھن وٺي وڃي سگھي ٿو. شعوري سوچ ۽ سمجھ وارو عمل بھتري، فلاح ۽ ترقي ڏانهن وٺي ويندو جڏھن تہ جھالت ۽ ضد وارو عمل تباھي، بربادي ۽ زوال ڏانھن وٺي ويندو ظاھري طور تي ھن وقت تائين جو ھي ھڪ وڏو حادثو آهي جنھن ھن ٽيڪنالاجي واري دور ۾ بہ انسان کي بي وس ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ڏسجي تہ ھن واقعي سان گھڻيون شيون انسانيت لاءِ اک کوليندڙ بہ آھن جن سان آئينده جي وڏين تباھين کي منھن ڏئي سگھجي ٿو.
بائلاجيڪل ويپن جي دوڙ ۾ ھڪ غلطي بہ انسانيت جو نشان ختم ڪري سگھي ٿي. تنهن ڪري انسانيت جي لاءِ حدون اجتماعي مفادات کي سامھون رکي ڪري مقرر ڪرڻيون پونديون. هن حادثي مان اسان اهو سکيو آهي ته انسان جي قدرتي ماحول سان ھٿ چراند گھٽ ڪرڻ سان ماحولياتي گدلاڻ ۾ گهٽتائي اچي ٿي، جنگل، سمنڊ ۽ درياه صاف سٿرا ٿي وڃن ٿا. شھر، گھر ۽ گھٽيون صاف ۽ ھائجينڪ رکڻ سان ماحول انسان لاءِ وڌيڪ محفوظ ٿي پوي ٿو. رابطا، واسطا ضرورت مطابق ھجڻ جا تمام گھڻا فائدا آھن.
جيڪڏھن اسان سنجيده ٿي ڪري شعوري سوچ رکندي قومي عالمي يڪجھتي سان؛ پنھنجن مفروضن، ضد، اڻڄاڻائي ھٺ کي پاسي رکي؛ انھن ضابطن تي ھلنداسين جيڪي اجتماعي انساني مفاد ۾ آھن ته ھن مشڪل ۾ اسان لاءِ آساني پيدا ٿي پوندي ۽ انسانيت جي فتح ٿيندي

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment